بلاگنئون

حڪومت کي سياري جي وئڪيشن جي لاءِ ٻيهر غور ڪرڻ جي ضرورت

جنوري جي پهرئين ڏهاڪي کان سنڌ ۾ سخت سيءَ ۽ ڪوهيڙي ۾ شديد اضافو ٿي ويو آهي، جنهن ڪري معصوم ٻار توڙي ٻڍا مختلف بيمارين جهڙوڪ: نزلي زڪام فلو ۽ بخار ۾ وٺجي ويا آهن. مختلف علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. ڇو ته ڌنڌ ايتري شديد آهي جو ماڻهو ڪو ڪم ڪار به نٿا ڪري سگهن. سياري ۾ سيءَ جي هن پهرين لهر ماڻهن کي منجهائي وڌو آهي. صبح جو لهندڙ ڪوهيڙو منجهند تائين جاري رهي ٿو، جنهنڪري معصوم ٻار اسڪول وڃڻ کان به قاصر آهن. موسميات کاتي موجب سنڌ ۾ هلندڙ سيءَ جي لهر ۾ 15جنوري کان گهٽتائي اچڻ جو امڪان آهي، پر ان کان وڌيڪ ۽ سخت سيءَ جو سسٽم 20 جنوري کانپوءِ سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جو چيو پيو وڃي جنهن سان ڪيترن ئي علائقن ۾ سيءَ جا نوان رڪارڊ قائم ٿيندا. مطلب ته سنڌ صوبي ۾ جنوري مھيني دوران سخت سيءَ جي لهر ۽ ڪوهيڙي سبب زندگيءَ جو ڪاروهنوار مفلوج بڻجي ويو، ماڻھو گھرن تائين محدود اٿي ويا آهن، سڪولن ۾ حاضري گھٽ هئڻ سبب تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي. اسڪولي شاگردن کي اسڪول پھچڻ ۾ سخت ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن، پر اسان وٽ انگريزن جي دور کان هلندڙ قانون سبب تعليم کاتو اسڪولن جون موڪلون (وئڪيشن) هر حال ۾ ڊسمبر ۾ ڪرڻ جو پابند آهي. جيڪڏهن جنوري ۾ موڪلون ڪندو ته شايد ڪبيره گناهه ٿيندو ان ڪري سخت سيءَ جي موسم ۾ استادن توڙي ٻارن کي اسڪول پهچڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي جيڪو عمل نهايت ئي حيران ڪندڙ آهي. گذريل ڏينهن تعليم کاتي هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي اسڪول ٽائيم صبح جو 8 وڳي کان وڌائي 9 وڳي ڪيو ويو. جڏهن ته سيءَ جي شدت منجهند 2 وڳي تائين جاري رهي ٿي. وزير اعليٰ سنڌ صوبائي وزير تعليم ۽ ضلعي حڪومت کي سخت سيءَ کي مدنظر رکندي اهڙا فيصلا ڪرڻ گهرجن جيڪي شاگردن، والدين ۽ استادن لاءِ لاڀائتا هجن. باقي هڪ ڪلاڪ جي تبديليءَ سان نه اسڪولن ۾ حاضري پوري ٿيندي ۽ نه ئي تعليمي معيار وڌندو. موسمياتي تبديليءَ سبب ٿيل تباھ ڪارين ۽ سيءَ گرميءَ جي خطرناڪ لهر توڙي ايندڙ وقت ۾ ان ۾ يقيني واڌ سبب ماحولياتي تبديليءَ بابت جاڳرتا وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي. ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي سرڪار کي سنجيدگي اختيار ڪرڻي پوندي ۽ اسڪولن توڙي ڪاليجن ۾ ڪلائيميٽ چينج ايجوڪيشن وسيلي موسمياتي تبديلن جي اثرن بابت ڄاڻ مهيا ڪرڻي پوندي. اڄ دنيا وڃي چنڊ تي پهتي، پر اسان جي تعليم کاتي کي اڃان اها خبر نه پئجي سگهي آهي  ته سيءَ جي لهر صوبي ۾ ڪڏهن داخل ٿيندي ان کي مدِنظر رکي سياري جي موڪلن جو اعلان ڪريون، شايد موڪلن جو شيڊيول تبديل ڪرڻ جو اختيار وٽن نه آھي جن جا ٻار وڏين گاڏين ۾ چڙهي هيٽر هلائي اسڪول اچن وڃن ۽ پاڻ 12 وڳي ننڊ مان اٿي ھيٽر واري گاڏي ۾ گھمڻ لاءِ نڪرن يا بند آفيسن ۾ ويهي فيصلا ڪن ته انھن کي سيءَ جو ڪهڙو احساس ٿيندو ته ٻهراڙيءَ جو معصوم ٻار ڪيئن ڏڪندو ڏڪندو اسڪول پهچندو ۽ ڪيئن سخت سيءَ ۾ پاڻ کي علم جي زيور سان سينگاريندو. سيءَ جي شدت کيس ڪيترو متاثر ڪندي. سينٽرلي هيٽيڊ آفيسن بنگلن ۾ ويٺل 70 سيڪڙو ٻهراڙيءَ تي مشتمل آبادي واري صوبي سنڌ جا باڪردار، با اصول، رحمدل  صادق  امين حڪمرانو!! صوبي ۾ آيل غير معمولي سيءَ جي لهر سبب  ٻارڙا ڏڪندي سنگھه ڳاڙيندي اسڪول اچن ٿا. واپسيءَ تي بخار نمونيا جو شڪار بنجن ٿا. غريب والدين جي کيسي جي سگھه کان کڻي بي خبر هجو پر سرڪاري اسپتالن جي حال کان ته خوب واقف آهيو. خدارا سنڌ جي مستقبل جي معمارن تي ڪجهه رحم ڪريو. وزير تعليم پنجاب سخت سردي جي ڪري 19 جنوري تائين تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان ڪيو، پر وزير تعليم سنڌ هڪ ڪلاڪ جي مهلت ڏيئي عقلمنديءَ جون سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون آهن جنهن ڪري سنڌ جي شاگردن والدين توڙي استادن ۾ بيچني پکڙجي وئي آهي ته سنڌ سرڪار نه سيءَ جو خيال ٿي ڪري ۽ نه گرميءَ کان بچڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي ٿي ٺاهي. هن وقت اسڪولن اندر شاگردن جي حاضري انتهائي گهٽ، لڳ ڀڳ صرف ٻه سيڪڙو رهجي وئي آهي. اهڙي حالت ۾ نه رڳو تدريسي عمل سخت متاثر ٿي رهيو آهي، پر شاگردن جو ذهني ۽ جسماني تحفظ به سوال بڻيل آهي. استاد ڪلاس روم ۾ موجود آهن، نصاب به موجود آهي، پر شاگردن کان خالي ڪلاس روم تعليم جي جنازي جو منظر پيش ڪري رهيا آهن. هي ڪو پهريون سال ناهي، هر سال ساڳي غلطي ورجائي وڃي ٿي. فيصلا موسم، علائقي ۽ زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکڻ بجاءِ فائيلن ۽ هيٽر وارن ڪمرن ۾ ويهي ڪيا وڃن ٿا. پوءِ جڏهن نتيجا سامهون اچن ٿا ته سڄو الزام استادن مٿان مڙهيو وڃي ٿو هن وقت اڌ سنڌ ۾ اسڪولن جون عمارتون زبون بڻيل آهن ۽ معصوم ٻار منهَن ۽ کلئي آسمان هيٺان تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. هاڻي سوال اهو آهي ته جيڪڏهن پاليسيون غير حقيقي، غير سائنسي ۽ عوامي مفاد کان ڪٽيل هجن، جيڪڏهن موسم جي سختين کي نظرانداز ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن شاگردن جي حاضري عملي طور ناممڪن بڻائي وڃي ته پوءِ تعليم کي تباھ ڪرڻ جو ذميوار استاد ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ اصل ۾ تعليم کي نقصان استاد نٿا پهچائين،بلڪه حڪمرانن ۽ بيوروڪريٽ جون غلط ۽ بي وقت پاليسين سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي انڪري 21 هين صديءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سنجيدگي اختيار ڪرڻي پوندي ته جيئن باب العلم سنڌ جو نالو روشن رهي سگهي.