خاص

پرائمري، مڊل، ميٽرڪ جا امتحان جون ۽ انٽر جا جولاءِ ۾ ڪرائڻ جو اعلان

تعليم کاتي امتحان جو نئون شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان تعليم کاتي جي اسٽيرنگ ڪاميٽي جو اجلاس تعليم کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سعيد غني ٻڌايو ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان جون حالتون بهتر آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته پهرين جون کان 15 جون تائين نائين ۽ ڏهين کانسواءِ سڀني هيٺين ڪلاسن جا امتحان ٿيندا ۽ 15 جون کانپوءِ نوان ڪلاس شروع ڪيا ويندا. 15 جون کان نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحان ٿيندا، جيڪي 15 ڏينهن تائين هلندا. امتحانن کانپوءِ 15 آگسٽ 2020 تي ڏهين جماعت جو نتيجو جاري ڪيو ويندو. انٽر جا امتحان 6 جولاءِ کان شروع ٿيندا ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان ٻپهري شفٽ ۾ ٿيندا يارهين ۽ ٻارهين جماعت جو تعليمي سال پهرين آگسٽ 2020 کان شروع ٿيندو يارهين جماعت لاءِ داخلا 15 جولاءِ کان شروع ٿيندي ۽ ڪلاس پهرين آگسٽ کان شروع ٿيندا. پهرين کان اٺين درجي جي شاگردن کي پروموٽ ڪرڻ جي ترديد ڪندي تعليم واري وزير چيو ته ڪنهن کي به پروموٽ نه ڪيو ويندو ۽ سمورن ڪلاسن جا امتحان ٿيندا