سال 2024 ختم ٿي رھيو آھي ۽ نئين سال 2025 جي آمد آمد آھي. سال جي تبديل ٿيڻ سان گهڻو ڪجهه تبديل ٿي ويندو آھي. اھو ياد رکڻ گھرجي ته نئون سال نئين ڳالهه يعني اسان کي نئين سال ۾ نوان مقصد ٺاھڻ گھرجن ۽ ماضي ۾ يعني گذريل سال ۾ جيڪي ڪميون ڪوتاھيون ٿيون آھن انھن کي اڳيان رکي انھن مان سبق حاصل ڪرڻ گھرجي ۽ اھو طئي ڪرڻ گھرجي ته ھن سال ۾ مون کي ڪرڻو ڇا آھي؟ اسان کي ھميشه زندگي خوشگوار گذارڻ لاءِ وقت جي صحيح استعمال ڪرڻ لاءِ ليسن پلان ٺاھڻ گھرجي ۽ ان تي عمل ڪرڻ گھرجي. منهنجي خيال ۾ دنيا ۾ مشڪل ترين ڪم آھي، وقت تي قبضو ڪرڻ، وقت جو صحيح استعمال ڪرڻ ۽ مليل وقت مان گھڻي مان گھڻو فائدو حاصل ڪرڻ.
اھا ڳالهه ھميشه اسان کي ياد رکڻ گھرجي ته وقت اسان وٽ رب پاڪ جي امانت آھي ۽ امانت ۾ خيانت ڪرڻ سان تمام گھڻو گناهه به ٿيندو ۽ نقصان به اسان جو ئي ٿيندو. اسين ڪجهه سوچنداسين ته سڄي دنيا ۾ جيڪي عظيم شخصيتون آھن جھڙوڪ سائنسدانن کان وٺي ليکڪن، شاعرن ۽ مختلف شعبن ۾ جن عظيم ھستين کي اڄ به ياد ڪيو وڃي ٿو، پڙھيو وڃي ٿو، ان جو سبب صرف اھو آھي ته ھنن وقت جو قدر ڪيو ۽ وقت تي قبضو ڪري وقت کي پنهنجي مُٺ ۾ ڪيو.
اڄڪلهه جديد ٽيڪنالاجي جو دور آھي وقت ۾ تمام تيزي اچي وئي آھي، اک ڇنڀ ۾ سال، مھينا، ڏينهن اڏامندا ٿا وڃن ۽ وقت اصل ماڻهو کي پوئتي ڌڪيندو تيزي سان گذرندو وڃي ٿو. اسين وقت کي، وقت ڏيئي پنهنجو ڪنداسين ته وقت به اسان کي پنهنجو ڪندو، نه ته وقت کي ڪھڙو لاچار آھي، پر ھڻي اڏامي ويندو. سو وقت کي هميشه صحيح استعمال ڪرڻ گھرجي. جيئن بعد ۾ اسان کي پڇتاءُ نه ٿئي ته ڪاش مان ھي ڪم ڪري وڃان ھا، جيڪڏهن وقت جو صحيح استعمال ڪيان ھا.
اھا ڳالهه هميشه ياد رکو ته جيڪو وقت اسان وٽ اڄ آھي اھو سڀاڻي نه ھوندو، جھڙا اسين اڄ آھيون اھڙا سڀاڻي نه ھونداسين. ڪڏهن به اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته سڀاڻي ڪڏهن ايندو ئي ناھي ۽ ايئن سڀاڻي وارو ڪم هميشه اڌ ۾ رھجي ويندو آھي يا شروع ئي ناھي ٿيندو.
نئين سال جي آمد تي مان اھو پيغام ڏيڻ چاھيندس ته خدارا فضول وقت وڃائڻ کان جيترو ٿي سگهي پاڻ کي بچايو ۽ وقت تي قبضو ڪري گهڻي کان گھڻو فائدو حاصل ڪريو. پاڻ کي تبديل ڪريو، پنهنجي سوچ ۾ تبديلي آڻيو، سال ته ھر سال مٽبو رھبو آهي سال جو بدلجڻ صرف انگن جو بدلجڻ آھي. جيڪڏهن اسين پاڻ کي نٿا بدلايون ته سال جي تبديل ٿيڻ سان ڪوبه فرق نٿو پوي. نئين سال تي پاڻ کي بدلايو، پنهنجي سوچ ۾ نواڻ پيدا ڪريو، نوان مقصد طئي ڪريو، اميد آهي ته توھان پاڻ به مطمئن ھوندا، پراعتماد ھوندا ڪو احساس ۽ پڇتاءُ نه رھندو ته سال گذري ويو، پر اسان ڪجهه به نه ڪيو. اھا ڳالهه هميشه ياد رکو ته جي پنهنجو حال ساڳيو آ ته سمجهو سال ساڳيو آ.