بلاگنئون

ٿر: ڏکارا ڏينهن، وسڪاري جون خوشبوئون ۽ بقا جي جستجو

ٿر سنڌ جو اهو خطو آهي، جتي هڪ پاسي پسماندگي ۽ شديد غربت آهي ته ٻي پاسي مارو ماڻهو روزگار جي ڳولا ۾ پنهنجا اباڻا پٽ ڇڏي بئراجي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري نڌڻڪائي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. بک، اڃ ۽ ڏکن ۾ پلجندڙ هي علائقو جڏهن وسڪاري جو موسم ڏسي ٿو ته ڄڻ هن ڌرتيءَ تي زندگيءَ جون مسرتون موٽي اچن ٿيون. برسات ٿرين لاءِ رڳو پاڻي نه، پر خوشيءَ جو پيغام آهي. ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وڌ، پر هر سال ايندڙ وسڪارو مارو ماڻهن جي اميدن کي تازو ڪري ٿو. هاڻي جڏهن ننگر پارڪر تائين روڊ ٺهي ويو آهي ته وسڪاري ۾ سموري سنڌ مان سياح ٿر ڏانهن ڇڪجي اچن ٿا. مٺي جو مشهور تفريحي ماڳ “گڊي ڀٽ” وسڪاري ۾ هزارين ماڻهن جي رونق سان ڀرجي وڃي ٿو. گيسٽ هائوس، جيمخانا ڪلب، پارڪ، هوٽل ۽ دڪانن جي تعمير کانپوءِ هاڻي هتي ميلا لڳن ٿا. ٻارن جا جهولا، هوٽلون، کاڌي پيتي جا ريڙها ۽ مانڊڻيون اهڙو ماحول پيدا ڪن ٿيون، ڄڻ بر ۾ بازاريون لڳي ويون هجن، پر وسڪاري کانپوءِ هڪ سنگين مسئلو پڻ جنم وٺي ٿو. لينڊ مافيا چراگاهن ۽ گئوچرن تي قبضا ڪري رهي آهي، جتي اڳ چوپائي مال لاءِ چراگاهه هوندا هئا، اتي هاڻي ڀٽ پوکيا پيا وڃن. حڪومت جي بي ڌياني سبب ٿر جي معيشت لاءِ حياتيءَ جي حيثيت رکندڙ چراگاهه آهستي آهستي ختم ٿي رهيا آهن، جنهن سان چوپائي مال ۽ مارو ماڻهن جي روزگار کي وڏو خطرو آهي. ٿر کي فطرت جو اوپن ميوزم سڏيو وڃي ٿو. چوماسي ۾ جڏهن ڌرتي سائي چادر اوڍي ٿي، گجگوڙ ۽ بجليءَ جا چمڪا منظر بدلائي ڇڏين ٿا. سانوڻي جي مند ۾ جڏهن واءُ ۾ هڳاءُ هوندو آهي ته چوپايو مال پاڻ ڇنايو واپس ٿر ڏانهن موٽي اچي ٿو. ٿري ماڻهو به نوڪريون ڇڏي پنهنجن اباڻن ڳوٺن ۾ اچي ٿانيڪا ٿين ٿا.

ننگر پارڪر جو تاريخي شهر ۽ ڪارونجهر جبل وسڪاري ۾ پنهنجي پوري رعنائي سان ظاهر ٿئي ٿو. چوماسي ۾ بادل پهاڙين سان ٽڪرائجن ٿا، آبشار وهي نڪرندا آهن ۽ صاف پاڻيءَ جا وهڪرا واهن ۾ وهي ٿڪاوٽ ختم ڪري ڇڏين ٿا. ڪارونجهر جو حسن سياحن کي ڪشش ۾ وٺي ڇڏي ٿو ۽ فطرت جو اهو شاهڪار منظر زندگيءَ ۾ نه وسرندڙ ياد بڻجي وڃي ٿو. گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ ٿر ۾ 13 ڀيرا ڏڪار پوڻ جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن. جڏهن برسات گهٽ ٿئي ٿي ته هزارين ماڻهو بُکيا ۽ اُڃيا رهن ٿا. غذائي کوٽ سبب هر سال سئو کان وڌيڪ ٻار فوت ٿين ٿا، جيڪو عالمي ضمير لاءِ وڏو الميو آهي. هن سال جون 2025 ۾، ٿر جي مختلف علائقن ۾ گرمي پد 51 سينٽي گريڊ تائين پهتو آهي. هي صورتحال واضح ڪري ٿي ته عالمي تپش (Global Warming) ٿر سميت سموري علائقي تي اثرانداز ٿي رهي آهي. ايڪيهين صديءَ جي جديد دور ۾ به ٿري ماڻهو اڃان فطرت جي رحم ڪرم تي جيئڻ لاءِ مجبور آهن. عورتون کوهن تان پاڻي کڻڻ لاءِ ميلن جا پنڌ ڪن ٿيون، ٻار غذائي کوٽ سبب بيمار ٿين ٿا ۽ مرد روزگار لاءِ لڏپلاڻ ڪن ٿا. انهن جي زندگيءَ جو طرز اڃان تائين قديم دور جهڙو آهي. اهڙي صورتحال ۾ وقت جو سڏ اهو آهي ته حڪومت ٿر لاءِ موثر ۽ مناسب ترقياتي رٿابندي ڪري. پاڻي، صحت، تعليم ۽ روزگار لاءِ جامع منصوبا تيار نه ڪيا ويا ته ٿر جا ماڻهو هميشه بک، ڏڪار ۽ دربدري ۾ جڪڙيل رهندا. وسڪاري جي خوشبوءَ سان گڏ، جيڪڏهن بهتر حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي ته ٿر نه صرف سنڌ، پر سڄي پاڪستان لاءِ خوشحاليءَ جو مرڪز بڻجي سگهي ٿو.