نئون

نائيجيريا جي عورت کي سنڌ جي عورت کان بهتر کاڌ خوراڪ ملي رهي آهي: گڏيل قومن جي اداري جي رپورٽ ۾ انڪشاف

گڏيل قومن جي اداري پاران پڌري ٿيل هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته نائيجيريا جون غريب عورتون به سنڌ جي غريب عورتن کان بهتر کاڌ خوراڪ حاصل ڪري رهيون آهن. ٻه سال اڳ سڄي دنيا جي رهنمائن پاران 2030 تائين دنيا جي ترقي وٺرائڻ جو ايجنڊا شروع ڪيو ويو هو ان وقت جي ايجنڊا ۾ اهو چيو ويو هو ته دنيا ۾ ترقي سان گڏ مرد ۽ عورت وچ ۾ تفاوت کي به ختم ڪيو ويندو جڏهن ته صرف ٻن سالن جي عرصي ۾ ان جي خراب رپورٽ منظر تي آندي وئي آهي. هن رپورٽ ٺاهڻ لاءِ جنهن ملڪ تي سروي ڪيو ويو هو انهن ۾ ڪولمبيا، نائيجيريا، آمريڪا ۽ پاڪستان شامل آهن. رپورٽ ۾ اهو چيو ويو آهي ته نائيجيريا جي غريب علائقن جي عورتن جو 18.9 سيڪڙو ضرورت کان گهٽ وزن رکن ٿيون جڏهن ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ اهڙين عورتن جو تعداد 40 سيڪڙو آهي. واضح رهي ته صحتمند انسان لاءِ متوازن غذا ضروري هوندي آهي جنهن ۾ تمام ضروري غذائي جزا موجود هجن. عورتن ۾ ته انهن شين جي اڃان وڌيڪ ضرورت هجي ٿي ڇاڪاڻ ته عورت هڪ ماءُ به بڻجي ٿي ۽ بعد ۾ پنهنجي ٻارن جي خوراڪ جو بندوبست به عورت جي کير تي ئي هوندو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته کاڌ خوراڪ جي گهٽتائي سبب ڳورهاري عورتن جي موت جو انگ سڄي دنيا ۾ 38 سيڪڙو آهي. رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته کاڌ خوراڪ سان گڏ اهڙين عورتن کي کاڌو پچائڻ لاءِ صاف ٻارڻ جي به گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ملڪ اندر سرائيڪي عورتون سڀ کان بري حالت ۾ رهي رهيون آهن جنهن جو تعداد 86 سيڪڙو آهي. جڏهن ته اردو ڳالهائيندڙ عورتن جو تعداد 17.8 سيڪڙو آهي. سرائيڪي عورتن ۾ 4.8 سيڪڙو کاڌي پچائڻ لاءِ صاف ٻارڻ جي گهٽتائي جي مسئلي کي منهن ڏيئي رهيون آهن.