نئون

هائيڊروجن سان هلندڙ بس تيار

ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ ڪوسٽاريڪا ۾ ماحول دوست مسافر بس تيار ڪئي وئي آهي. بس پيٽرول يا ڊيزل بجاءِ هائيڊروجن تي هلندي. ڪمپني پاران دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اها بس ماحول دوست هئڻ سان گڏوگڏ ٻين خوبين تي به ٻڌل آهي. ان بس ۾ ڪمپريسڊ هائيڊروجن گئس بجلي ۾ تبديل ٿيندي ۽ جنهن سان بس هلندي. ان بس جي سڀ کان سٺي ڳالهه اها آهي ته اها بس دونهون ناهي ڪڍندي، بس ۾ 40 مسافر ويهي سگهندا.