شاعرينئون

شاعري

مجيب اوٺو

ڪائنات جي سياري نمبر ٽئين ۾ ڪيترائي عظيم انسان پيدا ٿيا آھن، جن طب، علم ۽ آرٽ ۾ غير معمولي ڪم ڪيو آهي سنڌ وطن جو مصور اي آر آزاد به انھن مان ھڪ آھي… سندس ڪانسيپچوئل ڪم/بي رنگ، پر با معنيٰ اسڪيچ سنڌ جي آرٽ جو تاريخي اثاثو آھن… سندس شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب “فريم کان ٻاھر” پڙھڻ کانپوءِ کيس ھي نظم خراج عقيدت طور پيش ڪريان ٿو:

 فريم کان ٻاھر بيٺل شخص

فريم کان ٻاهر ڇا آهي ۽ فريم جي اندر ڇا آهي…؟

پر ڪھڙي فريم ۾؟

زندگيءَ جي فريم ۾، شاعريءَ جي فريم ۾ يا مصوريءَ جي فريم ۾؟

…پر هڪ فريم اڪيلائيءَ جو به آهي!

۽ ها هڪ فريم ويرانيءَ جو به آهي.

گهڻو ڏور ڏور،

اڻ ڏٺل ڏسائن ۾ ڦھليل!

سمورن فريمن ۾

هڪ تنھا ۽ اداس ڪوتا ڪار آهي.

انھن فريمن جي بي پناهه ۽ اکين کان اوجهل وسيع وسعتن ۾

ان جي خوشبوءِ جهڙن خيالن جا پکي، پر هڻي رهيا آهن.

انھن پکين جي پرن جي ڦڙڦڙاهٽ سان

بي رنگ ۽ بي مروت هوا ۾

جذبن، احساسن ۽ خوابن جي جگنوئن جو جنم ٿئي ٿو

جيڪي آرٽ جي اونداهيءَ رات ۾

فريم کان پري بيٺل اداس، اڪيلي ۽ اوپري انسان کي زندگيءَ جي نويد ڏين ٿا.

زندگي…؟

پر ڪھڙي؟ رنگين يا بي رنگ؟

جي رنگين ته ڪھڙي ۽ ڪيترن رنگن جي؟

زندگيءَ جو هڪ رنگ ته وڏِي ويڪري

اک جي پڇڙيءَ تي ڪجل جي ڪارِي لڪير جهڙو به آهي،

زندگيءَ جو هڪ رنگ نڪ ۾ پيل اڇي هيري

۽ اک مان ڳڙي ايندڙ اڇي ڳوڙهي جهڙو به آهي.

زندگيءَ جو هڪ رنگ شفق شام جهڙو به آهي.

جيڪو سورج ديوتا آخري ساعتن ۾ عطا ڪندو آهي،

ان کانپوءِ،

زندگي ڊآرڪ ٿي ويندي آهي

جنهن ۾ نه ڪو چنڊ هوندو آ ۽ نه ئي ستارا هوندا آهن

يعني ويران آسمان ۽ ويران زندگي

يعني بي رنگ ڪئنواس ۽ بي رنگ زندگي

اهڙي ئي بي رنگ ڪئنواس تي

اڀري آيل انيڪ لڪيرن ۾ موجود آهي اي آر آزاد.

***

وائي

آتم دراوڙ

کَٽَ تي وڇيل رلهي،

جَي ٿو ويڙهيان ٿا ڊَهن،

چِٽَ تُنهنجي چيلھ جا.

منهنجي ڪمري ۾ اڪيلا،

تو پڄاڻان ٿا رهن،

چٽ تنهنجي چيلھ جا.

پَلَ ۾ ڪيئي دفعا ڏس،

بي سختا چميا لبن،

چٽ تنهنجي چيلھ جا.

روپ منهنجي روح مان،

تنهنجو ٻاهر ٿا ڪڍن،

چٽ تنهنجي چيلھ جا.

توکي هڪڙي دانهن ڏيان،

ڪو نه ٿا مون سان ٺهن،

چٽ تنهنجي چيلھ جا.

ڪونه ڀيٽيندس وحي،

انهن کان زياده ٿا لَهن،

چٽ تنهنجي چيلھ جا.

***

غزل

فراخ جانوري

کڻي سھڻيون پڳيون آھن ادائون چيٽ چانڊوڪيون،

ھلي آ پاڻ ڀي ماڻيون ھوائون چيٽ چانڊوڪيون.

ڪرن ٿيون سونھن جون ڪيڏيون سخائون چيٽ چانڊوڪيون،

پيون رنگن کي ارپن ٿيون جلائون چيٽ چانڊوڪيون.

گلن جا رنگ مھڪارون ۽ چمپا چاندني راتيون،

ھي جنت جيئن ڳوٺن جون ادائون چيٽ چانڊوڪيون.

وڻن ٻوٽن ولين تازا نوان نت ويس پاتا هن،

پيون ھن خوب مھڪي من ڏسائون چيٽ چانڊوڪيون.

ھجين جي تون ڪيون ڪومل رھاڻيون روح سان ويھي،

ڏئن ٿيون نينھن جون نرمل ندائون چيٽ چانڊوڪيون.

وڌائن روز ٿيون توبن اڃا ڀي درد ھن دل جا،

ھي راحت بخش فطرت جون عطائون چيٽ چانڊوڪيون.

اکيون بيچين آھن ۽ ھيئون ورھن کان خالي آ،

نٿيون توبن ڀرن دل جون خلائون چيٽ چانڊوڪيون.

ڀنيءَ جو بلبلون ڳيرا رسيلا گيت ڳائن ٿا،

سڄو ماحول مھڪي ٿو فضائون چيٽ چانڊوڪيون.

اوھان ناھيو ته اندر جون وڌن ٿيون روز ويرانيون،

بڻيون مون لئه فراخ آھن سزائون چيٽ چانڊوڪيون.

***

گيت

‎عرفان آزاد

تون آئين بهار وانگر

‎روشنيءَ جي قطار وانگر

‎ساھَ ۾ مستيءَ جا رنگ آيا

‎خواب  جي  انتظار وانگر

‎تون آئين بهار وانگر

‎‎تنهنجا لمحا عشق جا گيت

‎پيار جي شمع جهلڪار وانگر

‎تون آئين بهار وانگر

‎‎چنڊ راتين ۾ نور چمڪي

‎نيڻ تنهنجا رازدار وانگر

‎تون آئين بهار وانگر

‎‎ساگر جي موجن  ۾ لهر  آ

‎نانءُ تنھنجو فخر وار وانگر

‎تون آئين بهار وانگر

‎‎وقت جي رستن تي تون آهين

‎راهه ۾ گل خوشگوار وانگر

‎تون آئين بهار وانگر

***

غزل

ممتاز علي ٿرواسي

ڪيترا ڪــــــوڙ تنهنجـــا هئا قول ۾

ياد جـا رات گل ٿـي جهُليا جهول ۾

چاشني جنهن چکي چاهتن جي هئي

سو ســـدا لاءِ ٻڌجــــــي ويو ٻول ۾

منهن مٿان وار ٿي ورق ٿِي ڄڻ وريا

وجهه وٺي مون چتائي ڏٺو ڍول ۾

سڀ سِـڪا قيمتي ڪونه هيرا هئا

ڪالهه ڪيڏا ڏٺم ڪاو ڪشڪول ۾

نيڻ ڏيئا هئا باک جــــي ماڪ جا

هيڪلي هانءُ هاريون هنجون هول ۾

ماٺ “ممتاز” جي مڌ مزا مئڪشي

ٿـــي ســموري رنگيني رهي رول ۾.

***