پوري دنيا ۾ رهندڙ انسان ڪنهن نه ڪنهن مذهب سان وابستگي ضرور رکن ٿا. اهوئي سبب آهي جو دنيا جي ملڪن اندر مختلف مذهب وجود رکن ٿا، هر ڪنهن کي پنهنجي مذهب تي اعتقاد رکڻ ۽ ان جي پرامن تبليغ ڪرڻ جو حق پڻ حاصل آهي ۽ هرهڪ تي اهو به لازم آهي ته ٻئي مذهب جو احترام ضرور ڪري، ان کي برداشت ۽ رواداري چيو وڃي ٿو، پوري دنيا انهيءَ اصول تي قائم آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان جو وجود پڻ مذهب جي بنياد تي ٿيو هو، پر ان جي آئين ۾ مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ ٻئي مذهب کي احترام ڏيڻ ان کي برداشت ڪرڻ شامل آهي.
1977ع ۾ جڏهن ضياءُ الحق ملڪ جي چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪري حڪمران ٿي ويٺو ته ان ملڪ کي مذهبي انتهاپسندي طرف ڌڪڻ جو سلسلو شروع ڪيو. ان وقت ائين محسوس ٿي رهيو هو ته پاڪستان ۾ شايد 1977ع کان پهرين مسلمان نه رهندا هجن ۽ جيڪي ماڻهو رهن ٿا انهن کي ضياءُ الحق پڪو پختو مسلمان ڪرڻ چاهي ٿو، اهوئي سبب هو جو ان وقت مدرسن جو ڄار پکيڙيو ويو، جن جي فنڊنگ حڪومت پاڪستان ڪندي هئي، پوءِ خبر پئي ته اها فنڊنگ اسان جي برادر اسلامي ملڪن مان پڻ اچي رهي آهي. طالبان جو وجود به پاڪستان ۾ موجود مدرسن اندر ٿيو، پنهنجو ملڪ اڄ تائين انهيءَ مذهبي انتها پسندي ۽ نفرت جي ڀوڳنا ڀوڳي رهيو آهي، جيڪا ايندڙ وقت ۾ به جلد ختم ٿيندي نظر نٿي اچي. 2019ع ۾“FATF” فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي دٻاءُ هيٺ پاڪستان گورنمينٽ انهن مدرسن کي ريگيولرائيز ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ۽ ملڪ ۾ موجود سڀني فرقن جي عالمن سان مذاڪرات ڪري مدرسن کي ريگيولرائيز ڪرڻ جو قانون ٺاهيو ويو ۽ مدرسن کي وفاقي تعليم جي ماتحت ڪيو ويو. بنا رجسٽريشن جي ڪوبه مدرسو نه هلندو ۽ موجود مدرسن کي پڻ رجسٽر ڪرڻو پوندو، انهن جي نصاب تي وزير تعليم جي نظر هوندي، انهن کي هنرمندي جي تعليم پڻ ڏياري ويندي. ياد رهي ته ان کان پهرين پاڪستان مسلسل گري لسٽ ۾ رهندو پئي آيو، پر 2023ع ۾ پاڪستان بهتر پرفارم ڪندي گري لسٽ مان نڪري چڪو آهي. مدرسن جي رجسٽريشن کانپوءِ 18 هزار کان وڌيڪ مدرسا وفاقي وزارت تعليم وٽ رجسٽرڊ ٿي ويا جنهن ۾ هن وقت 22 لک کان مٿي کٿابي ديني ۽ دنوي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. مولانا فضل الرحمان صاحب کي اچانڪ خيال آيو آهي ته اهو معاهدو جيڪو گورنمينٽ سڀني عالمن سان گڏ ڪيو آهي اهو مناسب نه آهي ان ڪري سندس مرضيءَ مطابق مدرسن کي وزارت صنعت ۽ تجارت جي تحت هلايو وڃي. 26 هين آئيني ترميم ڪرائڻ جي لاءِ جڏهن مولانا صاحب جي سخت ضرورت پئي ته مولانا صاحب پنهنجا پتا کيڏڻ شروع ڪيا، جنهن ۾ اهو پَتو به هو ته مدرسن جي رجسٽريشن سندس مرضي مطابق ٿيندي، ان وقت 26 هين آئيني ترميم پاس ڪرائڻ ضروي هئي ان ڪري مولانا صاحب کي راضي رکيو ويو ۽ سندس مطالبو 26 هين آئيني ترميم ۾ شامل ڪيو ويو ۽ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ کان پڻ پاس ڪرايو ويو، پر جڏهن صدر جي صحيح جو وقت آيو ته مولانا طرفان پيش ڪيل ترميم کانسواءِ ٻين ترميمن تي صحيح ٿي وئي. هاڻ مولانا کي ڪاوڙ اچي وئي آهي ته سندس تجويز ڪيل ترميمون جيڪي قومي ۽ سينيٽ مان پاس ٿيون آهن انهن تي صدر صحيح ڇو نه ڪئي آهي؟ ظاهر ۾ ته سندس ڪاوڙ ان ڳالهه تي آهي، پر مولانا جا ڪجهه وڌيڪ مطالبا پڻ آهن، جيڪي ظاهر نه ٿيا آهن، هاڻي حڪومت، مولانا صاحب جي سامهون ملڪ ۾ موجود ٻيا علماءِ اڪرام آڻي ڇڏيا آهن جيڪي چئي رهيا آهن ته اسان کي مدرسن جو وزارت تعليم جي هي هجڻ ۾ ڪوبه اعتراض نه آهي، حڪومت مولانا صاحب جي چوڻ تي اسان جي مدرسن جي رجسٽريشن ٻيو دفعو ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسين اعتراض ڪنداسين، احتجاج ڪنداسين، ڇو ته 22 لک کٿابين جي تعليم ۽ مستقبل جو سوال آهي. يقينن مولانا صاحب هڪ زيرڪ سياستدان آهي، پر سندس انهيءَ دانشوري جي پٺيان پڻ هميشه طاقتور حلقا هوندا آهن، جيڪي هن وقت کانئس پاسيرا آهن. انهيءَ ڳالهه جو اندازو مولانا صاحب کان وڌيڪ ڪنهن ٻئي کي نه هوندو. اسين پڻ سمجهون ٿا ته ملڪ پهرين کان ئي سياسي عدم استحڪام جي ور چڙهيل آهي.
ملڪ جي هڪ وڏي پارٽي پي ٽي آءِ بار بار احتجاج ۽ انتشار پيدا ڪري رهي آهي ان ۾ جيڪڏهن مولانا صاحب به شامل ٿي ويندو ته ملڪ جي لاءِ سٺو نه ٿيندو، اها ڳالهه اقتدار ڌڻي مولانا صاحب کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن مولانا صاحب راضي نه ٿيو ته پوءِ سندس حال به پي ٽي آءِ جهڙو ٿي سگهي ٿو. مولانا صاحب کي هڪ رستو وٺڻو پوندو يا پي ٽي آءِ سان گڏجي سياست ڪري يا طاقتور ڌرين سان گڏجي حڪمت ڪري، فيصلو کيس ڪرڻو آهي.