بلاگنئون

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ وڏو ماڻهو ۽ سندس ڪهاڻي

لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي تمام وڏيون ۽ سگهاريون شخصيتون پيدا ڪيون آهن، جن جي نالن جو جيڪڏهن وچور ٺاهجي ته ٻه ٽي پنا ڀرجي وڃن. لاهوري خاندان، ڀٽي خاندان ۽ کهڙن جي خاندان سنڌ کي وڏيون سياسي شخصيتون ڏنيون آهن. انهن خاندانن جي ٽمورتيءَ کانسواءِ ٻين ذاتين ۽ قبيلن به وڏن ماڻهن پيدا ڪرڻ ۾ پاڻ ملهايو. ابڙا خاندان مان سنڌ جو بهتر انسان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به اهڙين شخصيتن مان هڪ آهي، جنهن کي سندس بي لوث سياسي ۽ سماجي خدمتن ڪارڻ سنڌ جي تاريخ ۾ عزت ۽ احترام سان ياد ڪيو وڃي ٿو. وڏا ماڻهو ان وقت مري وڃن ٿا يا تاريخ جي ورقن مان تڏهن سندن نالا گم ٿي وڃن ٿا جڏهن انهن جو اولاد کين ياد نٿو ڪري يا سندن پيروي نٿو ڪري. وڏن کي ياد ڪرڻ مان نه فقط اولاد جي پنهنجي والدين سان محبت جي خبر پئي ٿي، پر حقيقت ۾ اها ياد کين ئي موٽ ۾ وڏو فائدو ڏئي ٿي. ان ڪري ڪنهن وڏي کي ياد ڪرڻ جو مقصد اهو به آهي ته پنهنجو نالو روشن ڪرڻ. اهو جهڙوڪ: کير ۾ کنڊ ملائڻ برابر آهي. لاڙڪاڻي سان لاڳاپيل سنڌ جو نوجوان ليکڪ مير نادر علي ابڙو، جيڪو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو فرزند آهي، تنهن پاڻ کي لائق اولاد طور ثابت ڪيو آهي ۽ هر سال پنهنجي پيءُ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ولادت يا وفات واري ڏينهن تي مختلف شهرن جي مختلف ادبي حلقن ۾ يادن جي جوت جلائيندو رهندو آهي. هن جڏهن کان شعور جي چمن ۾ پير پاتو آهي تڏهن کان پنهنجي والد جي سوانح خدمتن تي پاڻ به لکي ٿو ۽ سنڌ جي اهل قلم کي اهو موقعو فراهم ڪري ٿو ته هو مرحوم تاج محمد ابڙي جهڙي مکڻ ماڻهوءَ بابت پنهنجا ويچار ونڊين.

مرحوم تاج محمد ابڙي جي شخصيت ۽ سوانح تي هن وقت تائين سنڌ جون وڏيون ادبي شخصيتون لکي چڪيون آهن، انهن جي نالن جو جيڪڏهن مختصر وچور ٺاهجي ته هر وجهه کان هي نالا انهن ۾ شامل ڪرڻا پوندا: سوڀو گيانچنداڻي، عبدالغفور ڀرڳڙي، جمال ابڙو، رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، برڪت علي آزاد، اياز قادري، تنوير عباسي، ڄام ساقي، ولي رام ولڀ وغيره. 2006 ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي تي سنڌ جي بزرگ ۽ نامور دانشور محمد ابراهيم جويي “سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو” جي نالي سان ڪتاب مرتب ڪيو. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اها هر دل عزيز شخصيت آهي، جنهن جا دانشورن جي دلين ۾ ديرا آهن ۽ منن ۾ محبتون آهن. انهيءَ کانپوءِ 2012 ۾ مير نادر علي ابڙي سنڌ جا املهه هيرا ڪتاب لکيو، جنهن ۾ سنڌ جي وڏين شخصيتن تي لکڻ سان گڏوگڏ پنهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙي تي به هڪ تفصيلي مضمون شامل ڪيو اٿس. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي بابت جيڪي سنڌ جي ليکڪن ۽ دانشورن ويچار ونڊيا آهن، اهي پڙهڻ وٽان آهن. ڊاڪٽر تنوير عباسي جن ڪامريڊ تاج محمد ابڙو بابت ويچار ڪجهه هن ريت ونڊيا آهن “اهو روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو هو، جيڪو ون يونٽ جي اونداهي دور ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان ڦٽو ۽ سڄيءَ سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين” شيخ اياز تاج محمد ابڙي نالي ڪجهه هن ريت فرمايو آهي ته “تاج محمد ابڙي جهڙا صاف گو ۽ صاف دل انسان مون زندگيءَ ۾ ٿورا ڏٺا آهن.”

رسول بخش پليجو ويچار ونڊيندي چوي ٿو ته، “تاج محمد ابڙي جي روشن خياليءَ ۽ ترقي پسنديءَ ۾ مضبوطيءَ سان گڏ لچڪ جي ڪا حد ئي نه هئي. جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽي سميت هر طبقي جي ماڻهن سان سندس دعا سلام، رهائي سهائي ۽ گهري ويجهڙائي هئي، پر اسين جيڪي سندس شروعاتي دور وارو ڪامريڊي لڏو هئاسون، تن سان سندس هلت مجموعي طور سدائين ساڳي اصلوڪي رهي.”

ڄام ساقي ڪجهه هن ريت يادگريون ونڊيون آهن، “ڪامريڊ تاج محمد هڪ جج جي حيثيت ۾ جج وارو فرض ته نڀائيندا رهيا، پر پنهنجي سڃاڻپ وارو عام سادگي واري زندگي جو طبقو هميشه ساڻس گڏ رهيو، پاڻ وڪالت کي به وڏي زندگي ڏنائون، جنهن ۾ هنن مظلومن پورهيتن جا ڪيس مفت ۾ ڪورٽن ۾ پيش ڪيا ۽ ڪاميابي ماڻيائون. عام طرز جي سادگي هن ڪڏهن به پنهنجي شخصيت کان جدا نه ڪئي.”

ولي رام ولڀ پنهنجا ويچار ڪجهه هن ريت ونڊيا آهن، “ابڙو صاحب پاڻ ليکڪ ته نه هو، پر هو نوجوان ٽهيءَ کي اتساهي کين لکڻ لاءِ آماده ڪندو هو، سندس دوستن ۾ سنڌ جا چوٽيءَ جا اديب، سياستدان ۽ ڪارڪن شامل هئا، جن لاءِ سندس اوطاق بيشڪ هڪ ڪلاس روم مثل هئي.”

مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙي بابت منهنجي من ۾ به ڪي مشاهدا ۽ ڪي يادگيريون قائم ۽ دائم آهن، مان انهن ڏينهن لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ اسڪول ۾ پڙهندو هئس، جنهن کي هاڻي پائليٽ هاءِ اسڪول چون ٿا ۽ انهن ڏينهن ۾ جيڪي شخصيتون لاڙڪاڻي جي سماجي، ثقافتي ۽ سياسي محفلن جو مور هونديون هيون، انهن مان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به هڪ هو. باقي ٻيون شخصيتون جن جا نالا ياد اچن ٿا، اهي هيون ڪامريڊ بخاري ۽ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي. ڪامريڊن جي انهيءَ ٽمورتي کي تمام ويجهڙائپ سان ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو موقعو مليو. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي لائبريريءَ جو هڪ هڪ ڪتاب پڙهيم ۽ ان جي وڌيڪ نزديڪ آيس. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي حيثيت ۽ عظمت هميشه پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو ۽ کيس اڳتي هلي پوءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪچهرين ۾ ڏٺم، ٻڌم ۽ ساڻس مليس. ڪامريڊ بخاري سان نظرياتي طور تي ويجهي هجڻ جي ڪري ڪيتريون ڪچهريون ڪيم. ڪامريڊن جي انهيءَ ٽمورتيءَ مان هر ڪنهن جي حيثيت ۽ شخصيت نرالي هئي. اڄ جڏهن مان پنهنجي نظرياتي بيهڪ ۽ جوڙجڪ کي ڏسان ٿو ته ان ۾ انهيءَ ٽمورتيءَ جو اثر نمايان نظر اچي ٿو.