بلاگنئون

علم ۽ هنر لاءِ جاکوڙي ڪردار، آپا ريحانه ياسمين ٻٻر

علم جو مقصد انسان جو گهڻ پاسائي اڀياس ۽ علم ۾ واڌارو آهي، علم جي حاصلات کانپوءِ ئي دل ۽ دماغ روشن ٿي پون ٿا. علم انسان ۾ حقيقي ويساهه پيدا ڪري ٿو. علم پرائڻ کانپوءِ انسان پنھنجن پيرن تي بيھي سگهي ٿو ۽ زندگيءَ کي ڪاميابي طرف وٺي وڃي ٿو. علم هڪ اهڙو ڀرپور چشمو آهي، جنھن مان سرڪيون ڀرڻ کانپوءِ من ڌوپجي صاف ٿي وڃي ٿو. غلط ۽ صحيح، پاپ ۽ پڃ، ڪوڙ ۽ سچ وغيره جي ڇنڊ ڇاڻ به، انسان علم پرائڻ کانپوءِ ئي ڪري سگهي ٿو. صفائي، سچائي، نوڙت ۽ ٻيا گڻ پڻ علم پرائڻ کانپوءِ ئي پرائي سگهجن ٿا. هڪ ٻئي سان ڪھڙي نموني وهنوار ڪجي؛ گلا کان پاسو ڪجي، ننڍي وڏي جي عزت ڪجي، اهڙين مڙني ڳالھين کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو علم آهي. ڪيترا ماڻھو علم کي فقط ڪمائيءَ جو وسيلو ئي سمجهن ٿا. اهو سوچڻ جو صحيح نمونو نه آهي. حقيقت اها آهي ته علم انسان کي معاشي سرگرمين جي لاءِ به تيار ڪري ٿو، پر ان کان وڌيڪ جا حاصلات انسان کي ٿئي ٿي اها آهي علم انسان کي اڻ ڄاڻائيءَ مان ڪڍي گيان طرف وٺي وڃي ٿو. انسان ڄاڻ وارو بڻجي ٿو ۽ پنھنجي ديش جو صحيح خدمتگار بڻجي ٿو. هو نه فقط پنھنجو مددگار پاڻ بڻجي ٿو، پر پنھنجي ڪٽنب، پاڙي ۽ ديس واسين جو سھڪاري ساٿي پڻ بڻجي ٿو. غلط راهه کان ڪنارو ڪري، سلڇڻو ۽ عدم تشدد جي واٽ پڪڙي ٿو. ان ڪري ان چوڻ ۾ ذرو به وڌاءُ نه ٿيندو ته علم اهو چشمو آهي، جنھن جو جل پيئڻ کانپوءِ، جيون سڦل بڻجي پوي ٿي. ساڳي ڳالهه هنر سان به وابسته آهي. هنرمند انسان ڪڏهن ۽ ڪٿي به بک نٿو مري. ڪن مجبورين سبب، ڪي انسان علم پرائي نٿا سگهن. انھن لاءِ ضروري آهي ته هو وقت جو قدر ڪندي ڪو نه ڪو هنر سکي پيرن تي بيھن. 1905ع ۾ ئي جاپان جھڙي ننڍي ملڪ، چين جيڏي اجگر ملڪ کي لڙائيءَ ۾ سخت شڪست ڏني هئي. ان جو ڪارڻ اهو هو جو جاپان جو هرهڪ شخص هنرمند هو ۽ پنھنجي ملڪ کي هنري خيال کان زبردست نموني مضبوط بڻايو هو. رانديڪا ٺاهڻ، سبڻ ۽ ڀرت ڀرڻ جو ڪم، چٽسالي ڪرڻ، سنگتراشي، چترڪاري، رنگ هڻڻ وغيره هنرن ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. ماڻھوءَ کي جيڪڏهن هنر پيٽ ۾ پيل هوندو ته ڪنھن جو به محتاج ڪين بڻجندو. هنرمند ماڻھو پنهنجي هنري سکيا ذريعي پاڻ کي مضبوط بڻائي سگهن ٿا. ڪو به هنر سکڻ ۾ لڄ نه ڪرڻ گهرجي. معاشي حالتن کي سڌارڻ لاءِ ڪو نه ڪو هنر سکڻ ضروري آهي. ان مان ٻه فائدا ٿين ٿا؛ 1. وقت سجايو ٿئي ٿو. 2. ناڻو ڪمائجي ٿو. علم جيان هنر به انسان کي ٻئي جي محتاجيءَ کان بچائي ٿو. اڄڪلهه جي دور ۾ پئسي کي وڏي اهميت آهي. ان لاءِ ته جيئن هو ٻئي جي محتاجيءَ کان آجو رهي ٿو. هنر جو چشمو پڻ انسان جي زندگيءَ کي رنگين بڻائي ٿو، پر جنھن وٽ علم به آهي ۽ هنر به آهي، ان لاءِ ڇا چئجي! زندگيءَ کي چار چنڊ لڳي وڃن ٿا. جيستائين ماڻھوءَ کي ڪا نوڪري ملي ئي ملي، تيستائين سکيل هنر سان ناڻو ڪمائي سگهي ٿو. سياڻن چيو آهي ته؛ “سکو به ڪمايو به.” ان ڪري ئي بنيادي تعليم پرائيندڙن کي ڪو نه ڪو هنر سيکاريو ويندو آهي ۽ هاڻوڪي نئين تعليمي سرشتي موجب اهو آدرش اپنايو ويو آهي. ان ڪري ئي اسڪولن ۾ ٻارن کي سندن مرضيءَ موجب ننڍا وڏا هنر سيکاريا وڃن ٿا۔

اهڙا هنرمند ماڻهو پنهنجي ڪردار ۽ خدمتن سبب تاريخ ۾ ھميشه لاءِ زنده رهندا آهن. سندن علم ۽ هنر جي هاڪ سدائين معاشري لاءِ مثالي رهندي آهي، ڇو ته جيڪي ماڻهو پنهنجي شعور، فهم ۽ ڏاهپ سبب هر دور ۾ نمايان ٿيندا آهن، سي ئي عام خلق ۾ ارتقائي سوچ ۽ سجاڳي پيدا ڪندا آهن. اهڙين شخصيتن کي رڳو سندن ڪارناما وڏو ناهن بڻائيندا، پر سندن عظمت، خدمت ۽ ناياب ڪاميابيون پڻ هر دور ۾ زنده بڻائي ڇڏينديون آهن. قومي تاريخ جي تقدير به هميشه اهڙن نالن سبب روشن رهندي آهي. انهن ڪردارن تي، جڏهن نظر ڦيرايون ٿا، تڏهن انهن مان آپا ريحانه ياسمين ٻٻر پڻ روشن سج جيان چمڪندڙ نظر اچي ٿي. پاڻ علم ۽ هنر جي اها سرپرست هئي، جنهن تعليم سان محبت ۽ هنر سان پنهنجو تعارف ڪرايو. سندس ٻاريل علم ۽ هنر جا چراغ اڄ به ڪيترين ئي دلين ۾ اُجالو بڻيل آهن، ڇو ته “جيڪي علم جا ڏيئا روشن ڪن ٿا، سي ظاهر زندگيءَ کانپوءِ به قوم جي رستن کي روشني ڏيندا رهن ٿا.”

آپا ريحانه ياسمين ٻٻر جو جنم ضلعي نوشهروفيروز جي ڳوٺ حاجي عبدالرحيم عباسي ۾ 24 جون 1973ع تي هڪ غريب ۽ مخلص شخص محمد هاشم ٻٻر جي گهر ۾ ٿيو. پاڻ پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ ڳوٺ ۾ ڇوڪرين لاءِ مڊل اسڪول نه هئڻ سبب، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڪلهوڙا اسٽيشن مان اٺين درجي تائين پڙهي، بعد ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول چيهو مان مئٽرڪ ۽ گورنمينٽ گرلس هائر سيڪنڊري اسڪول نوشهروفيروز مان انٽر پاس ڪيائين. پاڻ نهايت محنتي شاگردياڻي هئي، تنهنڪري پاڻ هر امتحان ۾ نمايان پوزيشن کڻندڙ شاگردياڻين جي صف ۾ بيٺل نظر ايندي هئي. جيتوڻيڪ سندس دور ۾ ڇوڪرين کي پڙهائڻ کي عيب سمجهيو ويندو هو، پر سماج جي ڪڌي سوچ کي لتاڙي پاڻ کي علم جي حسين زيور سان سينگاريو. پاڻ پنهنجي خاندان ۽ ڳوٺ جي پهرين غريب ڇوڪري هئي، جيڪا پنهنجي مدد پاڻ تحت پڙهي اڳتي وڌي. انٽر پاس ڪرڻ کانپوءِ، گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج مٺياڻي مان پي ٽي سي (PTC) ڪيائين جنهن کانپوءِ کيس ستت ئي 17 جولاءِ 1995ع تي تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر طور مقرر ڪيو ويو. سندس پهرين پوسٽنگ گورنمينٽ گرلس اسڪول حاجي محمد اسحاق ڪلهوڙو ۾ ٿي. پاڻ اتي ديانتداري ۽ ايمانداريءَ سان علمي خدمتون سرانجام ڏيندي رهي ۽ تعليم جي سفر کي پڻ خانگي طور جاري رکندي رهي. پاڻ 1998ع ۾ بي اي (B.A)، 2005ع ۾ بي ايڊ (B.Ed)، 2006ع ۾ ايم اي (M.A) سياسي سائنس، 2012ع ۾ ايم ايڊ (M.Ed) ڪيائين. سندس زندگي لطيف سرڪار جي سٽ “جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي” جو عملي نمونو هئي. پاڻ نه رڳو تعليم ۾ پاڻ مڃرايو، پر هٿ جي هنرن جهڙوڪ ٽُڪ جي رلهي، ڀرت ڀرڻ ۽ سلائي ۾ پڻ مهارت رکندي هئي. هڪ مسڪين شخص جي اڪيلي نياڻي هئڻ ڪري، کيس چڱيءَ ريت احساس هو ته تعليم ۽ هنر هن سماج لاءِ ڪيترا ضروري آهن! ان احساس کيس واندو ويهڻ نه ڏنو ۽ 2005ع ۾، پنهنجي همت ۽ ان وقت جي يو سي ناظم محمد نواز عباسي جي مدد سان ڪلهوڙا اسٽيشن ۾ شام جي وقت “شاھ لطيف دستڪاري سينٽر” قائم ڪيو. صبح جو سندن پورو وقت غريب شاگردن لاءِ وقف ٿيل هوندو هو، جڏهن ته شام جو ڳوٺ توڙي ڀرپاسي جي عورتن کي ٽُڪ جي رلهي، ڀرت ۽ سلائي جو هنر سيکاريندي هئي. اهو سلسلو 2010ع تائين هلندو رهيو. سندس ڪم کي وڏي پذيرائي ملي. دستڪاري سينٽر بند ٿيڻ کانپوءِ به پاڻ سکيا ڏيڻ جو سلسلو پنهنجي گهر ۾ جاري رکيو ۽ ڪيترين ئي خواتين کي مفت هنري سکيا ڏيندي رهي. هوءَ هڪ پاسي غريبن جي مالي مدد ڪندي هئي ۽ ٻئي پاسي پنهنجي گهر جون ضرورتون پوريون ڪندي هئي. هوءَ چاهيندي هئي ته ڪنهن جي چهري تي مايوسي نه اچي، پوءِ اهي سندس گهر جا ڀاتي هجن يا سماج جا محتاج ماڻهو. سندس خلوص ئي کيس هر دلعزيز بڻايو. 2013ع ۾ سندس بدلي گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول طالب سولنگي، نوشهروفيروز ريلوي اسٽيشن وٽ ٿي. تنهنڪري سندس خاندان ڪلهوڙا اسٽيشن مان لڏي نوشهروفيروز شهر جي ڪالوني پريم نگر فيز 2 ۾ رهي پيو. اتي به پڙهائڻ لاءِ سندس جستجو برقرار رهي. هن زندگيءَ جا لڳ ڀڳ يارهن سال گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول طالب سولنگي نوشهروفيروز ۾ تعليم ۽ تدريس لاءِ پاڻ کي ميڻ بتيءَ وانگر ٻاري ۽ ڳاري ڪم ڪندي رهي، پر چوندا آهن، حياتيءَ جو ڌاڳو نازڪ هوندو آهي، خبر ناهي ڪنهن وقت ٽٽي پوي. 8 نومبر 2024ع، مطابق 6 جمادي الاول 1446هه تي 51 سالن جي عمر ۾ دل جي دوري سبب سندس اوچتو وڇوڙو سندس گهرڀاتين، رشتيدارن ۽ شاگردن کي ڏاڍو صدمو ڏئي ويو. سندس آخري آرامگاھ سيد اسماعيل شاھ قبرستان، نزد ريلوي اسٽيشن نوشهروفيروز ۾ آهي. يقينن اها شخصيت جيڪا قوم لاءِ مشعلِ راھ هئي، سندس نالو هميشه احترام سان ياد ڪيو ويندو. آخر ۾ آپا ريحانه ياسمين ٻٻر لاءِ شاھ سائين جو هي بيت ئي مناسب لڳي ٿو:

ويا سي وينجهار هيرو لعل ونڌين جي

تنين سندا پويان سيهي لهن نه سار

 ڪُٽين ڪُٽ لهار هاڻي اُنهي ڀيڻئين. (شاھ)