اها ڳالھه مڃون ٿا ته “لپ سروس” ۾ ڪجھه به ناهي رکيو، احتجاج، لفظي جنگ ۽ ڀرپور دلداريون ڪجھه به نه ڪري سگهنديون. آمريڪا جيڪو 700 ملين ڊالر جا هٿيار رڳو وچ ايشيائي ملڪن (ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت) کپائي ٿو، سو اسرائيل کي 450 ملين ڊالر جا جديد هٿيار ڪانگريس مان بل پاس ڪرائي انهن جي “سيلف ڊفينس” جي نالي ڏئي سگهي ٿو. شڪ اهو به آهي ته ڪٿي مسلم عرب ملڪن جا ويڙهاڪ يا انهن اندر ئي اندر ڪي اهڙا عنصر ته ناهن جيڪي ڀُر ڀُر ڇيڻا جنگ مچاءِ ڪندا هجن. اردن جي اڌ آبادي يهودي آهي ان ڪري اردن جي حمايت اسرائيل جي پاسي چٽي آهي. مصيبت اها به آهي ته هتي اشوز جي سياست لڳي پئي آهي، پاڻي جي شيطان گيري کانپوءِ ۽ اڳ ۾ به سوين ٻيا مسئلا پئي ٿيا آهن، جن ۾ فلسطين به چئي سگهجي ٿو، پر آمريڪا پاڻ ڀارت سميت اهڙي راند ۾ رڌل آهن جنهن ۾ اهي هن خطي جو سڪون تباھ ڪري ڇڏيندا، ڇو جو ڀارت جي نظر ۾ هيل تائين جيڪي معصوم شهري مئا آهن اهي دهشتگرد آهن ۽ اهي دهشتگرد پاڪستان جي پٺڀرائي ۾ آهن ان ڪري اهي جيڪڏهن معصوم شهرين کي ماريندا ته پاڪستان جي بدران ڀارت پاڻ انهن تي “سندور” نالي آپريشن ڪندو ۽ ڊرون حملا به ڪندا رهندا، حالانڪه ائين ناهي، اسان وٽ ٻيو پرسيپشن آهي، اهو ائين ٿيو جو 1965 واري، 1971 ۽ ڪارگل واريون جنگيون پاڪستان به کٽيون آهن ته ڀارت به، ٻئي ملڪ “ڊفينس ڊي” ملهائين ٿا ته هاڻي فيصلو ڪير ڪري ته جنگ ڪنهن کٽي ۽ ڪنهن هارائي يا هيءَ ڪا ڪرڪيٽ ميچ ناهي جو “ٽائي” ٿئي يا ڪري سگهجي.