حسن ۽ حسين نواز جي گرفتاري لاءِ ريڊ وارنٽ جاري
حسن ۽ حسين نواز جي گرفتاري لاءِ ايف آءِ اي کي وزارت داخلا جو تحريري هدايت نامون ملي ويو آهي. وزارت داخلا پاران ايف آءِ اي کي چيو ويو آهي ته انٽر پول سان رابطو ڪيو وڃي ۽ ان حوالي سان انٽر پول کي تحريري هدايت نامون به جاري ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته احتساب عدالت پاران ايون فيلڊ ريفرنس ۾ مسلم ليگ ن جي اڳوڻي صدر نواز شريف جي ٻنهي پٽن کي اشتهاري قرار ڏيندي ترت ئي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو. جڏهن ته چيئرمين نيب به ٻنهي کي انٽر پول ذريعي گرفتار ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.

