نئون

ايپل واچ لاءِ واڪي ٽاڪي ايپ تيار

ماضي جي دور ۾ واڪي ٽاڪي ادارن پاران رابطي لاءِ استعمال ٿيندي هئي. ان کان علاوه عام ماڻهو ان کي راند جي طور تي به استعمال ڪندا هئا هاڻي ان واڪي ٽاڪي جي ياد ۾ واڪي ٽاڪي ايپ ٺاهي آهي، جنهن ذريعي به ماڻهو پاڻ ۾ ڳالهائي سگهندا. هي هڪ طرح واٽس اپ جهڙي ايپ آهي، جنهن ۾ يوزر پنهنجو واٽس اپ پيغام موڪلي سگهي ٿو. سومر ڏينهن ايپل جي چيف آپريٽنگ آفيسر پاران هڪ آءِ ٽي جي نمائش دوران هن ايپ کي متعارف ڪرايو ويو. ان موقعي تي هن جو چوڻ هو ته ايپل واچ رابطي، جان بچائڻ ۽ صحت کي برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ هاڻي نئين او ايس جي لانچنگ بعد ايپل فون اڃان به وڌيڪ ڪاميابي ماڻيندي. هن وڌيڪ چيو ته واڪي ٽاڪي ذريعي به ماڻهو هڪ ٻئي سان آساني سان رابطو ڪري سگهندا. ايپل جو چوڻ آهي ته هي ايپ سليولر ۽ واءِ فاءِ ٻنهي نيٽ ورڪن تي ڪم ڪري سگهي ٿي. جڏهن ته ان جي مدد سان پوري دنيا ۾ تيز رفتار، ذاتي ۽ خفيه رابطو قائم ڪري سگهجي ٿو. ان طريقي سان فون ڪال بجاءِ هڪ بٽڻ ذريعي ڪال ڪرڻ آسان ۽ محفوظ رهندو.