هانگ ڪانگ يونيورسٽي پاران ايڊز بيماري جو ڪامياب علاج ڳولهي لهڻ جي دعويٰ
ايڊز هڪ اهڙي بيماري آهي جنهن ڏهاڪن کان دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي هانگ ڪانگ جي هڪ يونيورسٽي جي ماهرن پاران ان جو علاج ڳولهي لهڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. خبرن موجب هانگ ڪانگ يونيورسٽي جي ماهر چن زيوائي جي اڳواڻي ۾ ٽيم پاران سالن جي محنت کانپوءِ ايڊز جي علاج لاءِ احتياط ۽ علاج سان گڏ مريض جي قوت مدافعت ۾ اضافي جي ذريعي ايڊز جي مرض کي پاڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ روڊ ميپ تيار ڪيو آهي. هن طريقي کي هانگ ڪانگ يونيورسٽي جي ماهرن پاران ڪوئن تي آزمايو ويو ته انهن ڪوئن مان ايڊز جي بيماري ختم ٿي وئي. پروفيسر چن زيوائي هن علاج لاءِ ڪافي پراميد نظر اچي رهيو آهي. هن پاران ايڊز جي مريضن لاءِ خاص دوا تيار ڪئي وئي آهي. پروفيسر چن زيوائي چيو آهي ته هيءَ دوا ايڊز جي سڀني مريضن لاءِ اثرائتي ثابت ٿي سگهي ٿي، جنهن کي ٽي مهينا استعمال ڪرڻ ضروري هوندو. واضح رهي ته هن دوا کي اڃان گلوبل هيلٿ ۽ ان کانپوءِ ورلڊ هيلٿ کان تصديق ڪرائڻ جو ڪم رهيل آهي. واضح رهي ته ايڊز هڪ لا علاج مرض جي طور تي دنيا ۾ ڪيترن ڏهاڪن کان پکڙيل آهي، جنهن جو واحد علاج احتياط ئي آهي. جڏهن ته سڄي دنيا جا سائنسدان هن جي علاج لاءِ تجربا ڪندا رهيا آهن.

