سنڌ ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي لاڳو: نوٽيفڪيشن جاري
سنڌ حڪومت صوبي ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب ڊي جي رينجرز جي سفارش تي صوبي ۾ هٿيارن جي نمائش تي ٽن مهينن لاءِ پابندي لاڳو ڪئي وئي. نوٽيفڪيشن موجب پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ڊيوٽي وقت پابندي کان آجا هوندا، سيڪيورٽي گارڊ صرف ڊيوٽي واري جاءِ تي هٿيار کڻي سگهندا. ان سلسلي ۾ گهرو کاتي طرفان پوليس کي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ايف آئي آر داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.