خاصنئون

ڪراچي جي واٽر سپلاءِ ۽ سيوريج کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ورلڊ بينڪ مدد ڪندي: ناصر شاهه

صوبائي لوڪل گورنمينٽ جي وزير سيد ناصر شاهه ڪالهه اسيمبلي کي ٻڌايو آهي ته صوبائي حڪومت ڪراچي اندر هڪ پروجيڪٽ تيار ڪيو آهي، جنهن سان شهر ۾ پاڻي جي سپلاءِ ۽ سيوريج جي نظام ۾ بهتري آندي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته اهو پروجيڪٽ ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان تيار ڪيو پيو وڃي جنهن تي سئو ملين ڊالرن جو خرچ ايندو. جنهن ۾ وفاقي حڪومت به ڪجهه حصو ڏيندي. برساتن دوران حڪومت جي ڪارڪردگي بابت پڇيل سوال بابت هن چيو ته هن سال جون برساتون ڏهاڪن ۾ آيل برساتن کان به خراب هيون ان باوجود به اسان تمام گهٽ وقت ۾ صورتحال کي سنڀالي ورتو. جڏهن ته اسان ڏٺو آهي ته ماضي ۾ گهٽ برساتن باوجود به حالتون  تمام خراب ٿينديون رهيون آهن.