ايڊيٽوريل

ملڪ معاشي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي

موجوده حڪومت کي سڀ کان وڏو چئلينج ملڪ ۾ معاشي ڪمزوري جي روپ ۾ مليو هو. هڪ اهڙو وقت هو جڏهن اهو سوچيو پئي ويو ته پاڪستان ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي چڪو آهي بس صرف ان ڳالهه جو اعلان ڪرڻو آهي. پي ٽي آءِ ته ان ڳالهه تي زور ڏيندي رهي ته پاڪستان جو حال سريلنڪا وانگر ٿي چڪو آهي، پر شبر زيدي جهڙا ماڻهو پڻ واضح ڪندا رهيا ته پاڪستان ڏيوالپڻي طرف نه صرف وڌي رهيو آهي، پر حقيقت ۾ ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي چڪو آهي.
مهانگائي جي دٻاءُ هن حڪومت کي تمام گهڻو سوڙهو ڪيو، خاص طور تي (ن) ليگ جي مقبوليت گهٽجڻ جو سڀ کان وڏو سبب ملڪ اندر مهانگائي جو بي قابو ٿيل جن هو، پي ڊي ايم جي حڪومت ۾ توڙي مولانا فضل الرحمان به شامل هو، پيپلز پارٽي به شامل هئي، پر مهانگائي جي طوفان جو سڀني کان وڏو اثر (ن) ليگ جي مٿان پيو، جيڪا هر وقت چوندي رهي ته (ن) ليگ پنهنجي سياسي مقبوليت وڃائي ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچايو آهي. هن وقت جڏهن اسان مهانگائي جي شرح، وياج جي شرح، آءِ ايم ايف سان ٿيندڙ پروگرام، پيٽرول جي قيمت ۾ گهٽتائي، ڊالر جو استحڪام ۾ آڻڻ، اسٽاڪ ايڪسچينج جي انگن اکرن جي بلندي واري تيزي ڏسون ٿا ته اسان کي (ن) ليگ جي حڪومت کي جس ڏيڻو پوي ٿو. جيتوڻيڪ آءِ ايم ايف 7 ارب ڊالر قرض جي پروگرام جي منظوري ڏيڻ جي لاءِ 25 سيپٽمبر تي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس طلب ڪيو آهي، پر نظر ايئن اچي پيو ته 7 ارب ڊالرن جي قرض واري رقم آءِ ايم ايف پاڪستان جي لاءِ منظور ڪري ويندو. آءِ ايم ايف جي سخت شرطن کي هن وقت جي حڪومت پورو ڪيو آهي. حڪومت جي پاليسين جا اثر اسان کي واضح نظر اچن پيا، جڏهن 40 سيڪڙو کان مٿي مهانگائي جي شرح 8 سيڪڙو تي اچي بيهي ۽ وياج جي شرح 24 سيڪڙو کان گهٽجي ساڍا 17 سيڪڙو تي بيهي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 80 هزار جي پوائنٽن کان وڌي وڃي، پيٽرول جي مصنوعات ۾ گهٽتائي جو رجحان هجي، کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون واضح گهٽتائي طرف نظر اچن ته اهي سڀئي ڳالهيون موجوده حڪومت جي بهتر کنيل قدمن طرف اشارو ڪن ٿيون. جڏهن خزاني واري وزير طور محمد اورنگزيب کي مقرر ڪيو ويو هو ته حڪومت مخالف ڌرين اعتراض ڪيا هئا ته هي وزير صاحب حڪومت جو نمائندو نه آهي، پر محمد اورنگزيب جي ٿوري وقت جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺجي ته 6 مهينن جي گهٽ عرصي ۾ ملڪ جي ڪمزور معيشت کي پيرن تي بيهارڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. ملڪ اندر معاشي استحڪام جو هجڻ سياسي استحڪام جي لاءِ انتهائي ضروري هوندو آهي. جيڪڏهن معاشي طور بهتري آئي آهي ته اهو به يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سياسي بهتري ۽ سياسي استحڪام ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ ٿيندي نظر ايندو. جيڪڏهن ملڪ ۾ معاشي ۽ سياسي استحڪام اچي ويو ته پوءِ پي ٽي آءِ جو بيانيو ڪمزور ٿيندو نظر ايندو، پر ملڪ جي عوام کي جڏهن سستائي جي ڪري ڪنهن حد تائين پنهنجي تڪليفن جو ازالو ٿيندي نظر ايندو ته (ن) ليگ جي حڪومت کي جيڪو سياسي طور تي نقصان ٿيو هو، ان جو پڻ ازالو ٿيندو.
حڪومت پوري ڪوشش ڪري ٿي جنهن ۾ هو ڪنهن حد تائين ڪامياب به وئي آهي ته سرڪاري خرچن کي گهٽائي انهيءَ ڏس ۾ ڏيڍ لک کان وڌيڪ نوڪرين جي پڻ رائٽ سائيزنگ ڪئي وئي آهي. عالمي صورتحال ۾ پيٽروليم جي شين ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي پڻ پاڪستان جي موجوده حڪومت لاءِ هڪ سٺو سنئوڻ ثابت ٿي آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمت ۾ گهٽتائي جو پورو فائدو يقينن حڪومت عوام کي نه ڏيندي ان جي هوندي به ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پيٽرول سستي ٿيڻ جا امڪان تمام گهڻا آهن، جنهن جو فائدو سڌو سنئون موجوده حڪومت کي ٿيندو.