ڪائنات جي سياري نمبر ٽئين ۾ ڪيترائي عظيم انسان پيدا ٿيا آھن، جن طب، علم ۽ آرٽ ۾ غير معمولي ڪم ڪيو آهي سنڌ وطن جو مصور اي آر آزاد به انھن مان ھڪ آھي… سندس ڪانسيپچوئل ڪم/بي رنگ، پر با معنيٰ اسڪيچ سنڌ جي آرٽ جو تاريخي اثاثو آھن… سندس شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب “فريم کان ٻاھر” پڙھڻ کانپوءِ کيس ھي نظم خراج عقيدت طور پيش ڪريان ٿو:
فريم کان ٻاھر بيٺل شخص
فريم کان ٻاهر ڇا آهي ۽ فريم جي اندر ڇا آهي…؟
پر ڪھڙي فريم ۾؟
زندگيءَ جي فريم ۾، شاعريءَ جي فريم ۾ يا مصوريءَ جي فريم ۾؟
…پر هڪ فريم اڪيلائيءَ جو به آهي!
۽ ها هڪ فريم ويرانيءَ جو به آهي.
گهڻو ڏور ڏور،
اڻ ڏٺل ڏسائن ۾ ڦھليل!
سمورن فريمن ۾
هڪ تنھا ۽ اداس ڪوتا ڪار آهي.
انھن فريمن جي بي پناهه ۽ اکين کان اوجهل وسيع وسعتن ۾
ان جي خوشبوءِ جهڙن خيالن جا پکي، پر هڻي رهيا آهن.
انھن پکين جي پرن جي ڦڙڦڙاهٽ سان
بي رنگ ۽ بي مروت هوا ۾
جذبن، احساسن ۽ خوابن جي جگنوئن جو جنم ٿئي ٿو
جيڪي آرٽ جي اونداهيءَ رات ۾
فريم کان پري بيٺل اداس، اڪيلي ۽ اوپري انسان کي زندگيءَ جي نويد ڏين ٿا.