منشيات نسلن جي تباھين جو وڏي منافعي وارو واپار، سنڌ جي نوجوانن کي تمام وڏي تيزي سان بربادي ڏانھن وٺي وڃي رھيو آھي. ڪولھي وسڪي (ٺرو)، مين پڙيون ۽ گٽڪا سڄي سنڌ جي شھرن ۾ پوليس جي سرپرستي ۽ ھفتا خوري جي بنياد تي هلي رهيا آهن، جنھن سان سنڌ جي ھر شھر، گھر ۽ ڳوٺ ۾ عورتون، ٻار ۽ نوجوان منشيات واپرائڻ جي ڪري نشي جو شڪار ٿي رهيا آهن. موالين جو تعداد وڌي رھيو آھي. ٽنڊي ڄام ۾ زھريلو شراب واپرائڻ سبب ماڻھن جي مرڻ واري خبر باوجود سنڌ سرڪار ۽ ان جي مجاز ادارن ڪا به اک نه پٽي، ٻين ماڻھن کي ان طرح مرڻ کان بچائڻ لاءِ ڪي به خاطر خواھ اپاءُ نه ورتا ويا آھن. ڪجھ سال اڳ ٽنڊو محمد خان ۾ زھريلي شراب سبب 100 جي لڳ ڀڳ ماڻھو ھڪ ٻن ڏينھن ۾ اجل جو شڪار ٿيا ھئا، جنھن واقعي بعد سمجھيو ويو ھو ته زھريلو شراب ھاڻ پوري سنڌ ۾ بند ٿي ويندو، سرڪار سخت قدم کڻندي ۽ ماڻھو به موت جي خوف سبب ان جو واھپو نه ڪندا، مگر ساڳيو واپار بغير وقفي جي ھلندو رھيو آھي.
ٽنڊو محمد خان ۾ ته وڌيڪ تيز ٿي ويو آھي، نه ماڻھو بدليا آھن ۽ نه سرڪار تي ڪو اثر پيو آھي. مين پڙين ۽ گٽڪن جو وڪرو ۽ واھپو جيئن سزائن جا قانون سخت ٿيا آھن تيئن شھرن ۾ وڏي حد تائين وڌي پيو. انھن زھريلي شين جي نتيجي ۾ انساني جسمن ۾ مختلف قسمن جي ڪينسر جا ڪيس به وڌي ويا آهن. ھڪ طرف ڪينسر جي بيمارين جون اسپتالون ۽ علاج جون سھولتون وڌن پيون ته ٻئي طرف وري ڪينسر جي پکيڙ جا سبب به وڌايا پيا وڃن، سفيد پوش ماڻھو ان وڏي منافعي واري ڌنڌي پويان ڪاھي پيا آھن، ھڪڙا اھڙا ڪاروبار وڏي پيماني تي ڪن پيا، جن جو مال ھڪ کان ٻئي شھر رسي ٿو ٻيا منشيات جي ايٽمن کي کپائڻ لاءِ ريزڪي وڪري سان لڳل آھن، ان ذريعي سٺيون ڏھاڙيون ڪمائي وٺن ٿا، ٽيان اھڙن ڪڌن ڪاروبارن کي جاري رکرائڻ لاءِ پوليس ۽ ڪڌن ڪاروباري ماڻھن وچ ۾ ٽياڪڙيون ڪرائي اھڙن ڌنڌن جو حصو بڻيل آھن، سڄي سنڌ ۾ ٻين ماڻهن کان علاوه صحافت جهڙي عظيم پيشي سان لاڳاپيل ماڻهن جو به وڏو تعداد صحافت جي آڙ ۾ ان ڪڌي ڪاروباري نظام جو حصو بڻيل آھي. سنڌ ۾ صحافين جي تعداد ۾ اضافي ۽ پريس ڪلبن جو انگ ھر شھر ۾ وڌڻ واري معاملي جو ڪنيڪشن به اھو ساڳيو آھي، شھرن جا نامي گرامي مشھور ماڻھو به صحافي ٿيا آھن، جن کي صحافت جي الف ب جي به خبر نه آهي، پر بدقسمتيءَ سان اهي جديد دور جا لوازمات با آساني پورا ڪري سگھن ٿا.
معذرت سان جيڪي منشيات فروش ماضي ۾ ڪجھ صحافين جي قلم جي نوڪ کي چٻو ڪرڻ يا انھن جو ضمير خريد ڪرڻ لاءِ ھزارين رپيا انھن کي انھن جي خاموشي عيوض ادا ڪندا ھئا سي 5 اخباري ڪاپين جا ماھوار پئسا ڀري، خود صحافي ٿي ويا آھن يا تيزي سان ٿي رھيا آھن. سماجي ورڪرن جو به وڏو انگ ان ڪڌي ڌنڌي پويان لڳي ويو آھي ۽ انهن کي ان ڳالهه جو به احساس نٿو ٿئي ته هن سماج کي بيمار ڪرڻ ۾ ڪيڏو وڏو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ان طرح سنڌ جي ھر شھر ۾ اھڙيون سوسائٽيون جنم وٺي رھيون آھن جن وٽ ھاڻ اھڙا ڪڌا ڪاروباري ماڻھو خراب ۽ سماج دشمن نٿا سمجھيا وڃن، وسيع پيماني تي ماڻھن جي وڏي تعداد ۾ اھڙن ڪمن ۽ سماج جي بھتري لاءِ ڳالھين ۽ دعوائن ڪرڻ وارا ٻٽا معيار ماضي ۾ ڪڏھن به ڪونه ڏٺا ھئا، مين پڙي يا گٽڪا فروش يا جوا جا اڏا ھلائيندڙ ماڻھو خير خيراتون ۽ عام ڀلائي وارا ڪم به ڪن پيا، ڪير به اھو نٿو پڇي ۽ سوچي ته انھن وٽ ايترو پئسو ڪٿان آيو آھي؟ خرابيون ھر دور ۾ خرابين طور مشھور رھيون آھن خرابين سان جڙيل ماڻھن جي سماج اندر ھڪ شڪل ۽ سڃاڻپ واضح به رھي آھي ۽ انھن سان انھن جي ڪارن ڌنڌن جي ڪري نفرتون به چٽيون رھيون آھن، مگر ھاڻ ايئن نه رھيو آھي، ڪنھن نه ڪنھن حوالي سان نمايان ماڻھن جي وڏي تعداد آڏو ھر شھر ۾ ڪجھ ڪردار عالم آشڪار رھيا رھندا اچن، بلڪه ماڻھن جا نالا به انھن جي ڪارن ڌنڌن جي ڪري عام سڃاڻپ جي حساب سان عام زبانن تي بدلجي ويل آھن.
مثال فلان ڪير؟ فلان مين پڙي وارو، فلان ڪير؟ فلان آڪڙي وارو، فلان ڪير؟ فلان سفينه وارو. مگر ماڻھن جي دلين ۾ انھن ڪردارن خلاف نفرتون نه ٿيون ڏسجن.. اھڙين حالتن ۾ چئي سگھجي ٿو ته وقت ۽ حالتون تيزي سان تبديل ٿي رھيون آھن، جن جي تبديلي جي نتيجي ۾ ڏوهه به تيزي سان وڌنڌا پيا وڃن ۽ امن امان جا معاملا به بري طرح خراب ٿيندا وڃن. انهن سڀني شين جي ڪري نسلن جي وڏي پيماني تي تباھي به سامھون ايندي، صحت ۽ تعليم جا مسئلا به وڌندا ملڪي دفاع ۽ اھليتن تي ناڪاري اثر به ظاھر ٿيندا، سچ لکڻ وارا ٻرن ۾ لڪي ويندا.