تاريخ 14 مارچ 2026ع تي مٺي اسپتال جي چيف ميڊيڪل آفيسر پنهنجي ميڊيا ٽرائل کانپوءِ پنهنجي قيمتي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو. ان کان اڳ هن هڪ “ڊيٿ نوٽ” لکيو ۽ هڪ وڊيو رڪارڊ ڪري ڪجهه ماڻهن کي نامزد ڪيو آهي، جيڪي کيس ايڏي وڏي فيصلي تائين گهلي وڃڻ لاءِ ذميدار آهن. ڪجهه ماڻهو هن ڪيس کي ٿر ۽ اتر واري پاسي ۾ الجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ڪجهه وري هن کي هندو ۽ مسلمان وارو رنگ ڏئي اڃان وڌيڪ خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اميد آهي ته قانون پنهنجو رستو وٺندو ۽ انهن ماڻهن کي جاچ ۾ داخل ڪيو ويندو ۽ جيڪي ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي موت جا ذميدار بڻيا آهن انهن کي قانون مطابق سزا ڏني ويندي ۽ هن ڪيس کي هڪ اداري اندر ٿيندڙ بد انتظامي ۽ اداري اندر ٿيندڙ سياست واري عمل طور ڏٺو ويندو ۽ حل ڪيو ويندو. هي صرف هڪ خودڪشيءَ جو ڪيس ناهي، بلڪه اسان جي سماج ۾ بدلجندڙ طور طريقن ۽ زندگيءَ جي وهنوار ۾ سوشل ميڊيا جي وڌندڙ ڪردار جو ڪيس به آهي. جتي سوشل ميڊيا اسان کي ڳنڍي ٿي اتي ڪيترين ئي زندگين کي اسان کان ڦري به ٿي. مقامي ميڊيا رپورٽن مطابق گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ تي هڪ ميل نرس پاران لڳايل جنسي ڏاڍائيءَ جا الزام گردش ڪري رهيا هئا، جنهن تي ڊاڪٽر تمام گهڻو ذهني دٻاءُ جو شڪار هو ۽ هن رد عمل ۾ پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو. ڊاڪٽر صاحب کي قانون تي اعتبار نه هو، ڇو ته هن وقت قانون ظالم سان گڏ بيهي ٿو ۽ مظلوم کي انصاف نٿو ملي.
اسان جي جيلن ۾ شفافيت سان جيڪڏهن جاچ ڪئي وڃي ته ان ۾ 70 کان 80 سيڪڙو ماڻهو بيڏوهي قيد ڪاٽي رهيا آهن. اهڙي وقت ۾ هڪ پڙهيل لکيل باشعور شخص قانون کان مدد وٺڻ بجاءِ پنهنجو فيصلو پاڻ ڪري ڇڏيو ۽ هن نااميدي مان پنهنجي ڪردار تي لڳل داغ کي پنهنجي جان جي قيمت ڏئي ڌوئڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان جو سماج تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيو آهي. اسين سڀ ماده پرستيءَ جو شڪار آهيون ۽ هڪٻئي کي ان ڊوڙ ۾ ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. انهيءَ ڊوڙ ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ کي به ڪنهن ڪيرائي وڌو ۽ هو پنهنجي زندگي وڃائي ويٺو. هن وقت مختلف ادارن ۾ عورتن ۽ مردن جي گڏجي ڪم ڪرڻ کان علاوه مردن جو مردن سان حسد ۽ عورتن جو عورتن سان حسد به هڪ وڏو مسئلو بڻيل آهي، پر جتي گڏجي ڪم ڪرڻ واريون جايون آهن، اتي پروفيشنل ازم کي برقرار رکڻ ۽ پاڻ کي ڪنهن به قسم جي تڪرار، بليڪ ميلنگ يا الزامن کان بچائڻ لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ مردن ۽ عورتن لاءِ هڪ جيترو ئي اهم آهي، پر هن واقعي اهو ثابت ڪيو آهي ته مرد کي به مرد کان هوشيار رهڻو پوندو ته عورت کي عورت کان هوشيار رهڻو پوندو. ان لاءِ ضروري آهي ته اسان کي خبردار رهڻ گهرجي ته اسان جي چوڌاري ڪٿي نه ڪٿي اهڙا زهريلا ذهن موجود هوندا آهن جيڪي اسان جي صلاحيتن يا مهارتن کان خوفزده هوندا آهن ۽ اهي معمولي ڳالهين کي بنياد بڻائي افواهن جو بازار گرم ڪندا آهن، بليڪ ميلنگ يا ڪردار ڪشي ڪري ڪنهن به فرد کي ان جو شڪار بڻائيندا آهن ته جيئن اهو سندن راهه تان هٽي وڃي. اهي زهريلا ماڻهو ٻين جي زندگي ۾ مداخلت ڪندا آهن ۽ اهڙي پروپيگنڊا ڪندا آهن، جنهن کي عوام سچ سمجهي شيئر ڪندو آهي، جنهن ۾ هن وقت سوشل ميڊيا هڪ وڏو متحرڪ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اسان بغير سوچڻ ۽ سمجهڻ يا بنا سچ کي ڄاڻڻ جي اهڙيون وڊيوز شيئر ڪندا آهيون ۽ هڪ ڪوڙ تمام وڏو سچ نظر ايندو آهي. اسان مان هر فرد ٻئي فرد کان منفرد آهي. ڪجهه ماڻهو پنهنجي ذات ۾ تمام مضبوط هوندا آهن ته ٻئي پاسي ڪجهه ماڻهو تمام ڪمزور. اهي ڪنهن ننڍڙي الزام يا نفرت جي نگاهه سان ٽٽي پوندا آهن ۽ سماج جو بائيڪاٽ ڪرڻ يا وري پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻڻ لاءِ قدم کڻڻ تي مجبور ٿي پوندا آهن.
ان لاءِ ضروري آهي ته اسان سماج کي ايئن تبديل ڪريون جتي اسان پنهنجون حدون پاڻ مقرر ڪريون، پنهنجو پاڻ تي يقين رکون ۽ ڪنهن به جذباتي رد عمل کان پاسو ڪريون ۽ خاص طور تي اهڙي ڪم ڪرڻ واري جاءِ تي جتي مرد ۽ عورتون گڏ ڪم ڪندا هجن اتي پروفيشنل ازم کي برقرار رکڻ سان پنهنجي ڪم جي شروعات ڪريون ۽ پنهنجو پاڻ کي پهرين ڏينهن کان وٺي ان جاءِ تي قانوني، سماجي ۽ نفسياتي طور تي مضبوط ۽ محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون. ذاتي گفتگو کان پرهيز ڪرڻ ۽ پنهنجي ذاتي زندگي ٻين ماڻهن سان شيئر ڪرڻ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. خاص ڪري مردن ۽ عورتن جي وچ ۾ غير ضروري ويجهڙائي، کلڻ يا مذاق اڳتي هلي انهن جي زندگين ۾ غلط فهميون پيدا ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن به ڪم ڪار جي سلسلي ۾ ڪا شيءِ لکت ۾ موڪلڻي هجي ته سرڪاري پليٽ فارم يا اي ميل استعمال ڪجي، پرسنل نمبر يا واٽس ايپ تان گفتگو ڪرڻ يا مئسيج کان پرهيز ڪجي.سرڪاري ميٽنگ لاءِ دروازن کي بند ڪرڻ بجاءِ کليل رکجي ته جيئن گوسپ ڪرڻ وارن کي ڪوبه موقعو نه ملي. حراسمينٽ بابت قانونن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي جي صورت ۾ قانون کان مدد حاصل ڪري سگهجي. ان کان علاوه سوشل ميڊيا جو استعمال انتهائي احتياط سان ڪجي. آفيس واري زندگيءَ کي گهر واري زندگيءَ کان ڌار رکجي ۽ ذاتي معلومات ڪنهن سان به نه ونڊجي. ڪنهن به مسئلي تي سوشل ميڊيا تي عدالت لڳائڻ کان پرهيز ڪجي. ڪنهن به ڏوهي يا بيڏوهي کي اهو موقعو ڏنو وڃي ته اهو قانون جي دائري ۾ رهي پنهنجو پاڻ کي بيڏوهي ثابت ڪري يا قانون ان کي ڏوهاري ثابت ڪري. انهن سمورن روين کي تبديل ڪرڻ لاءِ پوري سماج کي پنهنجو پاڻ کي ٻيهر سکيا ڏيڻي پوندي. سماجي اخلاقيات ۽ سوشل ميڊيا جي اخلاقيات سمجهڻي پوندي. نه صرف ذاتي طور تي بلڪه ان کي اسان جي تعليمي ادارن ۽ ڪم ڪندڙ اسپيسز ۾ لاڳو ڪرڻ لاءِ ان کي سمجهي ان تي عمل ڪرڻو پوندو.