خاص

سامونڊي غذا، گري وارا ميوا ۽ ڀاڄيون ڊيمنشيا جي خطرن کي گهٽ ڪري سگهن ٿا

هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سامونڊي غذا، سالم اناج، گري وارن ميون ۽ ڀاڄين سان ڀرپور غذا ڊيمنشيا جي خطرن ۾ 25 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪري سگهي ٿي. جرنل بي ايم سي ميڊيسن ۾ شايع ٿيندڙ تحقيق ۾ ماهرن اهو نتيجو اخذ ڪيو آهي ته اهي ماڻهو جيڪي ميڊيٽيرينين غذا کائن ٿا انهن جا ڊيمنشيا ۾ مبتلا ٿيڻ جا امڪان واضح طور تي گهٽ هوندا آهن. ماهرن مطابق تحقيق جا نتيجا اهو به ٻڌائن ٿا ته غذا سان گڏ مثبت ۽ متحرڪ زندگي جو طرز عمل بيماري لڳڻ جي خطرن کي گهٽ ڪري ٿو.