نئون

سي سي آءِ پاران پاڪستان اندر پاڻي جي گهٽتائي خلاف هنگامي منصوبو ٺاهڻ جو فيصلو

پاڪستان اندر پاڻي جي گهٽتائي کي نظر ۾ رکندي گڏيل قومن جي اداري جي هنگامي طور تي “ڊڪيڊ آف ايڪشن 28-2018” تي عمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ڪراچي، پسني، گوادر، جيواڻي ۽ ڪيٽي بندر ۽ ٻين سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ پاڻي کي استعمال لائق بنائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ (سي سي آءِ) جي اجلاس ۾ پهرين نيشنل واٽر پاليسي جي حوالي سان اجلاس منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ پرڏيهي ماهرن به شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته برف وگهرڻ کانپوءِ لهندڙ پاڻي ڀارت، افغانستان ۽ چين جي استعمال ۾ آهي ان ڪري ايندڙ سالن ۾ پاڪستان اندر پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته موسمياتي تبديلي، مسلسل شهرن جي اڏاوت، صنعتي ترقي، آبادي ۾ اضافي ۽ زندگيءَ جي طور طريقن ۾ تبديلي جي ڪري پاڻي جي وسيلن ۾ گهٽتائي آئي آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪوئيٽا ۽ لاهور ۾ بور جي پاڻي ۾ گهٽتائي ٿي چڪي آهي جيڪا خطرناڪ حد تائين پهچي وئي آهي. اجلاس ۾ آيل ماهرن جو چوڻ هو ته مسلسل کاڻين کوٽڻ سبب زمين اندر پاڻي جو معيار به گهٽجي رهيو آهي، جڏهن ته زمين تي موجود پاڻي صنعتي گدلاڻ ۽ سيوريج ڪارڻ زهريلو ٿي چڪو آهي. جنهن جي ڪري مليريا، ٽائيفائيڊ ۽ ٻيون بيماريون وڌي رهيون آهن. راوي ۽ ستلج ، ملير دريا ۽ لياري ندي سيوريج ڪارڻ گدلاڻ جو شڪار ٿي رهيا آهن ۽ اسلام آباد جو تازو پاڻي به پيئڻ لائق ناهي. هن اجلاس ۾ زور ڏنو ويو ته ڪراچي سميت گوادر ۽ ٻين سامونڊي علائقن ۾ سمنڊ جي پاڻي کي ٽريٽمينٽ ذريعي صاف ڪيو وڃي. سي سي آءِ ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته پاڪستان اندر گڏيل قومن جو ڊڪيڊ آف ايڪشن پروگرام اختيار ڪيو ويندو. جنهن ۾ اهڙا منصوبا شروع ڪيا ويندا، جنهن جي مدد سان سمنڊ جي پاڻي کي صاف ڪرڻ جا پلانٽ لڳايا ويندا.