بلاگنئون

سچل سرمست رح پنهنجي دور جو منصور ثاني

اناالحق جو نعرو هڻندڙ “سچل سرمست” سنڌ جو جڳ مشھور حق سچ جو سنڌي شاعر ھو. سندس اصل نالو عبدالوھاب هو. سچل سرمست جي پيدائش 1739ع ۾ اڳوڻي خيرپور رياست جي ڳوٺ درازا ۾ ٿي. پاڻ به وڏو عالم هو. ان جو اصل نالو ته عبدالوھاب ھو، پر سندس صاف گوئي کي ڏسي ڪري ماڻھو کيس سچو يعني سچ ڳالھائڻ وارو چوڻ لڳا، پوءِ ان جي شاعري جا شعلا ڏسي ڪري کين سرمست به چيو ويو. سنڌي شاعريءَ ۾ سندس تخلص سچل، سچو ۽ سچيڏنو آهي ۽ فارسيءَ ۾ آشڪارا تخلص ڪم آندو اٿائين. پاڻ سنڌي کان علاوه عربي، سرائيڪي، پنجابي، اردو، فارسي ۽ بلوچي ٻولين ۾ پڻ شاعري ڪئي جنھن سبب کيس ھفت زبان شاعر پڻ سڏيندا هئا. سچل جي سموري زندگي جذب ۽ جلال ۾ گذري. سندس حياتيءَ ۾ درگاهه تي سماع ٿيندو هو. سچل سرمست کي پنهنجي دور جو منصور ثاني سڏيو ويو آهي. جڏهن ته فڪري طور تي اڄ به سچل سرمست جو ئي دور آهي. هن جي فڪر، فهم، فلسفي ۽ خيال جي اهميت تمام گهڻي بلند ۽ بالا آهي. ڇو ته سندس دور ۾ سنڌ تي ڪيترائي حملا ٿيا. تاريخ جي ورقن مان ملي ٿو ته سچل سرمست جي پيدائش کان صرف ڇهه سال اڳ درازن جي ڀرسان کهڙا شريف ۾ مخدوم عبدالرحمان کهڙوي کي سندس 222 ساٿين سميت مسجد ۾ شهيد ڪيو ويو. ان ڪري کهڙن واري ان سانحي کي ننڍي ڪربلا سڏيو ويو آهي. سچل سرمست جي ڄمڻ واري سال ايراني بادشاھه نادر شاھ افشار سنڌ تي حملو ڪيو ۽ ڪيترائي ماڻهو ماريا ويا ايتري تائين جو علمي ۽ ادبي مرڪز ساڙيا ويا. سچل سرمست اڃا ٻاراڻي وهيءَ ۾ هو ته احمد شاھ ابداليءَ سنڌ تي حملو ڪيو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر سِنڌ جو سَنڌ سَنڌ ساڻو ڪيو ويو. مدد خان پٺاڻ جون ڪاهون به سچل سائينءَ جي دور ۾ ٿيون. سچل سرمست جي آخري ڏينهن ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪري حڪمرانيءَ جون واڳون سنڀاليون. ڊاڪٽر ابراهيم خليل موجب “سچل سرمست جي دور ۾ 45 جنگيون لڳيون ۽ هن پنهنجي آسپاس قيامت صغريٰ جا منظر پنهنجي اکين سان ڏٺا جنهن مان متاثر ٿيڻ هڪ فطري امر آهي.”

مون ساري سُڃاتِي، بازي بازيگر جِي

مَستِيءَ مَئُون مَنصورَ جو، هه گٿِئين جي جَماعِتي؛

سورھيه باسِج سِرَ تي، تون ڪُسَڻ جي ڪَاتِي؛

غيرُ نَه آڻجِ وچَ ۾، آھِين ظاھِر تون ذاتِي؛

مَتان ڀائِين پاڻ کي، تون “سَچَو” صفاتِي.

حسين بن منصور حلاج (857-922) عربي ڳالھائيندڙ فارسي مسلمان صوفي ۽ شاعر ھو. ھڪ سني طور پيدا ٿيو، ھن فارس (پرشيا)، ھندوستان ۽ ترڪستان جو سفر ڪيو ۽ انيڪ ديني فلسفن بشمول تصوف، مانيشيئزم ۽ ٻُڌمت سان تجربا ڪيا. خدا سان پنھنجي ھيڪڙائي (ايڪو) جي بنياد واري بدنام اناالحق (مان سچ آھيان) ۽ انھيءَ بدعت جي الزام ۾ سن 909ع ۾ ابن دائود الاصفهانيءَ جي فتويٰ جي بنياد تي کيس پهريون ڀيرو گرفتار ڪيو ويو. 913ع ۾ ٻيو ڀيرو گرفتار ٿيو ۽ لاڳيتو اٺ سال قيد ۾ رهيو. اٺن سالن کانپوءِ 921ع ۾ هن بابت مقدمي جو فيصلو ٿيو ۽ کيس 18 ذي القعد 309ھ/929ع تي خليفي مقتدر باالله عباسيءَ جي دور ۾ ڦاسي ڏني وئي. حقيقت ۾ هو وحدت الوجودي فلسفي/تصوف جي دنيا جو تمام وڏو عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. سچل سرمست رح کي به سنڌ جو منصور ثاني ان ڪري سڏيو ويو آهي جو هو به سر جو سانگو لاهي بنا خوف ۽ خطري جي حق ۽ سچ جو پيغام ڏيندو هو ۽ فرمائي ٿو:

منصور سوريءَ تي چڙهيو، هر ڪنهن چيو ٿي واهه واهه،

عاشق اتي ئي سر ڏنو، اناالحق ٿيو سڀ ساهه ساهه.

سچل سرمست رح تي اڪثر مستي ۽ ڪيف واري حالت مٿس طاري ٿي ويندي هئي. پاڻ شرعي پابندين کان نڪري ‘انالحق’ جو نعرو بلند ڪري ‘سرمست’ ٿي ويندو هو. وٽس باطني طور تي سرمستيءَ جا سرچشما اويسي طريقي وسيلي حسين بن منصور حلاج، فريدالدين عطار نيشا پوري، شمس تبريز ۽ حافظ شيرازي جهڙا هئا. اهڙو اظهار ۽ اعتراف پاڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ هن ريت بيان ڪيا اٿائين:

سولي اوپر منصور هئه، منظور هئه، مشهور هئه،

مئه پي ڪه او مخمور هئه، اس کا عجب دستور هئه،

ڪز خويش پرستي بزن نعره اناالحق،

زنار گستي بزن نعره اناالحق.

پنهنجي ذات لڪائي، ڪيئن ٻي ذات سڏايان،

’اعليٰ اعظم شان’ جي نوبت نينهن وڄايان،

منصوريءَ جي موج ۾ ٿو اناالحق اَلايان،

سچل سرمست رح پنهنجي دور ۾ ڪيئي فوجون ڏٺيون، روڄ ۽ راڙو ڏٺو، دڙڪو ۽ دهمان ڏٺو، تنهنڪري فرمايو حُسن جو فوجون ائين ڪاهي پيون آهن، ڄڻ ته انگريزن جون فوجون هجن، هنن اونداهه انڌوڪار لائي ڏني، محبوبن جون سياهه اکيون ڄڻ جنگين جا جوڙ آهن، سچل سائين پنهنجي لاءِ چيو ته اهڙي هيبتناڪ منظر ۽ رومين ۽ چنگيزين جي فوجن جهڙي قهري حسن جي حملي کان پاڻ ڪيئن ٿو بچائي سگهجي.

فوجان حسن ديان چڙهه پيان،

جيوين چڙهي سپاهه فرنگيان دا،

گردا گرد اُهين ڪون جو ويڙهه گهتن،

ڏاڍا تاب اُنهان وو ترنگيان دا،

قابو نين سياهه سون پووِن،

جوڙ ڏٺا مين جنگيان دا،

انهان نال برابر ڪيوين ڪري،

“سـَـچـُـو”  لشڪر روميان زنگيان دا.

سچل سرمست، منصور ۽ عطار جو مداح ۽ پوئلڳ به آهي کيس مذھبن کان نه، پر مذهبن جي آڙ ۾ لڪل شدت پسندي انڌن عقيدن ۽ بدعتن کان نه صرف ڪاوڙ آهي، پر ان کي خوب نندي ٿو جن ملڪ ۾ ماڻھن کي مايوس ڪيو. سچل ٽالپرن جي شدت پسندي واري دور ۾ رھي ڪري روشن خيال ۽ ترقي پسند فڪر ڏنو، سچل سائين پنھنجي دور جي تضادن، رجحانن ۽ حالتن کي پنھنجي رندي ۽ مستي واري رمزن کي پيش ڪري ھڪ وڏي شاعر ھجڻ جو ثبوت ڏنو ۽ شيخي، پيريءَ کي ڀل ۾ وجھي ڇڏيو آھي. سنڌ جي جاگيردارانه نظام ۽ مذهبي پيشوائيت يعني ٿياڪريسيءَ جي سنگم ۽ اتحاد کانپوءِ جا ذهني ۽ فڪري بغاوت پيدا ٿي، انهن باغين مان سچل به هڪ آهي.

مذھبن ملڪ ۾ ماڻھو منجھايا،

شيخي پيري بيحد ڀلايا.