ايران جي اعليٰ ترين قومي سلامتي ڪائونسل چيو آهي ته برطانيه، فرانس ۽ جرمنيءَ طرفان گڏيل قومن جون پابنديون ٻيهر لڳائڻ وارو قدم عملي طور IAEA سان ايران جي تعاون کي معطل ڪري ڇڏيندو. اهو اعلان ان وقت سامهون آيو جڏهن سلامتي ڪائونسل جمعي جي ڏينهن انهن پابندين کي بحال ڪرڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جيڪي ڪيئي سالن تائين ڄميل حالت ۾ هيون.
يورپي حڪومتن ڏهاڪو پراڻي جوهري معاهدي ۾ شامل ‘سنيپ بيڪ’ مڪينزم کي فعال ڪيو ۽ ايران تي تعميل نه ڪرڻ جو الزام لڳايو. ‘سنيپ بيڪ’ خاص قانوني ۽ سفارتي طريقيڪار آهي جيڪو 2015 جي ايران نيو ڪليئر معاهدي ۾ شامل ڪيو ويو هو جنهن مطابق جيڪڏهن ايران معاهدي جون شرطون نه مڃيون ته اقوام متحده جون پراڻيون پابنديون ٻيهر لاڳو ٿي سگهن ٿيون. ايران ۽ ڇهن وڏن ملڪن آمريڪا، روس، چين، برطانيه، فرانس ۽ جرمني وچ ۾ اهو معاهدو ٿيو هو ته ايران پنهنجي نيو ڪليئر پروگرام کي محدود رکندو ۽ ان جي بدلي ۾ گڏيل قومن جون پابنديون ختم ڪيون وينديون، پر ان معاهدي ۾ هڪ حفاظتي شق شامل ڪئي وئي هئي ته جيڪڏهن ايران واعدا ٽوڙيا ته پابنديون هڪدم لاڳو ٿي وينديون، جنهن کي ‘سنيپ بيڪ’ مڪينزم سڏجي ٿو.
جيڪڏهن برطانيه يا فرانس چون ٿا ته ايران نيو ڪليئر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ اها شڪايت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ داخل ڪن ٿا ته ٽيهن ڏينهن جي اندر گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي فيصلو ڪرڻو آهي ۽ جيڪڏهن ٽيهن ڏينهن اندر ڪوبه نئون فيصلو نه ٿيو ته سڀ پراڻيون پابنديون پاڻمرادو ٻيهر لاڳو ٿي وينديون. 13 جون 2025ع تي اسرائيل ايران جي ڪجهه نيو ڪليئر ۽ فوجي هدفن تي حملو ڪيو، جنهن بعد آمريڪا به ايران جي نيو ڪليئر تنصيبات تي ڌماڪا ڪيا.
ايران چيو آهي ته بين الاقوامي ايٽامڪ انرجي ايجنسي بورڊ ۾ 12 جون تي هڪ قرارداد منظور ڪئي وئي هئي، جنهن ايران تي غير قانوني حيثيت سان عمل نه ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي. ايران جو اهو موقف آهي ته اها قرارداد جانبداري جي بنياد تي استعمال ڪئي وئي آهي ۽ اها قرارداد اسرائيل آمريڪا جي حملن کي جائز قرار ڏيڻ جي اڳڀرائي آهي. ايران جو مطالبو آهي ته ان جي نيو ڪليئر تنصيبات ۽ سائنسدانن جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي. ايران چاهي ٿو تهIAEA طرفان ضمانتون ڏنيون وڃن ته اڳڀرائيءَ دوران انهن سهولتن تي حملو نه ڪيو ويندو.
ايران IAEA تي خاموش رهڻ ۽ جانبدار هجڻ جو الزام لڳايو آهي. ايران جي پارليامينٽ 25 جون 2025 تي هڪ بل منظور ڪيو جيڪو IAEA سان تعاون ڪرڻ بابت هو. هي قانون واضح ڪري ٿو تهIAEA جا معائنه صرف ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي منظوري سان ٿيندا. رپورٽون جمع ڪرڻ يا نگراني ۾ ڪيمرائن وغيره جو استعمال محدود ڪيو ويندو. تازو برطانيه، فرانس ۽ جرمني پاران ايران تي الزام لڳايو ويو آهي ته هو 2015 جي نيو ڪليئر شرطن جي پاسداري نه پيو ڪري.
ايران پارانIAEA سان تعاون معطل ڪرڻ جو فيصلو سڌي ۽ اڻ سڌيءَ ريت ايران جي سياسي ۽ معاشي مفادن تي گهرو اثر وجهي سگهي ٿو. اڳ ۾ ئي برطانيه، فرانس جرمني جي سنيپ بيڪ جي نتيجي ۾ گڏيل قومن جون پراڻيون پابنديون ٻيهر لاڳو ٿي سگهن ٿيون. ان کان علاوه ايران جي تيل جي پرڏيهه فروخت به متاثر ٿيندي، بينڪنگ ۽ مالي نظام تي پابنديون سخت ٿينديون جنهن سان غير ملڪي سيڙپڪاري مڪمل طور بند ٿي سگهي ٿي. جنهن جي نتيجي ۾ ايران سياسي اڪيلائي جو شڪار ٿي ويندو.
سندس تعاون جي معطلي ايران کي سفارتي حلقن ۾ غير ذميوار رياست واري حيثيت ڏياريندو. ان کان علاوه ايران جي ڪرنسي جو قدر گهٽجي ويندو يا دٻاءُ ۾ اچي ويندو. جنهن جي نتيجي ۾ مهانگائي ۾ واڌ ٿيندي ۽ روزمره جون شيون عوام جي خريد کان ٻاهر نڪري وينديون جنهن جي نتيجي ۾ عوام اندر بيچيني وڌندي جيڪا آخرڪار حڪومت مٿان دٻاءُ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي.
جيئن ته چين ۽ روس عام طور تي ايران جا اتحادي آهن، پر انهن لاءِ به بين الاقوامي ضابطن جي ڀڃڪڙي جو کليل دفاع مشڪل هوندو، پر ان عدم تعاون جي نتيجي ۾ ڏٺو وڃي ته ايران جي موجوده قيادت ان کي پنهنجي فائدي جي لاءِ به استعمال ڪري سگهي ٿي. قومي سالميت ۽ خود مختياري جو نعرو هڻي عوامي حمايت حاصل ڪري موجوده اندروني تنقيد کي ٻاهرين سازشن ڏانهن موڙي سگهي ٿي. ان کان علاوه ايران ان تعاون معطل ڪرڻ واري قدم کي مغربي ملڪن تي سفارتي دٻاءُ وجهڻ لاءِ به استعمال ڪري سگهي ٿو. ايران جيڪو سياسي طور تي پنهنجا سوچيل سمجهيل قدم کڻي خود اعتمادي سان اڳتي وڌي رهيو آهي ان کي اها اميد آهي ته مغرب جي خلاف (اينٽي ويسٽ) بلاڪ ۾ ان کي اهميت ملندي.
تهران جو چوڻ آهي ته يورپي طاقتن جو اهو قدم مهينن جي انهن ڪوششن کي نقصان پهچائي رهيو آهي جيڪي عالمي جوهري توانائي ايجنسيءَ جي نگراني جي بحالي ۽ عالمي قانونن جي پاسداري کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪيون ويون. هن مهيني جي شروعات ۾ ايران ۽IAEA جي وچ ۾ قاهره ۾ هڪ معاهدو ٿيو هو، جنهن تحت ايراني جوهري تنصيبات جو ٻيهر معائنو شروع ٿيڻو هو.
ايران اهي معائنه ان وقت معطل ڪيا هئا، جڏهن جون ۾ اسرائيل ۽ آمريڪا ان جي جوهري تنصيبات تي حملو ڪيو. مغربي حڪومتون طويل عرصي کان ايران تي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي ڪوشش جا الزام لڳائي رهيون آهن ۽ هميشه ايران انهن جي نفي ڪندو آيو آهي. ڏٺو وڃي ته هن وقت دنيا ۾NPT تي صحيحون ڪندڙ ملڪ هٿيارن کي ختم ڪرڻ بدران اڃان وڌيڪ هٿيار ٺاهي رهيا آهن، پر ايران لاءِ انهن جو معيار بلڪل مختلف آهي. ايران بهNPT تي صحيح ڪندڙ ملڪن مان هڪ آهي ۽ ان کي ان معاهدي تحت هٿيار ٺاهڻ جي اجازت ناهي، صرف توانائي لاءِ اجازت آهي ۽IAEA جي نگراني کيس مڃڻي پوندي.