نئون

نيب پاران پاڪستانين جون دبئي ۾ ملڪيتون ظاهر ڪرڻ جو فيصلو

ڪافي عرصو پاناما ليڪس جو چرچو رهڻ بعد هاڻي نيب پاران دبئي ليڪس ذريعي پاڪستانين جون دبئي ۾ ملڪيتون ظاهر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ دبئي ۾ موجود 10 کرب رپين جي ملڪيتن کي ظاهر ڪرڻ جو انديشو ظاهر ڪيو ويو آهي. خبرن موجب چيو پيو وڃي ته گڏيل عرب امارتن ۾ ست هزار پاڪستانين جون 10 کرب رپين جون ملڪيتون موجود آهي، جنهن ۾ اعليٰ فوجي آفيسر، سياستدان، سرڪاري عهديدار، ميڊيا هائوس ۽ صحافي شامل آهن. چيو پيو وڃي ته دبئي ليڪس جي معلومات دبئي انتظاميه پاران 2015 ۾ پاڪستان کي فراهم ڪئي وئي هئي. ان کانسواءِ نيب جو ادارو گڏيل قومن جي مدد سان ٻين عرب رياستن کان به پاڪستانين جي ملڪيتن جي باري ۾ مدد گهري سگهي ٿو.