ميگا مني لانڊرنگ اسڪينڊل، چيف جسٽس، سنڌ جي وڏي وزير کي طلب ڪري ورتو
چيف جسٽس ثاقب نثار سپريم ڪورٽ جي ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي دوران سنڌ جي وڏير وزير کي عدالت طلب ڪري ورتو. خبرن موجب ميگا مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي واري بينچ جسٽس ثاقب نثار ، جسٽس مشير عالم ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل هئي. چيف جسٽس سوال ڪيو ته مختلف ادارن پاران تعاون نه ڪرڻ جي شڪايت ملي رهي هئي هاڻي ٻڌايو ته ڇا ڳالهه آهي. جنهن تي جي آءِ ٽي جي اڳواڻ چيو ته اسان کي تمام گهڻي پريشاني ٿي آهي عدالت جي مداخلت سان ڪاغذ مليا آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ائين ڪم نه هلندو مان به هتي اچي ويهي رهندس ۽ ڪنهن کي به نه ڇڏيندس، هن ايڊووڪيٽ جنرل سان مخاطب ٿيندي چيو ته مني لانڊرنگ اهم معاملو آهي وڏي وزير مراد علي شاهه کي چئو ته هو اڄ ئي مون سان اچي چيمبر ۾ ملي. جي آءِ ٽي جي اڳواڻ عدالت آڏو پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته اومني گروپ ڪل 73 ارب رپين جو قرض ورتو آهي، جنهن مان نيشنل بينڪ جو 24 ارب سنڌ بينڪ، سلڪ بينڪ، سمٽ بينڪ جو گڏيل قرض 50 ارب آهي. جنهن بعد چيف جسٽس اومني جي اڳواڻ کي گهرايو. چيف جسٽس سنڌ جي تمام کاتن کي حڪم جاري ڪيو ته جي آءِ ٽي سان تعاون ڪن ۽ سڀئي سيڪٽري حلف نامن سان گڏ بيان ۽ دستاويز به ڏين، جنهن بعد چيف جسٽس جي آءِ ٽي سربراهه کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان کي مڪمل آزادي آهي جتي وڃڻ چاهيو ٿا وڃو ۽ ڪم ڪيو.