اناالحق جو نعرو هڻندڙ “سچل سرمست” سنڌ جو جڳ مشھور حق سچ جو سنڌي شاعر ھو. سندس اصل نالو عبدالوھاب هو. سچل سرمست جي پيدائش 1739ع ۾ اڳوڻي خيرپور رياست جي ڳوٺ درازا ۾ ٿي. پاڻ به وڏو عالم هو. ان جو اصل نالو ته عبدالوھاب ھو، پر سندس صاف گوئي کي ڏسي ڪري ماڻھو کيس سچو يعني سچ ڳالھائڻ وارو چوڻ لڳا، پوءِ ان جي شاعري جا شعلا ڏسي ڪري کين سرمست به چيو ويو. سنڌي شاعريءَ ۾ سندس تخلص سچل، سچو ۽ سچيڏنو آهي ۽ فارسيءَ ۾ آشڪارا تخلص ڪم آندو اٿائين. پاڻ سنڌي کان علاوه عربي، سرائيڪي، پنجابي، اردو، فارسي ۽ بلوچي ٻولين ۾ پڻ شاعري ڪئي جنھن سبب کيس ھفت زبان شاعر پڻ سڏيندا هئا. سچل جي سموري زندگي جذب ۽ جلال ۾ گذري. سندس حياتيءَ ۾ درگاهه تي سماع ٿيندو هو. سچل سرمست کي پنهنجي دور جو منصور ثاني سڏيو ويو آهي. جڏهن ته فڪري طور تي اڄ به سچل سرمست جو ئي دور آهي. هن جي فڪر، فهم، فلسفي ۽ خيال جي اهميت تمام گهڻي بلند ۽ بالا آهي. ڇو ته سندس دور ۾ سنڌ تي ڪيترائي حملا ٿيا. تاريخ جي ورقن مان ملي ٿو ته سچل سرمست جي پيدائش کان صرف ڇهه سال اڳ درازن جي ڀرسان کهڙا شريف ۾ مخدوم عبدالرحمان کهڙوي کي سندس 222 ساٿين سميت مسجد ۾ شهيد ڪيو ويو. ان ڪري کهڙن واري ان سانحي کي ننڍي ڪربلا سڏيو ويو آهي. سچل سرمست جي ڄمڻ واري سال ايراني بادشاھه نادر شاھ افشار سنڌ تي حملو ڪيو ۽ ڪيترائي ماڻهو ماريا ويا ايتري تائين جو علمي ۽ ادبي مرڪز ساڙيا ويا. سچل سرمست اڃا ٻاراڻي وهيءَ ۾ هو ته احمد شاھ ابداليءَ سنڌ تي حملو ڪيو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر سِنڌ جو سَنڌ سَنڌ ساڻو ڪيو ويو. مدد خان پٺاڻ جون ڪاهون به سچل سائينءَ جي دور ۾ ٿيون. سچل سرمست جي آخري ڏينهن ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪري حڪمرانيءَ جون واڳون سنڀاليون. ڊاڪٽر ابراهيم خليل موجب “سچل سرمست جي دور ۾ 45 جنگيون لڳيون ۽ هن پنهنجي آسپاس قيامت صغريٰ جا منظر پنهنجي اکين سان ڏٺا جنهن مان متاثر ٿيڻ هڪ فطري امر آهي.”