پاڪستان اندر هاڻي ڪنهن به ٻئي جي جنگ نه وڙهنداسين

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي زمين تي ٻين جون جنگيون وڙهي پاڻ کي تمام گهڻو نقصان رسائي  چڪو آهي. هاڻي اسان پنهنجي زمين تي ڪنهن جي به جنگ نه وڙهنداسين. ميران شاهه جي دوري دوران هن چيو آهي ته پاڪستان جي عوام ۽ فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ دهشتگردن خلاف سڀ کان وڌيڪ ڪاميابي پاڪستان جي فوج حاصل ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان ٻين جي جنگ ۾ رت به وهايو ۽ معاشي طور تي به پنهنجو نقصان ڪيو آهي. هاڻي اسان اهڙي قسم جي ڪنهن به جنگ ۾ حصو نه وٺنداسين. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسان هن خطي خاص ڪري افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آهيون. ڇاڪاڻ ته اهو ضروري آهي ته پاڪستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ افغانستان ۾ به امن قائم ڪيو وڄي. وزيراعظم دهشتگردي جي ڏکئي دور کي بهادري سان منهن ڏيڻ تي قبائلي علائقن جي ماڻهن ۽ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن ڪرڻ تي فوج جي تعريف ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *