ڪتاب ۽ شخصيت
”سڄڻ ساڃاهه وند“ ليکڪا مهتاب اڪبر راشدي جو تحرير ڪيل نئون ڪتاب، جو ٽيهه اهم شخصيتن جي زندگي انهن جي ڪم ۽ سندن پنهنجي عملي ميدان ۾ ڪيل جدوجهد ۽ انهيءَ مان پيدا ٿيل نتيجي تي مشتمل آهي.
مهتاب اڪبر راشدي جنهن پاڻ هڪ مڃيل ۽ مصروف زندگي گذاري آهي. اهڙي زندگي جنهن جا ڪيترائي پاسا آهن، هڪ ٽيچر کان يونيورسٽي استاد تائين ۽ سيڪريٽري ٽو گورنمينٽ سنڌ جي عهدي تائين پهچڻ هڪ ساڌارڻ سفر چئجي جيڪڏهن ڪو شخص اهڙن اعليٰ عهدن تائين پهچي، پر مهتاب اڪبر راشدي هڪ گهڻ پاسائين شخصيت آهي. هوءَ جيئن مٿي بيان ٿيل آهي ته اعليٰ عملدار رهي آهي، پر انهيءَ کانسواءِ هوءَ هڪ ئي وقت گهڻين خوبين جي مالڪ آهي. سندس ڏات، خوبين ۽ ذهانت تي نظر وجهجي ٿي ته حيراني ٿئي ٿي ته وقت ۽ حالتون ڪنهن شخص تي هڪ ئي وقت شايد ئي ايتريون مهربان ٿيون هونديون. سڀ کان پهرين هلو ڏسون ته سندس هڪ پوسٽ گريجوئيشن يونيورسٽي آف ميساچوسٽس، ايمهرسٽ آمريڪا مان ٿي. سندس Talent جو هڪ ميدان ريڊيو پاڪستان آهي، ريڊيو جنهن کي پاڻ طلسماتي دنيا به چوي ٿي، جتي پاڻ صداڪاري ڪيائين ۽ پوءِ ٽي ويءَ تي ميزبان ٿي رهي آهي، هڪ انٽرويو وٺندڙ جي حيثيت ۾ هن پاڻ مڃايو آهي، ٽي وي انٽرويوز جي دنيا ۾ شايد ئي سندس ڪو مقابل هجي. سندس سنڌي ۽ اردو انٽرويو جيڪي ملڪ جي اهم سياسي ۽ ادبي شخصيتن کان ڪيل آهن ۽ مختلف ٽي وي چينلز تان نشر پيا ٿيندا آهن، هن انهن ۾ ڄڻ ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ ادبي تاريخ مرتب ڪئي آهي. مهتاب اڪبر راشدي وٽ جيڪو تخليقي هنر آهي. انهيءَ سندس فن جي مختلف شعبن تي اثر پذيريءَ کي ممڪن بنايو آهي. سندس زندگيءَ ۾ عمل جا گهڻا پاسا آهن. پاڻ سياستدان به آهي. 2013 کان 2018 تائين سنڌ اسيمبلي ۾MPA رهي چڪي آهي.
ماهوار ”همسري“ رسالي جي ٽيم جو حصو هئڻ ڪري انهيءَ رسالي جي فيبروري 2023 واري شماري جي سلسلي ۾ جنوري جي شروع ۾ ٿيل ميٽنگ ۾ ايڊيٽر زاهده ابڙو چيو ته: ”ٻين ڪمن سان گڏ ڪتاب ”سڄڻ ساڃاهه وند“ تي لکڻ توهانجي ذمي آهي.“ اڳتي هلي جڏهن مون ڪتاب پڙهيو ۽ ليکڪا جي شخصيت، علم ۽ هنر جي هر ميدان ۾ سندس سرفرازي تي سوچيو ته: هيءُ لکڻ منهنجي لاءِ ڄڻ امتحان ٿي ويو. روان مهيني ۾ جڏهن مون لڇمڻ ڪومل جو ڪتاب ”وهي کاتي جا پنا“ پئي پڙهيو ته ان منهنجي مدد ڪئي. ڪتاب ۾ ليکڪا متعلق هي اقتباس ڏسو:
”لڳ ڀڳ ويهن ٻاويهن سالن کانپوءِ مئڊم مهتاب راشديءَ سان منهنجيون ڪراچيءَ ۾ ٽي چار ملاقاتون ٿيون ۽ مون ڏٺو ته هن جي سوڀيا تي وهندڙ وقت جا ڪي پاڇا نه پيا آهن. هن جي موهيندڙ مُرڪ اڃا به اهڙي ئي ڪشش ڪندڙ هئي. مان مهتاب راشدي محترمه جو بيحد ٿورائتو آهيان جو منهنجي آتم ڪٿا جي پهرئين ڀاڱي جي مهورت تي هن بيحد جاذب جائزو پيش ڪيو، جيڪو اڳتي هلي منهنجي پريتوان نصير مرزا منهنجي رسالي ”امرتا“ ۾ شايع ڪيو. مون اهو پرچو سانڍي رکيو آهي.
سال 1988 ۾ مهتاب راشديءَ جو ”پاڪستان اسٽڊي سرڪل“ طرفان ڀارت-پاڪ تعلقات تي انگريزيءَ ۾ تحقيقاتي تجزيي وارو عالماڻو ڪتاب (Indo-Pak relations) منهنجي اڀياس هيٺ آيو، جيڪو بيحد ديانتداري، رواداري ۽ ادار دليءَ سان تحرير ڪيو ويو آهي. هڪ سعادتمند ۽ صالح اولاد جيان مهتاب آبرودار نموني هيءُ ڪتاب پنهنجي والد ۽ والده کي ارپڻ ڪيو آهي، جن سان گڏجاڻيءَ جو مون کي پڻ شرف حاصل ٿيل آهي، جنهن بابت مان مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان.
مهتاب جي هن آفريني کوجنا واري ڪتاب بابت تفصيلوار جائزو پيش ڪرڻ منهنجيءَ هن آتم ڪٿا جي دائري کان ٻاهر آهي، پر مهتاب مانسڪ خواهه مذهبي رواداريءَ سان ورهاڱي کان وٺي پهرينءَ پاءَ صديءَ جو پوريءَ پروڙ سان جاذب تجزيو پيش ڪري هڪ تاريخي دستاويز تيار ڪيو آهي ۽ هي تاريخي دستاويز ڪنهن جو ”لکايل“ نه، پر پنهنجو لکيل آهي، جنهن ۾ مهتاب راشديءَ ڀارت-پاڪ ڇڪتاڻ جو سڄو پس منظر، عالمي طاقتن جو ڀارت ۽ پاڪستان طرف رخ، رويو ۽ نظريو، شملا اقرار نامي کان اڳ وارو ماحول، ٻنهي ملڪن جي پاليسين ۾ آيل بدلاءُ، شملا قرار داد جو عملي روپ ۽ ان بعد ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعلقات بحال ٿيڻ جا اهڃاڻ آهن. بهرحال، مهتاب اڪبر راشدي عالمي لاڳاپن (انٽرنيشنل رليشنس) جو درس ڏيئي رهي آهي ۽ مان عالمي ڀائيچاري جو سدائين سبق سکندو رهيو آهيان، ٻيئي جذبا مشترڪ آهن.“
8 جنوري 2023 تي آئون، نصير مرزا، ليکڪ خواجه غلام علي کوساڻي، دوست وزير حسين ميمڻ سڪرنڊ پئي وياسين جيئن اتي شاعر مير محمد پيرزادو جي ڪتاب ”مون پريان سين نينهن“ جي مهورت ۽ ورسيءَ جي تقريب ۾ شرڪت ڪجي. جتي منير شاهه ذاڪري، جامي چانڊيو، راشد لکمير، محمد حنيف سومرو اڳواٽ موجود هئا. سفر ۾ نصير مرزا صاحب تخليقي ادب جي پروڙ ۽ پرک لاءِ هڪ نئين ڳالهه ڪئي. گهٽ ۾ گهٽ اهو نقطو ۽ نقطئه نظر ڪنهن به تحرير ۽ تخليق متعلق منهنجي لاءِ نئين ڳالهه هئي. نصير جي ڪيل ڳالهه جيڪڏهن هڪ سِٽ ۾ بيان ڪجي ته: ليکڪ پنهنجي معنيٰ ۽ مطلب جو موتي پنهنجي تخليق ۾ ڪيترن لفظن ۽ سٽن ۾ ڳولهي ٿو. ظاهر اهو ٿيو ته ليکڪ مختصر نويس آهي يا طويل تحرير ۾ پنهنجي تخليق جي موتيءَ جي طرف پهچي ٿو.
اسان جي ليکڪا مهتاب اڪبر راشدي نظر بظاهر مختصر نويس آهي، هو ٿورين سٽن ۾ پنهنجي ڳالهه بيان ڪرڻ جي هنر کان واقف آهي. اها ڏات ۽ تحريري وصف هر ليکڪ کي نه ٿي ملي. ڪتاب 37 مضمونن تي مشتمل آهي جو ملڪ جي اهم ۽ ناميارين شخصيتن تي لکيو ويو آهي، جن کي خاڪا به چئجي ته تاثرات به، جيئن ڪتاب جي سب ٽائٽل تي لکيل آهي. انهن جو ادب، صحافت، سياست، تعليم سان تعلق آهي، پر انهن ۾ سائين عبدالستار ايڌي صاحب جهڙا خدمتگذار ۽ محترمه عاصمه جهانگير صاحبه جهڙا اسٽيٽسڪو سان لاڳيتو وڙهندڙ باغي ڪردار به آهن.
مهتاب اڪبر راشدي صاحبه جي تحرير سادي پر ڳتيل آهي، جن شخصيتن تي هن لکيو آهي. اهي سنڌ ۽ پاڪستان ۾ انتهائي اهم ۽ مانائتا شخص آهن ۽ انهن جو پنهنجي عمل جي ميدان ۾ گهڻو ڪم ڪيل آهي. ليکڪا گهڻي احتياط سان انهيءَ جي جيون کي پيش ڪيو آهي، بس اوترو ئي جيترو هڪ مضمون ۽ هڪ تقرير جي تقاضا آهي ياد رهي ته ڪتاب جي ڇپائيندڙ آفتاب ابڙو ”اداري پاران“ واري نوٽ ۾ لکيو آهي ته: مضمون اڪثر سندس تقريرون آهن. هن شخصيتن متعلق گهڻن انگن اکرن ڏيڻ کان پرهيز ڪئي آهي، پر انهيءَ جي جاءِ تي انهن شخصيتن بابت تاثرات پنهنجي يادن ۽ ملاقاتن جي تعامل سان ائين پيش ڪيا آهن جو ليکڪا جو تحرير جي فن ۾ پنهنجو هڪ انداز بيان ظاهر ٿي پيو آهي، ڳالهين، يادن ۽ واقعن کي بيان ڪندي ليکڪا جي ٻي اهم خوبي آهي: هن جي تحرير ۾ بين السطور شگفتگي. ائين ٿئي جو پڙهندڙ انهيءَ کي پڙهندي مرڪي پوي. استاد بخاري تي لکيل مضمون ”استاد وڏو استاد آهي“ جي شروعات ڏسو:
”ڪجهه سال اڳ هڪ ملڪ ۾ انقلاب آيو. انقلاب اهو آيو، جو بادشاهه سلامت کي ”باسلامت“ تخت تان لاٿو ويو. ان ملڪ جي گاديءَ واري شهر ۾ مسلسل اٺ ڏهه ڏينهن گهرو ويڙهه هلندي رهي. بي بي سي جو ڪو سرويچ نمائندو، وڙهندڙن کان انٽرويو وٺڻ لاءِ وڃي اتي پهتو. انهيءَ انٽرويوءَ جي خبر بي بي سي ڪجهه هن طرح نشر ڪئي هئي ته:
”جڏهن انهن مان زخمين کان پڇيو ويو ته ”اوهان ڇا لاءِ وڙهي رهيا آهيو؟ ته انهن مان اڪثريت چيو ته اسان کي ڪا خبر ڪانهي“ ۽ جڏهن اسان جي نمائندي انهن کان پڇيو ته ”اوهان پوءِ وڙهيا ڇو؟“ ته انهن چيو ته ”ٻيا وڙهي رهيا هئا، ان ڪري اسان به وڙهڻ شروع ڪيو“.
شاعريءَ جي ميدان ۾ اسان وٽ ڪجهه ائين ئي ٿي رهيو آهي، ڪيترن شاعرن کان پڇبو ته ڇا لاءِ شاعري ڪري رهيا آهيو ته جواب ملندو ته ڪا خبر ڪانهي ۽ جڏهن وري پاڻ کان پڇندا ته اسان شاعري ”پوءِ ڇو“ ڪري رهيا آهيون ته جواب ملندن ته ٻيا جو ڪري رهيا آهن ته پوءِ اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟ يعني پنهنجو پاڻ سان قطعي فيصلو ٿيل ڪونه هوندو، ڪو مقصد ڪونه هوندو. تصور ۾ يا اکين آڏو ڪا منزل طئي ڪيل ڪانه هوندي، مڙئي لٺ هڻڻي آ، پوءِ پاڻ کي لڳي يا ڌوڙ ۾ لڳي، پر مڙئي لوڪ ڏسي ته فلاڻو لٺ گهمائي بيٺو.“
ليکڪا جو اعليٰ عالمي ادب پڙهڻ جو معيار لاجواب آهي. پاڻ عبدالقادر جوڻيجو تي لکيل مضمون ۾ موجوده وبا جي تناظر ۾ عجب جهڙو سوال ڪيو آهي.
سوچيم پئي ته اڄ جي عبدالقادر جوڻيجو جيئرو هجي ها ته ڇا گيبريل گارشيا مارڪيز جي ڪتاب “Love in the time of cholera” وانگر Covid-19 متعلق ڪو معرڪته الارا ڪتاب تحرير ڪري ها؟
عبدالستار ايڌيءَ تي سندس مضمون انهيءَ نيڪ انسان جي وڇوڙي جي روداد بيان ڪري ٿو. مضمون جو آخري حصو پڙهڻ کانپوءِ اڄ جي معاشي ۽ مالي ٻاڙائي جي باوجود اطمينان جو احساس ٿئي ٿو.
پنجويهه سال اڳ پنهنجي قبر پاڻ تيار ڪرڻ وارو عبدالستار ايڌي پنهنجو وارو وڄائي ويو. بيشڪ پاڪستان به پاڻ ملهايو، سڄو پاڪستان هن فقير صوفي منش جي سوڳ تي متحد آهي، چيف آف آرمي اسٽاف راحيل شريف سميت، اعليٰ حڪومتي شخصيتون سندس جنازي ۾ شريڪ ٿيون. هي شخص پنهنجي مرڻ تي سڀني کي متحد ڪري هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ويو، عبدالستار ايڌيءَ جي لفظن سان ڪالم جي پڄاڻي ڪنديس:
”پاڪستان جا ماڻهو، سخي ۽ عظيم آهن، هو ڏيڻ وارن مان آهن، حڪومت چاهي ته پاڪستان به هڪ فلاحي رياست بڻجي سگهي ٿو“
هڪ نيڪ انسان ۽ ٻين انسانن لاءِ زندگي گذارڻ وارا شخص ڪهڙا هوندا آهن، هن تحرير اهو سڀ بيان ڪيو آهي. اها ٿورن لفظن ۾ هڪ وڏي انسان متعلق راءِ ليکڪا جي مختصر نويسي جو مثال آهي. ٿورن لفظن ۾ معنيٰ جا موتي ڳولهڻ ڪو مهتاب اڪبر راشدي کان سکي.
ڪجهه ڏينهن اڳ دل گهرئي دوست ۽ ليکڪ راشد لکمير فيس بوڪ تي پوسٽ رکي آهي جنهن مان معلوم ٿيو ته پيڪاڪ پبلشرز مهتاب اڪبر راشدي جو نئون ڪتاب شايع ڪيو آهي: عنوان اٿس ”منهنجي سوچ منهنجو قلم“ ليکڪا سنڌي ۽ انگريزيءَ جي ڪيترن ئي ڪتابن جي مصنف آهي. هن جون تحريري ۽ تخليقي ۽ علمي ڪوششون قابل تعريف آهن. انهيءَ ڪري جڏهن توهان زيرِ نظر ڪتاب ”سڄڻ ساڃاهه وند“ پڙهو ٿا ته ستٽيهه مضمونن ۾ ٽيهه شخصيتن جي زندگي، انهن جي ادب ۽ عمل جي ميدان ۾ ڪيل جدوجهد کان واقف ٿيو ٿا. هڪ مثال پڙهندڙ جي سامهون اچي بيهي ٿو ته زندگي هيئن به گذاري سگهجي ٿي. ٽيهه شخصيتون آهن جن جو هن ڪتاب ۾ ذڪر آهي، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، محمد ابراهيم جويو، آپا مريم نوحاڻي کان گل محمد کتري تائين. ليکڪا مهتاب اڪبر راشدي جو هي ڪتاب ”سڄڻ ساڃاهه وند“ پڙهندي آخر ۾ راءِ اها وڃي بيهي ٿي ته پاڻ اسان جي سماج کي بهتر ٿيندو ڏسڻ چاهي ٿي. مضمون ”نئين سنڌ جو معمار محمد ابراهيم جويو“ جو پڇاڙڪو حصو ڏسو، جتي مضمون ختم ٿئي ٿو.
”ته دوستو! اچو ته اسان جوئي صاحب جي انهن اکين ۾ جهاتي پايون، جنهن سنڌ لاءِ سندر سپنا جوڙيا آهن، ايڪتا، محبت ۽ ترقيءَ جا خواب ڏٺا آهن، اهو جيئرو جاڳندو شخص، جنهن پنهنجو نور نچوئي، راتيون جاڳي، پنهنجي سُتل قوم کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اها قوم، اڄ هن کي ڀيٽا ڏيڻ مهل اهو به وچن ڪري ته هن جي ڏٺل سپنن ۾ ڏٺل سنڌ جي سپني کي هوءَ ساڀيان ڪندي جيڪا سنڌ، جوئي صاحب پنهنجي سپنن ۾ سوچي، تنهن جي تعمير ڪندي اهو ئي هن لاءِ سالگرهه جو وڏي ۾ وڏو تحفو هوندو.“
ڪتاب پاڻ سان انيڪ نشانبر شخصيتن جون ڳالهيون کڻي آيو آهي. جي اسان کان وسري نه وسرنديون. ليکڪا جو اهو اسان تي احسان آهي ته هن غير معمولي ماڻهن جي ياد ڏياري آهي. ٽيهه ئي شخص جن پنهنجون زندگيون علم، ادب ۽ خدمتِ خلق ۾ گذاريون آهن ۽ انهن پنهنجي تحريري، علمي، عملي ميدان ۾ اسان لاءِ تعميري پيغام ڇڏيا آهن.
هي ياد رهڻ جهڙو ڪتاب ”سڄڻ ساڃاهه وند“ پيڪاڪ پبلشرس، ڪراچي ڇپيو آهي.
مهتاب اڪبر راشدي سنڌ جي آسمان جو هڪ جرڪندڙ ستارو آهي. ستارا روشني ڏيندا آهن ۽ واٽ ڏيکاريندا آهن.
***

