سرڪاري نوڪريءَ جو نشو: پاڪستان جي نوجوانن جي حالت اها هوندي آهي ته انهن ويچارن جا جوانيءَ وارا ڏينهن اڪثر ڪري “سرڪاري نوڪري” جي خواهش ۾ ڳري ۽ سڙي ويندا آهن، جيڪي ويچارا پنجويھ هزار جي پرائيويٽ نوڪري يا ننڍڙي ڪاروبار کي پنهنجي بي عزتي سمجهن ٿا ۽ پوءِ ائين ٿئي ٿو ته اهو عمر جو وڏو حصو والدين جي ساڳئين ئي ٽڪرن تي پلجن ٿا. نتيجي طور جڏهن والدين کان کين ٽڪرن جا مهڻا ملن ٿا، تڏهن وڃي کين هوش اچي ٿو ۽ جڏهن هوش ٿو اچي ته تڏهن سندن گهڻو وقت موڪلائي وڃي ٿو، بلڪه عمر به جواب ڏئي ويهي ٿي.
شادين ۾ ڏيکاءُ: حد ته اها هوندي آهي ته کيسي ۾ ٽڪو به نه، پر شادي تي قرض کڻي به وڏيون پارٽيون ۽ پنهنجي قد ڪاٺ کان ٻيڻو “ڏاج” يعني قوم ويچاري پنهنجي سموري ڪئي ڪمائي صرف نالي خاطر ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ ماڻهن کي پارٽي کارائي ۽ پوءِ سڄي عمر قرض لاهڻ ۾ پوري ڪري ٿي ڇڏي.
ڊگريءَ وارا ڄٽ: هٿ ۾ ڀائو وارن کي ماسٽرز جي ڊگري آهي، پر هڪ پروفيشنل اي ميل لکڻ به نٿي اچي. اسان جي تعليمي نظام جا وڙ جو ان فلسفي، سائنسدان، قانوندان، ڏاها تمام گهٽ، پر “نوڪر” تمام گهڻا پيدا ڪيا آهن. ڊگري کي قابليت سمجهڻ سڀ کان وڏي بيوقوفي آهي. ڇاڪاڻ ته مارڪيٽ ڊگري کي نه “مهارت” کي پئسا ڏيندي آهي.
هڪ ڪمائي ڏھ کائين: گڏيل خانداني نظام جي اها ڪساري سچائي آهي ته جيڪڏهن گهر ۾ هڪ ڪمائيندو آهي ته باقي صاحب “پير ڊگهيري” سمهي پوندا آهن. هتي (مفت خور) بنجڻ جو رواج عام آهي، جنهن ڪري ڪمائڻ وارو ڪمائي ڪمائي ڪڏهن به امير نٿو ٿي سگهي. ڇو ته هن جو پئسو سرمائيڪاري ۾ نه بلڪه مفت خورن جو پيٽ ڀرڻ ۾ لڳي وڃي ٿو.
ويسي/ڪميٽي ڪلچر (مئل پئسو): پاڪستانين کي گهڻو ڪري پئسي جي سيڙپ کان ڄڻ نانگ ٿو ڏنگي، پر “ڪميٽي/ويسي” وجهڻ جو شوق وڏو آهي، ويسيءَ جو مئل پئسو آهي، مقصد ته ٻن سالن کانپوءِ جيڪو هڪ لک ملندو. اڳتي هلي وڌندڙ مهانگائي جي سبب ان جو قدر يا قيمت 20 هزار بيهندي، جيڪا بچت ته ناهي، بلڪه پنهنجي پئسي جي قيمت ڪيرائڻ جو بهترين طريقو ضرور آهي.
انا جو بت: “مان چوڌري، سردار، جاگيردار ۽ خان جو پٽ، ريڙهو لگائيندس؟” انهيءَ ڪوڙي وقتي انا لکين گهر اجاڙي ڇڏيا. هتي اسان وٽ ماڻهو بکيا مري ويندا، پر ڪو ننڍڙو ڪم ڪندي شرم محسوس ڪندا آهن. ياد رکو ڪم ننڍڙو ناهي هوندو، بلڪه ماڻهو جي سوچ ئي ان کي ننڍڙو بڻائيندي آهي.
صحت جي تباهي، خودڪشي: اسان اها قوم آهيون، جيڪا چاليهن سالن جي عمر تائين تيل ۽ کنڊ ڀري پنهنجو جسم ۽ صحت برباد ڪيون ٿا ۽ پنجاھ سالن جي عمر کانپوءِ پنهنجي سموري ڪمائي اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن کي ڏيئي ڇڏيون ٿا. صحت کي نظرانداز ڪرڻ غربت جو سڌو رستو آهي.
شارٽ ڪٽ جي ڳولها: اسان کي امير ٿيڻو آهي، پر بنا محنت جي، ڪڏهن ڊبل شاهه، ڪڏهن ڪرپٽو جا فراڊ، ڪڏهن لاٽري، ڪڏهن پاڪستان کان ٻاهرين ملڪن ڏانهن وڃڻ لاءِ غير قانوني ايجنٽن جي هٿ ور چڙهي وڃڻ. پاڪستاني قوم محنت ڪرڻ تي يقين نٿي رکي، هن کي “معجزو” کپي ۽ معجزي جي انتظار ۾ نسلن جا نسل غريب رهجي وڃن ٿا.
ٻين تي الزام مڙهڻ: حڪومت خراب آهي، نواز شريف کائي ويو، عمران خان ڇا ڪري ورتو، فوج نٿي ڇڏي. اهو اهڙو وکر آهي، جيڪو ناڪام ماڻهو روزاني وڪڻن ٿا، اهو مڃڻ جي بجاءِ ته “مان نالائق آهيان” اهي پنهنجي ناڪاميءَ جو سڄو ڍير سسٽم تي وجهي پنهنجو پاڻ هٿ منهن ڌوئي صاف سٿرا ٿي وڃن ٿا.
اوڌر تي عياشي: اسان اهي ماڻهو آهيون جيڪي“آئي فون” قسطن تي وٺون ٿا ته جيئن ماڻهن کي متاثر ڪري سگهون، جيڪي اسان کي پسند به نٿا ڪن. غير ضروري شين جي لاءِ قرض وٺڻ ملي خودڪشي آهي، جيڪو هتان جو هر ٻيو ماڻهو ڪري رهيو آهي.
سکيا جا دروازا بند ڪرڻ: ڊگري ملندي ئي ڪتاب بند، پاڪستاني ماڻهو سال ۾ هڪ ڪتاب به نٿو پڙهي. جڏهن اوهان پنهنجي دماغ تي سيڙپ ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو ٿا ته اوهان جو کيسو پاڻ ئي خالي ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿو.
اولاد بحيثيت انشورنس پاليسي: غربت جو هڪ وڏو سبب تاتڻ کان وڌيڪ ٻار آهن، غريب ماڻهو ٻار ان ڪري پيدا ڪري ٿو ته اهي وڏا ٿي ڪمائيندا، پر هو اهو نٿو سوچي ته وسيلن کان بنا پلجڻ وارا ٻار سرمايو ناهن، معاشري ۽ والدين تي بار بڻجي وڃن ٿا.
رسڪ فوبيا: پئسا ٻڏي نه وڃن، ان ڊپ کان ماڻهو پسئا بينڪ ۾ سڙڻ جي لاءِ ڏين ٿا يا پلاٽ وٺي ڇڏي ڏين ٿا. ڪاروبار ڪرڻ جو رسڪ کڻڻ جو حوصلو ئي ناهي ۽ جيڪو رسڪ نٿو کڻي، اهو ڪڏهن ترقي نٿو ڪري سگهي.
ساڙ وارو رويو: امير ماڻهو کي ڏسي اهو سکڻ جي بجاءِ ته “اهو امير ڪيئن ٿيو؟” ضرور حرام ڪمايو هوندائين؟ اميرن کان نفرت ڪري اوهان ڪڏهن امير نٿا بڻجي سگهو۔ ڇوته لاشعوري طور تي اوهان اهو بنجڻ ئي نٿا چاهيو، جنهن کي اوهان برو سمجهو ٿا.
وقت جو قتل: چانھ وارين هوٽلن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ سياست تي بحث، ٽڪ ٽاڪ تي اسڪرولنگ ۽ فضول محفلون، غريب ماڻهو وٽ پئسي کان سواءِ قيمتي شيءِ “وقت” هوندي آهي ۽ هو انهيءَ کي ڪنهن هنر سکڻ لاءِ استعمال ڪرڻ بجاءِ ڏاڍي دريا دليءَ سان برباد ڪري ٿو. پنهنجي بدحالي جو ڍير حڪومت يا تقدير تي وجهڻ بند ڪيو۔ ڇوته حقيقت اها آهي ته اوهان جو کيسو خالي ناهي، بلڪه اوهان جو دماغ ويران آهي. جيستائين اوهان پنهنجي “ڪوڙي انا” ۽ “سستيءَ” مان جان نه ڇڏائيندا، غربت اوهان جي نسلن کي انهيءَ ريت چٽيندي رهندي.