ڪهاڻيوننئون ڪهاڻي: اداس مُرڪ Zahida Abro August 3, 2024August 3, 2024 Daily Humsari Newspaper, girl, Sad Smile, story ليکڪ: محي الدين جوکيو هوءَ مسلسل کڙڪيءَ ڀر سان بيٺي هئي۔ بلڪل اداس ۽ ملول۔ اک آسمان ۾ کُتل هُئس. ڄڻ پروردگار سان خاموش شڪايت ڪندي هجي۔ ڄڻ آسمان تي ڪا مبهم تحرير پڙهندي هجي، پر آسمان تي ته ستارن جي تحرير لکيل هئي۔ تارن جي ڪڙيءَ ۾ تقدير جي تحرير کي ڪيئن ٿو پڙهي سگھجي۔ ڪاتب تقدير ته جيڪو لکيو آهي سو ته لوح قلم ۾ محفوظ آهي۔ جنھن کي نه پڙھي سگھجي ٿو نه ئي ان تحرير کي مٽائي سگھجي ٿو۔ هوءَ جيڪا تحرير آهي سا ته پٿر تي لڪير آھي، اٽل آهي، اڻٽر آهي۔ هوءَ ڪافي دير کان اتي ئي بُت بڻي بيٺي تقدير جي فيصلن تي تجسس وچان سوچيندي رهي۔ تقدير ئي ته ٻارھن سالن کانپوءِ اڄ وري هن کي منھنجي روبرو آڻي بيھاريو هو۔ هن کي ان دريءَ جي سامھون بيٺي پورا ٻارنھن منٽ گذري چڪا ھئا۔ انھن ٻارهن منٽن ۾ ھوءَ ٻارنھن سال پوئتي ماضي ۾ پرواز ڪري آئي هئي جتي رڳو يادگيريون ۽ ڪي اڌ اڌورا منظر هوندا آهن۔ هن کي سماء ئي نه هو ته آئون گذريل ڏھ منٽن کان هن جي ٿورو پرڀرو بيٺو هئس۔ هوءَ جڏهن به ائين سوچ ۾ محو ٿي بيهندي هئي ته ڏاڍي شانائتي ۽ پرڪشش لڳندي هڻي۔ اچانڪ ھوا جو تيز جهوڪو آيو ۽ سندس وار چھري تي وکري ويا۔ آئون اڳتي وڌي آيس ۽ سندس ڀر ۾ بيھ رهيس۔ منھنجي ساھ جو سرٻات شايد ٻڌي وئي هئي۔ مون آهستي سندس نالو کنيو… شگفته. هوءَ جيئن جو تيئن بيٺي ٻاهر نھاري رهي هئي۔ هوءَ مسلسل ساڙي جو پليھ وٽيندي رهي۔ مون وري به شگفته سان ڳالھايو، شگفته! تون خاموش ڇو آهين؟ هيڏانھن مون ڏانھن نھار شگفته منھن مٿي کڻي مون ڏانھن نھاريو. غم جو جيڪو به تصور ٿئي سو مون سندس اکين ۾ ڏٺو۔ آئون حيران ٿي کيس ڏسندو رهيس۔ مون ڏٺو ته شگفته جي اکين ۾ خاموش التجا هئي. مون محسوس ڪيو ته هن جون خاموش اکيون مون سان ڳالھائي رهيون هيون ۽ مون کي چئي رهيون هيون ته ارمان مون کان ڪجھ نه پڇجانءِ، توکي سڀ خبر آهي ته هن وقت منھنجي اندر ۾ ڪھڙي آنڌ مانڌ متي پئي آهي. مون فورن شگفته جا هٿ پنھنجن هٿن ۾ جھلي چوڻ چاهيم ته آئون سڀ ڪجھ سمجھي ويس، پر مون اها مرياده به پار نه ڪئي۔ مون محسوس ڪيو ته هن جو سڄو جسم ڏڪي رهو هو ۽ اگر هوءَ ائين ئي بيٺي رهي ته عنقريب زرد ٿي ويندي۔ مون خاموشي کي ٽوڙيندي هن سان ڳالھايو ۽ ڪافي جي صلاح هنئين جيڪا هن فورن قبول ڪئي۔ اسين ٻئي آرٽ ڪائونسل ڪراچي جي ٻاهران خاموش هلڻ لڳاسين ۽ ڪافي هائوس تي پھتاسين۔ مون ترڇي نگاهن سان ڏٺو ته شگفته مسلسل مون ڏي گھوري رهي هئي، پر هن جي ائين ڏسڻ ۾ ڪاوڙ، ڪروڌ يا عداوت بلڪل به نه هئي۔ ان وقت شگفته بي تڪلفيءَ سان مون سان ڳالھايو۔ ارمان، ڪافي ڊسپوزل گلاس ۾ وٺي ٻاهر هلون؟ مون انگريزي ۾ کيس جواب ڏنو، ايز يور وش. پهرين هڪ مرڪ سندس چھري تي هلڪو ليئو پائڻ لڳي پر ستت ئي ڳنڀيرتا کيس ويڙهي وئي۔ اسان ڪافي جا ٻه ڪپ ورتا ۽ وري آرٽ ڪائونسل کان ٿيندي نيشنل ميوزم ڏانهن هلڻ لڳاسين۔ نيشنل ميوزم جي پارڪ ۾ پھچي اسان ٻئي هڪ بينچ تي وڃي ويٺاسين. اڄ هوءَ ٻارهن سالن کانپوءِ منھنجي سامھون ويٺي هئي۔ هن جي جواني جا ڏينھن ته گذري چڪا هئا، پر هن کي ڏسڻ سان ڪير به دوکو کائي پئي سگهيو۔ آئون اڃا هن حسن جي شاهڪار کي ڏسي ئي رهيو هئس ته هن خاموشي کي ٽوڙيندي ڳالھايو۔ ارمان! ڪٿي گم ٿي وئين؟ ڇا اسين ائين ئي خاموش ويٺا هونداسين يا ڪجھ ڳالهائينداسين به۔ ها شگفته “ساري” آئون دراصل ماضيءَ جا پنا اٿلائڻ ۾ لڳي ويس۔ تون ٻڌائي ڪجھ پنھنجي باري ۾؟ نه ارمان تو ڇا پئي سوچيو؟ هن نھايت پنهنجائپ مان پڇيو. مون ۾ ڳالھائڻ جي ھمت ته نه هئي تنهن هوندي به مون ڳالھائڻ جي ڀرپور جرئت ڪئي. شگفته ياد اٿئي اڄ کان ٻارنهن سال اڳ آئون توکي چوندو هئس ته آئون هڪ پل به توکان سواءِ نه رهي سگهندس ۽ هينئر توکي اهو ڏسي حيرت ٿيندي هوندي ته آئون توکان سواءِ پورا ٻارنھن سال زنده رهيو آهيان۔ مونکي خبر ناهي آئون ڪيئن پنھنجو پاڻ کي سنڀالي رهيو هئس جڏهن ته شگفته جي ڪيفيت پڻ اهڙي ئي هئي جھڙي منھنجي هئي۔ هاڻي شگفته ڳالھائڻ شروع ڪيو. ها ارمان مان به اهو ئي پئي سوچيان. شگفته مون اهي ٻارنھن سال به صليب تي لٽڪي گذاريا آهن۔ ڏس شگفته اڄ هيءُ بينچ، هي پارڪ، هي گل، هي ماڻھو توکي مون سان ڏسي حيران آهن ڇاڪاڻ جو ٻارهن سالن جي ھرهڪ صبح مون هن پارڪ ۾ ھن بينچ تي ۽ هر شام آرٽ ڪائونسل جي لان ۾ تنهنجي يادن جي گهيري ۾ گذاري آهي۔ آئون ڳالھائي رهيو هئس ته وچ ۾ مونکي محسوس ٿيو ته شگفته غمگين ٿي رهي آهي۔ منهنجي نھارڻ سان ئي هوءَ مون کان نظرون چورائڻ لڳي۔ شايد ھن کي منهنجون ڳالھيون اذيت پھچائي رهيون هيون۔ مون ماحول کي وڌيڪ غمگين بڻائڻ نٿي چاهيو ان ڪري وري شگفته سان مخاطب ٿيڻ لڳس۔ شگفته! منھنجو مطلب ڊاڪٽر شگفته توهان ٻڌايو ڪجھ پنهنجي باري ۾۔ ھن هڪ ٿڌو ساھ کنيو ۽ پوءِ پاڻي جا ٻه ڊڪ ڀرڻ لڳي. ارمان آئون سکر ۾ رهندي آهيان ۽ هڪ ميڊيڪل ڪاليج ۾ بطور اسسٽنٽ پروفيسر پڙهائيدي آهيان۔ صبح جي ٽائيم سرڪاري نوڪري ۽ شام جي وقت پرائيويٽ ڪلينڪ ۾ ٽي ڪلاڪ ويھندي آهيان۔ هن وقت ڪراچي ۾ پنهنجي دوست جي گهر رهيل آهيان۔ مان ۽ منهنجي سھيلي هتي آرٽ ڪائونسل ۾ ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ آيون آهيون۔ بس اهو ئي آهي منهنجو روٽين. شگفته خاموش ٿي وئي، فضا خاموش ٿي وئي، ماحول ۾ خاموشي ڦھلجندي وئي ته مون هڪ ڀيرو ٻيھر خاموش تسلسل کي ٽوڙي وڌو اهو ته تنھنجو روٽين آهي، پر مون توکان تنھنجي زندگيءَ جي باري ۾ پڇيو. ڇا ٻڌايان ارمان، ان زندگي جي باري ۾ جنھن ۾ مون رڳو ڏک ڏٺا آهن يا ان زندگي جي باري ۾ جنھن ۾ مان پنھنجو وجود ئي وڃائي ويٺي آهيان۔ هوءَ روئڻھارڪي ٿي پئي، پر پوءِ به ڳالھائڻ لڳي۔ ارمان توکي ڇا ٿو لڳي مان اڄ به شھمير جي نڪاح ۾ آهيان؟ آئون حيران ۽ پريشان کيس گهوريندو رهيس! نه ارمان شهمير ڪوويت ۾ ويٺو آهي ۽ آئون هتي بيواھ جي حيثيت ۾ زندگي گذاري رهي آهيان. شگفته ايڏي وڏي ڳالھ ٿي وئي تو مون کي ٻڌايو به ڪونه، آخر ڇو؟ مون ڪجھ ناراض ٿيندي کيس چيو. ڇو ٻڌايان۔ شگفته ڪجھ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ اچي وئي. ارمان مان پنھنجا ڏک ڪنهن سان به شيئر ڪرڻ ناهيان چاهيندي۔ مون کي ڪوبه همدرد نه کپي۔ مان پنهنجن ڏکن جو بار پاڻ کڻڻ جي قابل آهيان۔ ان وقت مون کي شگفته جي دليري تي فخر محسوس ٿيو. ڇاڪاڻ جو هن روايتي عورتن جيان ڪمزور نه پئي ٿيڻ چاهي۔ منھنجي دل چيو ته آئون هن ديوي سمان عورت جا هٿ ۽ پير چمان جنهن زندگي ۾ فقط اڳيان وڌڻ سکيو آهي۔ شگفته وري رواجي مزاج ۾ اچي ڳالهائڻ لڳي۔ ارمان! تون پنھنجي ذاتي زندگي ۾ به اڳيان وڌ۔ مان توکي خوش ڏسڻ ٿي چاهيان. شگفته اڃا اتي منهنجي ڀر ۾ ئي ويٺي هئي ته سندس موبائل وڄڻ لڳي۔ هن پرس کولي موبائل هٿ ۾ جهلي ۽ جلدي نمبر اوڪي ڪري ڳالھائڻ لڳي۔ سندس موبائل جي اسڪرين تي جيڪو نالو اڀريو سو ته ارمان ئي هو۔ آئون سخت شش و پنج ۾ مبتلا ٿي ويس ته هي معاملو اصل ڇا آهي۔ شگفته فون بند ڪري مون ڏانهن نهاري مسڪرائڻ لڳي۔ هن جي اها مسڪراهٽ به مون کي عجيب پراسرار مسڪراهٽ لڳي۔ ارمان ڪهڙي ڳالھ تان پريشان آهين۔ منھنجي ڏھ سالن جي پٽ جو نالو به ارمان آهي ۽ ها ان غلط فھمي ۾ مبتلا به نه رهجان ته مان اهو نالو پنھنجي پٽ تي رکيو آهي، پر حقيقت ۾ اهو نالو هن تي پنهنجي پيءُ شھمير رکيو آهي ۽ هن جو نالو ارمان شھمير آهي۔ مون کي وڃڻ گهرجي منھنجو پٽ منھنجو انتظار ڪري رهيو آهي۔ الله حافظ. هن منهنجو جواب به نه ٻڌو ۽ اٿي تيز رفتاري سان ھلي وئي ۽ آئون کيس ويندي ڏسندو رهيس۔ مون کي چڱي طرح خبر هئي ته شگفته مون کان نظرون چورائي رهي هئي جڏهن ته هن پنهنجي پٽ جو نالو پڻ پاڻ ئي رکيو هو ته جيئن آئون هن جي وجود جو حصو بڻجي هن جي يادن ۾ امر بڻجي وڃان. Post Views: 69