وچ اوڀر دنيا جي نقشي تي هڪ اهڙو پرڳڻو آهي، جيڪو صدين کان تاريخ، تهذيب ۽ تمدنن، معاشرت، مذهبن، فوجي مهمن، وسيلن ۽ سياست جو ڳڙھ رهيو آهي. هن پرڳڻي جي تبديلي جو بنياد جيتوڻيڪ اٽڪل هڪ صدي اڳ کان رکيو ويو هو. جڏهن مسلمان سموري دنيا ۾ زوال پذير ٿيا، پر ان ۾ تيزي 1945کانپوءِ سرد جنگ جي شروعات کان ٿي، نئين پارٽين جنم ورتو، جنهن جي نتيجي ۾ پرڳڻي جي سياسي منظر نامي ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿي. 1967 ۾ ٿيڻ واري ڇهن ڏينهن جي عرب ۽ اسرائيل جنگ پرڳڻي جي جاگرافي کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو، اها جاگرافيائي تبديلي اسرائيل جي پکيڙ جي صورت ۾ اڄ تائين ٿي رهي آهي. 1970 جي ڏهاڪي ۾ ايران ۽ عراق جنگ ۽ 1990 جي ڏهاڪي ۾ ڪويت ۽ عراق جنگ ۽ نائن اليون جا اثر، 2003 ۾ عراق جي جنگ پرڳڻي کي تمام گهڻو نقصان پهچايو. انهن سمورن سببن جي ڪري هي پرڳڻو 1990 واري ڏهاڪي ۾ هڪ سنگين بحران جو شڪار ٿيو. انهيءَ دوران عرب اسپرنگ ٿيو، جنهن جي اثرن ۽ نتيجن ۾ اڄ شام، عراق، تيونس، لبيا، سوڊان، مصر ۽ لبنان وغيره انهيءَ باھ ۾ ٻري رهيا آهن. موجوده صورتحال اها آهي ته امت مسلمه خاص طور تي وچ اوڀر ۾ ڪٿي گهرو ويڙھ ۾ ته ڪٿي فرقيواريت، ڪٿي غير ملڪي مداخلت ۽ ڪٿي اندروني بدعنواني جو شڪار آهي، هن پرڳڻي ۾ مختلف مذهبن جو جنم به ٿيو آهي ۽ اهو انهن جو مرڪز به رهيو آهي، جنهن سبب هن پرڳڻي جي مذهبي اهميت به مستحڪم آهي. دين اسلام جو ظهور به هن پرڳڻي کان ٿيو آهي. اڄ هي پرڳڻو ڪيترن ئي اسلامي ملڪن تي ٻڌل آهي، جيڪو رب پاڪ جي پاران مليل قدرتي وسيلن خاص طور تي تيل جي دولت سان مالامال آهي. ايتري رحمت هئڻ جي باوجود افسوسناڪ ڳالھه اها آهي ته هن پرڳڻي ۾ امن ۽ امان، اتحاد هڪ اڻلڀ شيءِ بڻجي وئي آهي. اسلامي ملڪن ۾ خاص طور تي ترڪي جون حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيون آهن. ايران کي آمريڪا کان وڌيڪ ڌمڪيون ملي رهيون آهن. پاڪستان پنهنجن اندروني مسئلن ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ۾ مصروف آهي. مسلم ملڪن جي وچ ۾ نفرت ۽ ورهاست جي سبب کان فلسطين ۽ خاص طور تي غزه گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اسرائيلي جارحيت ۽ بربريت جي گهيري ۾ آهي. صيهوني رياست هڪ منصوبي تحت پنهنجو قبضو پکيڙي رهي آهي ۽ مسلمانن جون زندگيون تنگ ٿي رهيون آهن، جن ۾ سڀ کان پهرين فلسطيني مسلمان آهن، ان ناجائز رياست جو فسلطين ۽ مسلم علائقن تي قبضو هڪ منصوبي تحت آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه سال رڪجڻ کانپوءِ ان جي طرف کان مظلوم فلسطينين تي هوائي بمباري ڪئي وڃي ٿي، جنهن کان نه اسپتالون محفوظ آهن، نه اسڪول ۽ نه ئي مهاجر ڪئمپون يا ريڊ ڪراس ۽ ميڊيا جا نمائندا. نتيجي طور معصوم ٻار، عورتون ۽ بزرگ پنهنجين زندگين کان محروم ٿيندا رهن ٿا ۽ ماڻهن جو هڪ تمام وڏو انگ معذوري ۽ مفلسيءَ جي زندگي گهارڻ تي مجبور آهي. بي احساس ۽ بي رحم دنيا اهي منظر پنهنجين اکين سان ڏسي رهي آهي، پر عملي قدم کڻڻ کان هرڪو ڪيٻائي ٿو، نه صرف اهو بلڪه عالمي برداري ڪٿي صرف بيان بازي کان ڪم وٺي ٿي ته ڪٿي اسرائيل جي مضبوط ساٿي آمريڪا جي صدر ٽرمپ جي خوشامد ڪرڻ ۾ لڳي پئي آهي.