برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان کي برطانيه جي ايئر سيفٽي فهرست مان ڪڍيو ويو آهي، هاڻي پاڪستان جون سڀئي فضائي ڪمپنيون برطانيه لاءِ اڏام ڀرڻ جي اجازت حاصل ڪري سگهن ٿيون.
برطانوي هاءِ ڪمشنر مطابق برطانيه جي ايئر سيفٽي ڪمپني پاڪستان ۾ فضائي تحفظ جي نظام ۾ بهتري کانپوءِ پاڪستاني فضائي ڪمپنين تي لڳل پابنديون ختم ڪري ڇڏيون آهن، ان هوندي به هر فضائي ڪمپني کي برطانيه ڏانهن پنهنجي اڏامن جي شروعات ڪرڻ کان اڳ برطانوي سول ايوي ايشن اٿارٽي کان ڌار ڌار اجازت وٺڻي پوندي.
ياد رهي ته پاڪستاني ايئر لائنن تي اها پابندي 2020ع ۾ پي آءِ اي جي ڪراچي ۾ ٿيل حادثي کانپوءِ لڳائي وئي هئي، جنهن ۾ پائليٽن جي “جعلي ڊگرين” بابت ان وقت جي وفاقي هوا بازي واري وزير غلام سرور خان هڪ بيان ڏنو هو ته پاڪستاني پائليٽن وٽ ڪوڙيون ڊگريون يا لائسنس آهن ۽ هن ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو هو ته ملڪ ۾ 860 پائليٽ فعال آهن جن مان 262 پائليٽن وٽ جعلي يا مشڪوڪ لائسنس آهن.
ان بيان تي عالمي سطح تي پاڪستان جي هوا بازي واري شعبي جي ساک کي تمام گهڻو نقصان پهتو، جنهن جي نتيجي ۾ يورپي يونين ۽ برطانيه سميت ڪيترن ئي ملڪن پي آءِ اي سوڌو ٻين ايئر لائنن تي پابندي لڳائي ڇڏي. خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته يورپي يونين ايوي ايشن سيفٽي ايجنسي 2024ع ۾ پي آءِ اي تان پنهنجي پابندي هٽائي ڇڏي هئي، جنهن کانپوءِ پي آءِ اي ٻيهر يورپ ڏانهن اڏامون ڀرڻ شروع ڪري چڪي آهي.
برطانيه جي هن فيصلي کي پاڪستان ۾ ايوي ايشن شعبي لاءِ هڪ وڏي ڪاميابي سمجهيو پيو وڃي ۽ اميد ڪئي ٿي وڃي ته ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ماڻهن جي اچ وڃ ۽ واپار ۾ بهتري ايندي. جيتوڻيڪ اها پابندي هٽائي وئي آهي، پر پروازن کي بحال ٿيڻ ۾ ڪجهه وقت لڳي سگهي ٿو، جيستائين ايئر لائنون ضروري آپريشنل اجازتون حاصل ڪن.
برطانيه جي ان احسن فيصلي سان يقينن پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي وهنوار ۾ مثبت تبديليون اينديون، پاڪستاني ايئر لائينن کي مختلف ملڪن ۾ اڏام ڀرڻ سان مالي فائدا حاصل ٿيندا، جنهن جو فائدو يقينن پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام کي ٿيندو، پر اتي اها ڳالهه به ڪرڻ ضروري آهي ته 2018ع ۾ چونڊجي آيل عمران خان جي حڪومت ۾ ان وقت جي هوا بازي واري وزير غلام سرور خان جي ڏنل بيان جي ڪري پاڪستان جو هوائي شعبو تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ پاڪستان جي ساک وڃي پٽ تي پئي، جنهن جي لاءِ وڏي پئماني تي جاچ ڪئي وئي.
سول ايوي ايشن اٿارٽي (CAA) ۽ وفاقي تحقيقاتي اداري (FIA) پائليٽن جي لائسنسن ۽ ڊگرين جي وڏي پئماني تي جاچ شروع ڪئي. ان کان علاوه پي آءِ اي ۽ ٻين نجي ايئر لائنن سوين پائليٽن کي جن تي شڪ هو ته انهن وٽ مشڪوڪ ڊگريون يا لائسنس آهن، انهن کي پروازن کان روڪيو ويو. پي آءِ اي اڪيلي 150 کان وڌيڪ پائليٽن کي گرائونڊ ڪيو، جن جا جعلي لائسنس ثابت ٿيا انهن کي منسوخ ڪيو ويو.
غلام سرور جي مطابق انگ 262 هو، پر 28 لائسنس جعلي ثابت ٿيا ۽ انهن کي نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو، جنهن جي لاءِ ڪابينا کان منظوري وٺڻي پئي. اهڙن جعلي لائسنس جاري ڪرڻ تي سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ملي ڀڳت ڪندڙ آفيسرن ۽ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪيس داخل ڪيا ويا.
ان سڄي اسڪينڊل کانپوءِ پاڪستان ۾ پائليٽس لائسنس جا امتحان UK CAA International جي نگرانيءَ هيٺ ٻيهر شروع ڪيا ويا ته جيئن شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي. اهي پائليٽ جيڪي مشڪوڪ قرار ڏنا ويا هئا امتحان مان گذرڻ کانپوءِ ڪليئر ٿي ويا. ان سڄي عمل کانپوءِ هاڻي برطانيه پاڪستاني ايئر لائنن کي پنهنجون اڏامون کولڻ لاءِ اجازت ڏني آهي. اميد آهي ته سول ايوي ايشن اٿارٽي پاڪستان ۾ ان قسم جي جعلي لائسنس حاصل ڪرڻ وارن ماڻهن کي مستقبل ۾ روڪڻ جي لاءِ پنهنجا پروٽوڪولز مضبوط بنيادن تي استعمال ڪندي ۽ شفافيت سان لائسنس ڏنا ويندا ته جيئن مستقبل ۾ اسان جي ملڪ جي ايئر لائنن تي ڪو آڱر نه کڻي سگهي يا انهن تي ڪو سواليه نشان نه کڄي سگهي.
ڇو ته هي ملڪ جو انتهائي اهم شعبو آهي، جتي هڪ ئي وقت هڪ جهاز ۾ ڪيترائي معصوم مسافر سفر ڪري رهيا هوندا آهن ته ٻئي پاسي توهان کي هي شعبو پرڏيهي ناڻو ڪمائي ڏئي ٿو. ان لاءِ هن شعبي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ بين الاقوامي قانونن تي عمل ڪرڻ ۽ شفافيت کي يقيني بنائڻ انتهائي اهم آهي.