بلاگنئون

طاقت جو توازن بگڙي ويو آهي!

دنيا مان طاقت جو توازن يا ته ختم ٿي ويو آهي يا وقت سر بگڙي ويو آهي. ڏينهون ڏينهن مغربي قوتون وڌيڪ خوفناڪ ۽ طاقتور ٿي رهيون آهن ۽ ڪمزور ملڪ وڌيڪ ڪمزور ٿي رهيو آهي. اهي مسلم ملڪ ۽ مسلم قوتون آمريڪي بلاڪ ۾ رهي به جنگين جي منهن ۾ آهن. اهي آمريڪا جا اتحادي هوندي به طالبان جي ڌمڪين ۽ رهزنين ۾ ڦاٿل آهن، جن مان نڪرڻ مشڪل ترين ڪم آهي. ان ڪري ته جيڪا دنيا سرمائيدار آهي، جن پهرين درجي جي دنيا جي ملڪن وٽ بي تحاشا دولت ۽ طاقت آهي، پر اهي ملڪ به امن جو ڳالهيون ڪري هٿيار ٿا کپائين، اهي ترقي يافتا ملڪ به مسلم خطن ۾ هٿيارن کانسواءِ ٻي ڪا ٻولي نٿا ٻڌن. وري جن ملڪن جي معيشت مضبوط آهي انهن ملڪن جي پوءِ هاڪ آهي، پوءِ انهن ملڪن ۾ رڳو مغربي ملڪ اچي ٿا وڃن، جن وٽ “بيلنس آف پاور” تمام گهڻو آهي. انهن ملڪن جي علمي ۽ عقلي طاقت دنيا جي غريب ملڪن يا مسلم ملڪن کان وڌيڪ يا ٻيڻي چوڻي ٿي وئي آهي. ان ڪري مسلم دنيا کي مغربي طاقت سان سينو ساهڻ ۾ وقت يا صديون يا نسل لڳندا. آمريڪا ۽ ان جا سڀ اتحادي جن ۾ صيهوني زيونسٽ جا مددگار ملڪ اچي ٿا وڃن، انهن ملڪن جو اصل مقصد رڳو مسلم دنيا جي ملڪن کي هيڻو، نٻل ۽ ڪمزور پيش ڪرڻو آهي ۽ مڙني دنيا جي ملڪن کي ڏيکارڻو آهي ته ڪيئن مسلم دنيا ايٽمي طاقت هوندي به ڪمزور ترين آهن. انهن ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪن جي سپھ سالارن کي نشانو بڻائي اسرائيلي ۽ آمريڪي ايجنسيون انهن جي ئي ملڪن ۾ انهن کي مارائي شهيد ڪري ڇڏين ٿيون، جن ۾ قاسم سليماني کان وٺي ابراهيم رئيسي تائين ۽ هاڻي اسماعيل هانيه جي شهادت به ان ڳالھ جي گواهي آهي ته مسلم ملڪ متحد ناهن، جي ايران ڪا ڳالھ ٿو ڪري يا پنهنجي دفاع ۾ ڪو حملو ٿو ڪري ته سني ملڪ ان کي ٽيڏي اک سان ٿا ڏسن يا جي شيعه اڪثريت وارا ملڪ حماس، حزب الله ۽ انصارالله کي مالي ۽ جنگي مدد ڪن ٿا ته ٻيا سني ملڪ وري هٿ ڇنڊي ويهي ٿا رهن. انهن کي جُهٻو نٿو اچي ته جيڪي آڪٽوبر 2023 کان وٺي 50 هزار فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن، اهي ڪهڙي کاتي ۾ لکيا ويندا. اها ڳالھ ڏسون ۽ مڃون ٿا ته اسرائيل جي وحشت هاڻي ڪنهن جهنگلي جانور جي وحشت کان به چڙهي وئي آهي، جن کي ڪا ڪهل نٿي اچي. اهي اسرائيلي ويڙهاڪ نٿا آمريڪا جي ٻڌن، نٿا انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس جي ٻڌن، نٿا فرانس ۽ برطانيا جي ٻڌن. انهن وٽ رڳو اهو آهي ته فلسطيني يا ته مري کپي وڃن يا فلسطين جي ڌرتي خالي ڪري هليا وڃن. ڇو ته جنهن “عاليه” نعري هيٺ جنهن جي معنيٰ آهي ته “اوڀر طرف هليا اچو ۽ پنهنجي اوائلي وطن اسرائيل (يهودا) کي اچي آباد ڪيو ۽ انهن يهودين جي سڏ تي دنيا ڀر جا جيڪي به يهودي آهن اهي ان جذبي طور تي اسرائيل جو مسلسل رخ ڪندا ٿا رهن. انهن کي اها به پڪ آهي ته اسرائيلي پيسي واريون تنظيمون انهن جي لاءِ نون گهرن جو اسڪيمون به جوڙائين ٿيون ۽ انهن لڏپلاڻ ڪري اچڻ وارن خاندانن جي لاءِ روزگار، صحت ۽ سيڪيورٽيءَ جا انتظام به ڪندا رهن ٿا. ان ڪري انهن اسرائيلي لڏي ايندڙن کي ڪو خطرو ناهي جيڪي روس ۽ اوڀر يورپ جي ملڪن مان لڏي اسرائيل ايندا رهن ٿا، جن جي لاءِ اسرائيلي جنون قابوءَ کان ٻاهر ٿي ويو آهي.
هاڻوڪي اسرائيلي حملي ۾ حماس جي سياسي اڳواڻ اسماعيل هانيه جي قتل سڄي مسلم دنيا کي صدمو پهچايو آهي. اها ڳالھ مڃجي ته انساني درد ۽ مسلمانن جي همدرديءَ ۾ ايران سڀني مسلمان ملڪن کان اڳرو آهي. جنهن جوش سان ايران اسرائيلي حملن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان طريقي سان ڪو ٻيو ملڪ اسرائيل سان مهاڏو نٿو اٽڪائي. حقيقت اها به آهي ته جنگي جنون کي رڳو جنگي جنون ئي منهن ڏئي سگهي ٿو. ڇو ته جنهن ضد ۽ هوڏ سان اسرائيل ايران ۽ فلسطيني اڳواڻن تي حملا آور ٿيندو رهي ٿو، جنهن جي ڪري مسلم دنيا کي به اک پٽڻي پوندي، ان ڪري ته هن دور ۾ پٿر جو جواب سرَ سان ڏيڻ ئي عقل مندي آهي. ٻي صورت ۾ مسلم دنيا اڃان به وڌيڪ دٻجي ويندي ۽ صيهوني قوتون مسلم دنيا جي ملڪن کي طالبان ۽ جيش محمد يا القائده جهڙين تنظيمن جا ٺپا هڻي سموري دنيا ۾ بدنام ۽ بي آبو ڪري ڇڏينديون، جنهن جو ازالو ڪرڻ ۾ صديون لڳي وينديون. هاڻي به وقت آهي ته پاڪستان جهڙيون رياستون آمريڪا خيالي بلاڪ مان نڪري روس ۽ چين جي بلاڪ ۾ سڌو سنئون داخل ٿين. علي اعلان اها ڳالھ چون ته هاڻي آمريڪا جي دال نه ڳرندي. ان ڪري پاڪستان کي به هاڻ هڪطرف ٿيڻو پوندو. اهو چوڻ وقت جي ضرورت ناهي ته اسان ٻنهي گهرن جا مهمان آهيون، آءِ ايم ايف کان به پئسا کپن ته آمريڪا جي يو ايس ايڊ ۽ ورلڊ بينڪ به ڪم جي آهي ۽ سي پيڪ جا منصوبا به هلندا رهندا. ان ٻه رويي سبب عسڪري ادارن کي ڪي پي جهڙي صوبي مان هڪ ئي ڌمڪي ٿي ملي ته عزم استحڪام جهڙو آپريشن هاڻي ٿيڻ نه ڏينداسين، ان ڪري اهي ڏينهن اهي شينهن جڏهن عسڪري ادارا ضرب عضب ۽ ردالفساد جهڙا فوجي آپريشن ڪري ويا، جو اهو مرض اڃان باقي آهي يا اهو طالباني بخار يا بيماري اهڙي آرمي آپريشن سان به ٺيڪ نه ٿي سگهيو.
سمجهون ٿا ته هاڻوڪي ايراني نقصان يا اسماعيل هانيه جي شهادت کانپوءِ وچ اوڀر ٻري اٿندو، پر مشڪل آهي. ڇو ته فلسطين جي حق ۾ ڪابه عرب رياست اڃان تائين اسرائيل جي سامهون نٿي ٿئي، ماسوا رڳو ايران جي. ان ڪري شين جي چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي، آمريڪا تي انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس جو ڪيترو به زور هجي يا اهي ڪيترو به انساني حقن جي ڳالھ ڪندا هجن، پر ڪندا اهو جيڪو آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ کي منظور هوندو يا آمريڪا جي نظر ۾ ڀلو هوندو. ان ڪري فرضي ڳالهيون هاڻي نٿيون ڪري سگهجن، عملي ڪم ئي نه رڳو فلسطين کي ان ڌرتي جي دعويٰ واري مونجهاري مان ڪڍي سگهي ٿو، اسرائيل کي دٻائي سگهن ٿا ۽ مسلم دنيا پنهنجي طاقت جو مظاهرو به ڪري سگهي. باقي رڳو اسرائيل مرده آباد ۽ اسرائيلي شين جو بائيڪاٽ سو به رڳو لفاظي جيڪا عملي ڪم نه ٿي ڪري سگهي. ان ڪري مصيبت اها به آهي ته جنهن ڏينهن ٽي ايل پي جهڙي تنظيم ملڪ اندر ڌرڻو ٿي هڻي ته اسرائيلي شين جو بائيڪاٽ ڪيو ته ان ڏينهن تي ٽي وي اسڪرين جي ڪمرشل ۾ رڳو يهودي پراڊڪٽ جون ڪمرشل ٿيون هلن. جنهن ڏينهن اهي پڪو پھ ٿا ڪن ته اسرائيلي ۽ يهودي يا عيسائي ملڪن جي شين جو بائيڪاٽ ڪندا ته ان ڏينهن ئي پيپسي ۽ ڪوڪا ڪولا جهڙيون ڪمپنيون ماڻهن کي رعايتي پيڪيج آفر ٿيون ڪن ۽ شهر جي ڀتين تي وڏا بينر لڳي ٿا وڃن، پوءِ انهن احتجاجن جو ڇا ڪجي، جيڪي رڳو لفاظي تي مبني هجن ٿا، ان ڪري ڳالھ هاڻي عملي ئي ڪري سگهجي ٿو جنهن ۾ ڪو نتيجو يا کڙ تيل نڪري سگهي.
ڳڻتي اها به آهي ته آڪٽوبر 2023 ۾ حماس اسرائيل تي اڳرائي ڪري هزارين فلسطيني شهيد ڪرائي ڇڏيا ۽ ظلم اهو به آهي ان کانپوءِ اسرائيلي فوجون الشفا ۽ الحريري اسپتال تي حملا ڪري زخمين جي حياتي به کسي ڇڏي، جو انهن جو ڪو پرسانِ حال نه بڻيو. اسرائيلي قوتن ته “ڊاڪٽرز وڌائوٽ بارڊرز ۽ ايمنيسٽي انٽرنيشنل کي به انهن اسپتالن ۾ ڪم ڪرڻ کان روڪيو ۽ ڌمڪي ڏني ته انهن جي انهن اسپتالن ۾ وڌيڪ ڪم ڪيو ته اهي هن دنيا ۾ وڌيڪ نه جي سگهندا. هاڻي اهڙين حالتن ۾ مسلمان جي چپ وڏي منافقت آهي. ان ڳالھ جو مثال هونئن به وٺي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن ماڻهو ڪنهن هٿياربند جي آڏو جهڪي پنهنجا هٿيار ئي ڦٽا ڪري ڇڏي ته پوءِ اهو شخص ڳالهين جي لائق يا طاقت ۾ به نه رهندو. ان ڪري وري ساڳي ڳالھ ڪيون ته طاقت جو توازن برقرا رکڻ ئي خطي ۾ عزت سان جيئڻ جو ضامن هجي ٿو. ان ڳالھ ۾ صداقت هجي يا نه هجي، پر جيڪي به ايراني ڪمانڊر پختا، طاقت دماغ ۽ سياڻپ جو مظاهرو ڪن ٿا، اهي اسرائيل هٿان مارجي ٿا وڃن. پر ايران قاسم سليماني جي بدلي ۾ پوئتي رهجي ويو، تيستائين اسرائيل ايران جي مٿان حملو ڪري ڏنو، جوابي ڪارروائي کڻي ڪيتري به موتمار هئي، پر آزبائيجان جو ڪردار وري به شڪ ۾ وجهي ويو، جو انهن مسلمان هوندي به آمريڪي ايجنسين جو ساٿ ڏنو، سي آءِ اي ۽ موساد جو ساٿ ڏنو، انهن قاسم سليماني کان ابراهيم رئيسي تائين ۽ هاڻي اسماعيل هانيه جي شهيد ڪرڻ ۾ سندن جو ساٿ ڏنو. ايران جون ايجنسيون تيز ناهن، اهي بدلي وٺڻ ۾ دير ٿا ڪن، اهي پنهنجا ميزائيل تُڪي سڌ تي اڃان بيهارين ئي ٿا ته اسرائيل مٿن حملو ڪري ٿو ڏئي. ان ڪري ڪجھ به هجي جيستائين اسرائيل دٻجي نٿو تسيتائين مسلمان دٻجي مري کپي ويندا ۽ دنيا اندر صيهوني ۽ زيونسٽ قوتون حڪومت ڪنديون رهنديون.