نئون

ملڪ جي پنجن وڏن شهرن ۾ پاڻي جي سپلاءِ اڌ ٿي وئي

ملڪ جي پنجن وڏن شهرن ۾ عوام جي ضرورت کان 50 سيڪڙو گهٽ پاڻي جي فراهم ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته هڪ فرد لاءِ زمين اندر موجود پاڻي جو ذخيرو 5 هزار بجاءِ هڪ هزار رهجي ويو آهي. ملڪ اندر پاڻي جي تقسيم تي ڪم ڪندڙ غير ملڪي اداري مطابق، پاڪستان هن وقت پاڻي جي وڏي بحران جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ ملڪ جي مڙني ضلعن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ هڪ مشڪل صورت اختيار ڪري وئي آهي. رپورٽ مطابق اسلام آباد ملڪ جو گادي وارو هنڌ آهي ان ۾ به رهندڙ ماڻهن جي ضرورت روزانو 176 ملين گيلن پاڻي آهي جنهن کي هاڻي صرف 84 ملين گيلن ملي رهيو آهي. ان طرح سان فيصل آباد ۾ پاڻي فيصل آباد  ۽ ڪراچي ۾ به پاڻي جي ضرورت جو صرف 50 سيڪڙو ملي رهيو آهي. ڪراچي ۾ هر روز 1100 ملين گيلن پاڻي جي ضرورت آهي پر اتي 600 ملين گيلن پاڻي ڏنو پيو وڃي.