بلاگنئون

آمريڪا ۽ اسرائيل دنيا کي عالمي جنگ ڏانھن ڌڪي رهيا آهن

دنيا ھن وقت انتھائي نازڪ موڙ تي بيٺل آھي. عالمي سياست ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ، علاقائي جنگين ۽ طاقت جي نمائش عالمي امن لاءِ سنگين خطرو بڻجي چڪا آھن. خاص طور تي آمريڪا ۽ اسرائيل جون پاليسيون وچ اوڀر ۾ اھڙي باھ ڀڙڪائي رھيون آھن، جنھن جا اثر صرف ھڪ علائقي تائين محدود ناھن، پر سڄي دنيا تائين پکڙجي سگھن ٿا. فلسطين جي سر زمين تي جاري ظلم ۽ جارحيت عالمي ضمير لاءِ وڏو سوال بڻيل آھي. معصوم ٻارن، عورتن ۽ بيگناھن جي رت سان رڱيل ڌرتيءَ تي خاموشي اختيار ڪرڻ انسانيت جي شڪست آھي. غزه ۾ ٿيندڙ بمباري ۽ تباھي جديد دور جي بدترين انساني المين مان ھڪ آھي، پر عالمي طاقتور ملڪ پنھنجن مفادن خاطر ھن صورتحال کي روڪڻ بدران وڌيڪ ھوا ڏئي رھيا آھن.

ايران سان وڌندڙ تڪرار پڻ خطي کي خطرناڪ رخ ڏانھن وٺي وڃي رھيو آھي. جيڪڏھن ھن باھ کي وقت سر نه وسايو ويو ته اھا ڪنھن وڏي عالمي جنگ جو پيش خيمو ثابت ٿي سگھي ٿي. طاقت جو توازن بگڙڻ ۽ سفارتي ذريعن بدران فوجي ڪارروائين تي ڀاڙڻ عالمي امن لاءِ انتھائي نقصانڪار آھي. تاريخ گواھ آھي ته جڏھن به وڏين طاقتن پنھنجن مفادن خاطر ننڍن ملڪن کي ميدان جنگ بڻايو آھي، تڏھن دنيا امن کان محروم ٿي آھي. پھرين ۽ ٻي عالمي جنگ جا نتيجا اڃان تائين انساني تاريخ تي زخم بڻيل آھن. اڄ جيڪڏھن ساڳيون غلطيون ورجايون ويون ته ان جا اثر رڳو ھڪ نسل نه، پر ايندڙ ڪيترن ئي نسلن تائين محسوس ڪيا ويندا. ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته عالمي برادري طاقت جي سياست کي ترڪ ڪري ڳالھين ۽ سفارتڪاري ۽ انصاف جي بنياد تي مسئلن جو حل ڳولهي. گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي ادارن کي پنھنجو ڪردار موثر بنائڻو پوندو، ٻي صورت ۾ عالمي نظام رڳو طاقتورن جو اوزار بڻجي ويندو. جيڪڏھن دنيا کي عالمي جنگ کان بچائڻو آھي ته انصاف، برابري ۽ انسانيت کي اوليت ڏيڻي پوندي. ڇو ته جنگ ڪنھن به مسئلي جو حل ناھي، بلڪه  اھا رڳو تباھي، نفرت ۽ افراتفري کي جنم ڏئي ٿي. وقت جي گُهر  آھي ته عقل، بردباري ۽ انصاف کي ھٿيار بڻايو وڃي، نه ته دنيا واقعي ھڪ اھڙي باھ  ۾ سڙي رک ٿي سگھي ٿي   جنھن کي وسائڻ ناممڪن ٿي پوندو.