نابين ماڻهن لاءِ سمارٽ ڇڙي
سفيد ڇڙي نابين ماڻهن لاءِ هڪ اهم مددگار اوزار طور استعمال ٿيندي آهي. هاڻي ترڪي جي نوجوان ماهرن هن ڇڙي ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري ان کي سمارٽ بڻائي ڇڏيو آهي. ترڪي ينگ گرو اڪيڊمي پاران هيءَ ڇڙي ٺاهي وئي آهي، جنهن کي ڪنهن به عام ڇڙيءَ ۾ جوڙي ان کي سمارٽ بڻائي سگهجي ٿو. هن ڇڙي جي اهم ڳالهه اها آهي ته ان ۾ اهڙا سينسر لڳل آهن جن جي مدد سان اڳيان رکيل گپ، پاڻي ۽ کڏن بابت معلوم ٿي سگهي ٿو ۽ هڪ آواز ذريعي ان بابت خبردار ڪري ٿو. ساڳئي وقت ۾ ان جي هينڊل ۾ لهرون پيدا ٿين ٿيون، جنهن کي ڇڙي استعمال ڪندڙ شخص محسوس ڪري سگهي ٿو. هن ڇڙي جي هينڊل جي قيمت پاڪستاني 35 هزار رپيا رکي وئي آهي.