علم جو مقصد انسان جو گهڻ پاسائي اڀياس ۽ علم ۾ واڌارو آهي، علم جي حاصلات کانپوءِ ئي دل ۽ دماغ روشن ٿي پون ٿا. علم انسان ۾ حقيقي ويساهه پيدا ڪري ٿو. علم پرائڻ کانپوءِ انسان پنھنجن پيرن تي بيھي سگهي ٿو ۽ زندگيءَ کي ڪاميابي طرف وٺي وڃي ٿو. علم هڪ اهڙو ڀرپور چشمو آهي، جنھن مان سرڪيون ڀرڻ کانپوءِ من ڌوپجي صاف ٿي وڃي ٿو. غلط ۽ صحيح، پاپ ۽ پڃ، ڪوڙ ۽ سچ وغيره جي ڇنڊ ڇاڻ به، انسان علم پرائڻ کانپوءِ ئي ڪري سگهي ٿو. صفائي، سچائي، نوڙت ۽ ٻيا گڻ پڻ علم پرائڻ کانپوءِ ئي پرائي سگهجن ٿا. هڪ ٻئي سان ڪھڙي نموني وهنوار ڪجي؛ گلا کان پاسو ڪجي، ننڍي وڏي جي عزت ڪجي، اهڙين مڙني ڳالھين کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو علم آهي. ڪيترا ماڻھو علم کي فقط ڪمائيءَ جو وسيلو ئي سمجهن ٿا. اهو سوچڻ جو صحيح نمونو نه آهي. حقيقت اها آهي ته علم انسان کي معاشي سرگرمين جي لاءِ به تيار ڪري ٿو، پر ان کان وڌيڪ جا حاصلات انسان کي ٿئي ٿي اها آهي علم انسان کي اڻ ڄاڻائيءَ مان ڪڍي گيان طرف وٺي وڃي ٿو. انسان ڄاڻ وارو بڻجي ٿو ۽ پنھنجي ديش جو صحيح خدمتگار بڻجي ٿو. هو نه فقط پنھنجو مددگار پاڻ بڻجي ٿو، پر پنھنجي ڪٽنب، پاڙي ۽ ديس واسين جو سھڪاري ساٿي پڻ بڻجي ٿو. غلط راهه کان ڪنارو ڪري، سلڇڻو ۽ عدم تشدد جي واٽ پڪڙي ٿو. ان ڪري ان چوڻ ۾ ذرو به وڌاءُ نه ٿيندو ته علم اهو چشمو آهي، جنھن جو جل پيئڻ کانپوءِ، جيون سڦل بڻجي پوي ٿي. ساڳي ڳالهه هنر سان به وابسته آهي. هنرمند انسان ڪڏهن ۽ ڪٿي به بک نٿو مري. ڪن مجبورين سبب، ڪي انسان علم پرائي نٿا سگهن. انھن لاءِ ضروري آهي ته هو وقت جو قدر ڪندي ڪو نه ڪو هنر سکي پيرن تي بيھن. 1905ع ۾ ئي جاپان جھڙي ننڍي ملڪ، چين جيڏي اجگر ملڪ کي لڙائيءَ ۾ سخت شڪست ڏني هئي. ان جو ڪارڻ اهو هو جو جاپان جو هرهڪ شخص هنرمند هو ۽ پنھنجي ملڪ کي هنري خيال کان زبردست نموني مضبوط بڻايو هو. رانديڪا ٺاهڻ، سبڻ ۽ ڀرت ڀرڻ جو ڪم، چٽسالي ڪرڻ، سنگتراشي، چترڪاري، رنگ هڻڻ وغيره هنرن ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. ماڻھوءَ کي جيڪڏهن هنر پيٽ ۾ پيل هوندو ته ڪنھن جو به محتاج ڪين بڻجندو. هنرمند ماڻھو پنهنجي هنري سکيا ذريعي پاڻ کي مضبوط بڻائي سگهن ٿا. ڪو به هنر سکڻ ۾ لڄ نه ڪرڻ گهرجي. معاشي حالتن کي سڌارڻ لاءِ ڪو نه ڪو هنر سکڻ ضروري آهي. ان مان ٻه فائدا ٿين ٿا؛ 1. وقت سجايو ٿئي ٿو. 2. ناڻو ڪمائجي ٿو. علم جيان هنر به انسان کي ٻئي جي محتاجيءَ کان بچائي ٿو. اڄڪلهه جي دور ۾ پئسي کي وڏي اهميت آهي. ان لاءِ ته جيئن هو ٻئي جي محتاجيءَ کان آجو رهي ٿو. هنر جو چشمو پڻ انسان جي زندگيءَ کي رنگين بڻائي ٿو، پر جنھن وٽ علم به آهي ۽ هنر به آهي، ان لاءِ ڇا چئجي! زندگيءَ کي چار چنڊ لڳي وڃن ٿا. جيستائين ماڻھوءَ کي ڪا نوڪري ملي ئي ملي، تيستائين سکيل هنر سان ناڻو ڪمائي سگهي ٿو. سياڻن چيو آهي ته؛ “سکو به ڪمايو به.” ان ڪري ئي بنيادي تعليم پرائيندڙن کي ڪو نه ڪو هنر سيکاريو ويندو آهي ۽ هاڻوڪي نئين تعليمي سرشتي موجب اهو آدرش اپنايو ويو آهي. ان ڪري ئي اسڪولن ۾ ٻارن کي سندن مرضيءَ موجب ننڍا وڏا هنر سيکاريا وڃن ٿا۔