خاص

سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ 150 ٿي ويو، مارڪيٽون بند نه ڪنداسين: وڏو وزير

سنڌ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي. صوبي اندر ڪورونا جي مريضن جو انگ وڌي 150 ٿي ويو. سکر ۾ ايران کان ايندڙ زائرين ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ ٿي رهي آهي. سنڌ سرڪار جي ترجمان مرتضيٰ وهاب موجب سکر ۾ هيستائين 119 ڪيسن جي تصديق ٿي آهي. صوبي ۾ سامهون آيل ڏيڍ سئو ڪيسن مان ڪراچي ۾ 30 ۽ حيدرآباد ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته صورتحال سنگين آهي پر مارڪيٽون بند نه ڪنداسين. ان حوالي سان وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير ٻڌايو ته ايران مان سکر پهتل زائرين مان 157 ٽيسٽن جا نتيجا اچي ويا آهن، انهن مان 76 ڄڻن جي رپورٽ منفي آئي آهي. جڏهن ته صحت کاتي 392 ٻيون ٽيسٽون ڪيون آهن، جن مان 27 مثبت آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪمشنر ڪراچي رپورٽ ڏني آهي ته ماڻهو اڃان تائين ريسٽورينٽن، هوٽلن تي ويهي رهيا آهن، ان کي برداشت نه ڪنداسين. آئون عوام کي درخواست ٿو ڪريان ته پاڻ ئي خيال ڪريو. نه ته اسان وٽ انهن کي بند ڪرڻ کانسواءِ ٻيو رستو نه هوندو. اسان وفاقي حڪومت کي به ڪجهه تجويزون ڏنيون آهن، انهن جي جواب جو انتظار آهي