خاص

سنڌ ڪابينا: صوبائي فنانس ڪميشن تشڪيل ڏيڻ جي منظوري

سنڌ ڪابينا صوبائي فنانس ڪميشن (پي ايف سي) تشڪيل ڏيڻ جي منظوري ڏيندي اعلان ڪيو آھي ته ميئر کانسواءِ ٽائون ۽ يونين ڪائونسلز جا نمائندا ڪميشن جو حصو بڻجندا. وزير اعليٰ ھائوس کان جاري ڪيل بيان موجب اھو فيصلو وڏي وزير مراد علي شاھ جي صدارت ھيٺ ڪابينا جي گڏجاڻي ۾ ڪيو ويو. وزير اعليٰ ھائوس ۾ ٿيندڙ گڏجاڻي ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خصوصي معاونن، چيف سيڪريٽري، چيئرمين پي اينڊ ڊي ۽ واسطيدار آفيسر شريڪ ٿيا. ڪابينا پنھنجي گڏجاڻي ۾ ميئر کي ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي (ڪي ڊي اي)، ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي (ايم ڊي اي) ۽ لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي (ايل ڊي اي) جي گورننگ باڊيز جو رڪن بنائڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي. بيان ۾ چيو ويو ته اھڙي طرح ميئر يا چيئرمين ايڇ ڊي اي، سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ لاڙڪاڻه ڊولپمينٽ اٿارٽي جي گورننگ باڊيز جا ميمبر ٿي ويندا ۽ گڏوگڏ صوبائي ڪابينا ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) جي ميئر کي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جو چيئرمين بنائڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا صوبي جي سمورن ضلعي ھيڊڪوارٽرن ۽ تعلقي ھيڊڪوارٽرن کي ٽائون ڪاميٽي بنائڻ جي به ھدايت جاري ڪئي. سنڌ ڪابينا صوبي جي ھر ضلعي ۾ يونيورسٽي يا يونيورسٽي ڪئمپس قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ڪابينا ڪراچي ميٽروپوليٽن يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي.