خاص

ڪورونا وائرس بابت سڄي ملڪ ۾ مهم هلائڻ جو فيصلو

وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي پي ٽي آءِ ڪورونا وائرس بابت قومي مدافعت واري معاملي تي سڄي ملڪ ۾ مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جي روشني ۾ چيف آرگنائيزيشن سيف الله خان نيازي پنجاب، خيبر پختوانخواهه، سنڌ، بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي سڀني ريجنل صدرن کي هدايتون جاري ڪيون آهن. مرڪزي ميڊيا ڊپارٽمينٽ طرفان جاري بيان مطابق پي ٽي آءِ جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن ملڪ گير مهم تحت ڪورونا کان بچاءُ لاءِ آگاهي مهم هلائيندا ۽ پارٽي جي آفيشل، سوشل ميڊيا ٽيم سماجي ميڊيا لاءِ خصوصي آگاهي مهم تيار ڪندي. سڄي ملڪ جي عوام کي ڪورونا کان بچاءُ لاءِ تجويزن کان آگاهه ڪيو ويندو. ڪارڪن عوام کي گهرن تائين محدود رهڻ ۽ بغير ڪنهن سبب جي ٻاهر نه نڪرڻ جي ترغيب ڏيندا