ايران ۾ 6.4 شدت جو زلزلو، 500 ڄڻا زخمي

ايران جي صوبي ڪرمان شاهه ۾ زلزلو جنهن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 6.4 رڪارڊ ڪئي وئي زلزلي ۾ 500 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. زلزلو ڪالهه رات آيو جنهن جو مرڪز ڪرمان شاهه جي ضلعي سربل ذهاب ۾ 7 ڪلو ميٽر زمين اندر هو. ايران جي خابرو ادارن جو چوڻ آهي ته زلزلي سان سربل ذهاب زهب، قصر شيرين ۽ گيلان غرب جا ضلعا متاٿر ٿيا آهن جڏهن  ته 500 ماڻهو زخمي ٿيا آهن ۽ ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع نه ملي آهي. حڪومت پاران امدادي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، جنهن کان علاوه ڪنهن به  هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪرمان شاهه جي علائقي ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي وئي آهي.  

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *