ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جي هلندڙ جنگ جتي پوري دنيا کي پريشان ڪيو آهي اتي پاڪستاني حڪمرانن جا وارا نيارا ٿي ويا آهن. مهانگائيءَ جو طوفان ائين برپا ٿي رهيو آهي ڄڻ جنگ ئي اسان جي ملڪ سان ٿي رهي آهي. اڄڪلهه هر هنڌ ساڳي ڪهاڻي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي ته جنگ سبب پيٽرول جي قيمتن ۾ هر روز بي انتها واڌارو ٿي رهيو آهي. بجليءَ جا اگهه آسمان کي ڇُهي رهيا آهن. گئس جي قيمتن غريبن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي. اهو صرف انگن اکرن جو معاملو ناهي. جڏهن پيٽرول مهانگو ٿئي ٿو ته ڀاڄيون، اٽو، دوائون، ڪرايو/ڀاڙو مطلب ته سڀ ڪجهه وڌي وڃي ٿو ۽ ان جا اثر ڏهاڙيدار مزدور طبقي ۽ محدود پگهاردار ماڻهن تي پوي ٿو. جڏهن ته حڪمرانن جون عياشيون جيئن جو تيئن برقرار رهن ٿيون. هن سرمائيدار سماج ۾ غريبن جي اهنج جو ڪو علاج ڪونهي، گهر جو چرخو هلائيندڙ کي خبر آهي ته جڏهن 150,000 رپين جي پگهار مان بجلي ۽ گئس جو بل به ڀرڻو آهي. سڄي مهيني لاءِ راشن به وٺڻو آهي، سڄو مهينو ڀاڄيون به وٺڻيون آهن، ٻارن جي اسڪول جي فيس به ڏيڻي آهي، بيمار ماءُ پيءُ جون دوائون به وٺڻيون آهن، اهي سڀ پئسا ڪٿان ايندا؟ حڪمرانن طرفان ته اهو چيو ويندو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ اتار چڙهاؤ ۽ آءِ ايم ايف جي نون شرطن جي ڪري، پيٽرول ۽ بجلي جون قيمتون وڌائي رهيا آهيون، پر عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪابه حڪمت عملي ڪانهي، جنهن ڪري ماڻهن ۾ حڪومت خلاف شديد ڪاوڙ جي لهر ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڇو ته سمورين مصنوعات ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ڪيترائي بحران پيدا ڪري رهيو آهي. سچ اهو آهي ته ماڻهن مان هاڻي برداشت جو مادو ختم ٿي چڪو آهي. مسلسل واڌ جو هي سلسلو ڪو هڪ ڏينهن جو مسئلو ناهي، پر اهو سڄي زندگي جو بحران آهي. روزانو مهانگائيءَ جو طوفان ڏسي ماڻهن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪو حڪمران هن مهانگائي تي ماڻهن جو اعتماد پيدا ڪري. ڇو ته پاڪستان ۾ پيٽرول، بجلي ۽ گئس جي قيمتن ماڻهن جي زندگين کي ناقابل برداشت بڻائي ڇڏيو آهي. مهانگائي جو هي طوفان هر گذرندڙ ڏينهن سان تيز ٿي رهيو آهي. گهريلو بجيٽ بيوس بڻجي وئي آهي، غريب طبقي جي ڪمائي آمدني کان وڌيڪ خرچن ۾ هلي وڃي ٿي. عالمي منڊي ۾ ٻارڻ جي قيمتن ۾ هڪ جھٽڪو اچي ٿو يا آءِ ايم ايف جي شرطن جي سختي ٿئي ٿي ته غريب ماڻهن تي اهڙي معاشي باهه ٻاري وڃي ٿي ڄڻ هو ڪنهن ڌارئي ملڪ جو شهري هجي.