اهو ڪيڏو نه شرمناڪ ۽ انسانيت دشمن تماشو آهي ته اڳ ۾ ئي نالي ماتر جنگين بدحال عوام کي وڏي پيماني تي بيروزگار، لڏپلاڻ ۽ بک جي دوزخ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي انسانيت جي دشمن هٿيارن جي صنعت ترقي ڪري رهي آهي ۽ ٻيڻو ٽيڻو نفعو حاصل ڪري رهي آهي. گذريل ڪجھه ڏھاڪن کان پيداوار جي نمونن ۾ ڪافي تبديليون چٽيون ٿيون آهن. سرفهرست ڪارخاني سازي جي لاڙي ۾ وڏي تبديلي آئي آهي. نفعو حاصل ڪرڻ واري نفسيات بي صبريءَ کي جنم ڏنو آهي. سرمائيدار رات جي پيٽ ۾ مال ٺاهڻ جي چڪر ۾ هر حد کي اورانگهڻ جي لاءِ تيار آهن. چاهي ان جي قيمت هن ڌرتي ۽ انساني نسل جي تباهيءَ ۾ ڇو نه ادا ٿئي، فيڪٽري يا ڪارخانو لڳائڻ ۾ وقت جي وٿي انهن جي لاءِ هڪ تڪليف واري شيءِ آهي، جنهن کان بچڻ ۽ فوري طور تي نفعي ڪمائڻ لاءِ هاڻي سڄي دنيا ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج جي پرورش ٿي رهي آهي. مختلف ٽريول ايجنسيون وجود ۾ آيون آهن. اسپتالون ۽ نجي اسڪول ۽ يونيورسٽيون کلي ويون آهن، انهن ڪاروبارن ۾ ريئل اسٽيٽ ۽ هائوسنگ سوسائٽين جو به ڪم شامل آهي، جنهن لينڊ مافيا ۽ قبضو ڪندڙ ٽولن کي خوب چمڪايو آهي.
يعني انهيءَ قسم جي پيداواري طريقي سان ناڻي کي سفيد ڪرڻ جي مڪروه واردات وڌي وئي آهي. ان سان گڏ صنعت ۾ سرمائيڪاري جي بجاءِ نفعو حاصل ڪرڻ جي ٻين غير پيداواري ۽ ڀڃ ڊاهه وارن وسيلن ذريعي بيروزگارن جي هڪ اڻکٽ فوج به تيار ٿي آهي، جيڪا سرمايي جي حاڪميت جي بنا ڪفن زنده لاش کي تاريخ جي قبر ۾ لاهڻ وارن ۾ شامل ٿيندي. ائين آخري تجزيي ۾ ان نظام جي ڪک مان هڪ نئون سماج، هڪ روشن صبح سان گڏ اڀرندو.
جيتوڻيڪ اڄ جي دنيا نفسانفسي جو شڪار آهي، پر اها تڪليف ايتري قدر ڊگهي ٿي وئي آهي جو انساني سماج جي وجود لاءِ خطرو بڻجي چڪي آهي. ڌرتيءَ جي مٿان هر علائقو رت جي رنگ سان رنڱجي ويو آهي. ايڪيهين صديءَ جا پهريان ٻه ڏھاڪا تاريخ جا بدترين ڏهاڪا رهيا آهن، جن ۾ هڪ پاسي شاگردن ۽ مزدورن جي ڏک، ڪاوڙ ۽ نفرت بغاوت جو روپ اختيار ڪري ورتو آهي. ٻئي پاسي مختلف علائقن ۾ سامراجي جنگيون مڙهيون ويون آهن. خاص طور تي وچ اوڀر ۾ غزه جي پٽي، جيڪا آسمان جي هيٺان سڀ کان وڏو جيل خانو بڻجي وئي هئي، اڄ کنڊرن جو ڍير بڻجي چڪي آهي. هڪ اهڙو بدنصيب علائقو جتي سيڪڙو رهائشي پکيڙ تي سواءِ مٽيءَ جي ڪجهه به ناهي بچيو. اڄ برباد غزه جي هر ڪيمپ يتيم ٻارڙن ۽ بيواهه عورتن سان آباد آهي.
گذريل وقتن ۾ جنگين جا به ڪجهه ضابطا، قانون ۽ اصول هوندا هئا، پر جديد دور جي سرمائيدارن، رشتن ۽ انسانيت جي بَخين کي اڊيڙي ڇڏيو آهي، ان جو چٽو ثبوت اسرائيل جي فلسطين تي جارحيت آهي، جتي بم ڪرن ٿا ته معصوم ٻارڙن جا عضوا هوا ۾ پکڙجي وڃن ٿا، ميزائيل ڦاٽن ٿا ته اسپتالون ۽ اسڪول نشانو بڻجن ٿا. يقينن هٿيارن جون اکيون ناهن هونديون جيڪي ٻارڙن، پوڙهن، عورتن، اسپتالن ۽ اسڪولن ۾ تميز ڪري سگهن، مگر موت جا واپاري هٿيار ٺاهڻ ۽ هلائڻ وارا ته انڌا ناهن هوندا، نفعي حاصل ڪرڻ جو وحشي جنون، انهن جي اکين تي اهڙي پٽي ٻڌي ڇڏي ٿو ته سامهون واري هر شيءِ ڌنڌلي ٿي وڃي ٿي ۽ سرمائي جي انهن پوڄارين جي لاءِ هر زخم ۽ هر رڙ بي معنيٰ ٿي وڃي ٿي، تڏهن قبضي خوري ۽ نفعي خوري جي استحصالي سوچ ٻين جي ڏک جو احساس ۽ انساني عظمت بي وقعت ٿي وڃن ٿيون ۽ انسان پنهنجي درجي کان ڪري حيوان ٿي وڃي ٿو ۽ شايد حيوانن کان به وڌيڪ بدتر!
تڏهن بندوق جي نالي کان نڪرڻ واري گولي ۽ جنگي جهاز کان ڪرڻ وارو گولو وڌيڪ قيمتي ٿي وڃي ٿو. ڇو ته معصومن جي رت جون بوندون ڊالر تخليق ڪن ٿا ۽ موت ورهائڻ وارن اوزارن جي واپارين جون ٽجوڙيون ڀرجن ٿيون. اسرائيلي وحشت ۾ جيتوڻيڪ پنجاهه هزارن کان مٿي فلسطيني موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن، پر هٿيارن جا واپاري هر طرح فائدي ۾ رهيا آهن. اها جنگ انهن کي اربين آمريڪي ڊالر هينئر تائين ڪمائي ڏئي چڪي آهي.
حماس جي خلاف اسرائيل جي ڪارروائي جي شروعات کان وٺي هينئر تائين آمريڪا جي وڏن نجي هٿيار ٺاهيندڙ ادارن جا نفعا ۽ ملڪيتون مسلسل وڌي رهيون آهن. انهن هٿيارن ٺاهيندڙن جي لاءِ اها جنگ نهايت ئي نفعي واري آهي، جنهن کي اهي پنهنجي خوشقسمتي سمجهن ٿا.
2023ع ۾ سڄي دنيا ۾ وڪرو ڪيل جنگي هٿيارن منجهان اڌ صرف آمريڪا وڪرو ڪيا آهن، جن ۾ جديد جنگي جهاز، بحري جهاز، ٽينڪون، گولا بارود ۽ ميزائيل وغيره شامل آهن.
دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن جيڪي وڏي پيماني تي هٿيار وڪرو ڪن ٿا، انهن ۾ سويڊن جهڙيون فلاحي رياستون به شامل آهن، جيڪي دنيا جي مظلوم انسانن جي رت سان پنهنجي گلشن کي سنوارين ٿيون. انهيءَ ريت جمهوريت جو ٺيڪيدار ۽ انساني حقن جو علمبردار آمريڪا هٿيار وڪرو ڪرڻ وارن جي لسٽ ۾ سڀني کان مٿانهون آهي، جنهن کانپوءِ روس، فرانس، چين، يورپي ملڪ ۽ ڏکڻ ڪوريا وغيره جو نمبر اچي ٿو.
الميو اهو آهي ته سلامتي ڪائونسل جا پنج مستقل ميمبر دنيا کي 75سيڪڙو هٿيار ميسر ڪن ٿا. انهن پنجن ملڪن جي وڪرو ڪيل هٿيارن جي بدولت پکڙجڻ واري تباهي ۽ ان مان جنم وٺڻ واري بک هر ڏينهن نو هزار فرد پنهنجي زندگي کان هٿ ڌوئي ويهن ٿا.
ان کان وڏي منافقي ڪهڙي ٿيندي ته هڪ پاسي امن جا گيت ڳايا وڃن ٿا ته ٻئي پاسي جنگ جا دهل وڄائي دهشتگرد رياستن جي پٺڀرائي ڪري هٿيار وڪيا وڃن ٿا. اهي ان سرمائيداري نظام جون حدون ۽ قاعدا آهن ته اوهان نيڪ تمنائن جي باوجود دنيا ۾ امن قائم نٿا ڪري سگهو. ڇو ته سمورا سرمائيدار دولت جي ديوتا جي فرمانبرداري ۾ پنهنجا ڪنڌ ان جي پيرن ۾ جهڪائي چڪا آهن. يعني هڪ منظم مدد انهن جي وجود جو لازمي شرط آهي. اهوئي سبب آهي ته آمريڪا هڪ پاسي اسرائيل تي جنگ بندي جي لاءِ زور ڏئي ٿو ته ٻئي پاسي اسرائيل کي هٿيارن جي سپلائي به جاري رکيو اچي، بلڪه 2016ع ۾ باقاعدي بل پاس ڪيو ويو ته آمريڪا ايندڙ ڏهن سالن تائين اسرائيل کي 38 ارب آمريڪي ڊالرن جي فوجي امداد ڏيندو ته جيئن هو پنهنجي “دفاعي نظام” کي بهتر بڻائي سگهي. اسرائيل کي اهڙي آمريڪي امداد جو سلسلو گذريل ستن ڏهاڪن کان جاري آهي. غزه ڏڪار کي منهن ڏئي رهيو آهي، پر سامراجي حيوان صفت حڪمران مڪمل طور انڌا ۽ ٻوڙا ٿي چڪا آهن.
سرمائيداري جي رکوالن جي لاءِ عوام جون بنيادي ضرورتن کان وڌيڪ اهم انهن جو طبقاتي مفاد آهي. انهيءَ طبقاتي مفاد جي پيش نظر دنيا جي مختلف علائقن ۾ مخلف گروهن جي پراڪسين کي ٺاهيو ۽ هٿيار ورهايو وڃي ٿو ته جيئن مخالف آوازن کي دٻائڻ ۽ چٿڻ سان گڏوگڏ موجوده سوشل آرڊر کي قائم رکي سگهجي. ان سلسلي ۾ وچ اوڀر انهن پراڪسين جو ڳڙھ بڻجي ويو آهي، جتي وسيلن جي ڦرلٽ سان گڏوگڏ علاقائي اثر و رسوخ ۽ قبضي خاطر عام ماڻهن جي زندگين کي دوزخ بڻايو ويو آهي، جتي 36 ملڪن جا ماڻهو خوراڪ اڻ موجودگي جي مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهن، جتي 9 ملين ماڻهو هر سال بک جو کاڄ بڻجي وڃن ٿا. اهڙي دنيا ۾ ٽينڪن جي جاءِ تي ٽريڪٽرن جي وڌيڪ ضرورت هوندي آهي، ليڪن ائين ڪرڻ سرمايي جي حاڪميت جي لاءِ قاتل زهر آهي. ڇو ته ان ۾ نفعو گهٽ آهي. هونئن به نفعي بخش انسان وٽ سوچڻ جو وقت گهٽ هوندو آهي ۽ سوچيندڙ دماغ سوال کي جنم ڏئي ٿو. پنهنجي حال جو تجزيو ڪري ٿو ۽ مستقبل جو لاءِ عمل مرتب ڪري ٿو.
ان ڪري سڄي دنيا جي محنت ڪشن کي رنگ ۽ نسل جهڙن مامرن ۾ منجهائي ڇڙوڇڙ ڪيو وڃي ٿو. انهن هٿيارن جو ٻارڻ به اهي ئي ٽيڪس ادا ڪرڻ وارا بڻجن ٿا. هٿيار ٺاهڻ وارا ۽ نفعو ڪمائڻ وارا هر صورت ۾ محفوظ رهن ٿا.
جيستائين اهو طبقاتي سماج ۽ ان جو نظام موجود رهندو. توپون گولا وسائينديون رهنديون، اسان ڪرندا رهنداسين، ٻار مرندا رهندا ۽ هٿيار تيار ڪرڻ وارن جا محل تعمير ٿيندا رهندا، انهن بربادين کان ڇوٽڪارو سرمائيداري ۽ سامراجيت کي برباد ڪرڻ بنا ممڪن ناهي.