ايڊيٽوريلنئون

وڌندڙ آباديءَ جو ايٽم بم ۽ ”پاڪستان پاپوليشن سمٽ“ جو انعقاد

پاڪستان ٽين دنيا جي غريب ملڪن ۾ شامل آهي. پاڪستان جي غربت ۾ آباديءَ ۾ تيزيءَ سان واڌارو هڪ وڏو سبب آهي. ايئن چئي سگهجي ٿو ته هن وقت پاڪستان وڌندڙ آباديءَ جي بم تي ويٺل آهي، اهڙي صورتحال اسان جي ملڪ جي لاءِ انتهائي سنجيده آهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته آباديءَ جي واڌ کي سياسي ارادي ۽ تسلسل جي کوٽ سبب ڪڏهن به ترجيحي بنيادن تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو. جڏهن به فنڊ آيا، پاليسيون ٺهيون ان کانپوءِ پراجيڪٽ ختم ٿي ويا، جيڪي پروگرام هلندڙ آهن، انهن کي هميشه فنڊن جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جنهن سبب هي پروگرام غير موثر طريقي سان هلندڙ آهن. اڄ پاڪستان 24 ڪروڙ 10 لکن کان وڌيڪ آباديءَ وارو ملڪ بڻجي ويو آهي، جيڪو دنيا جو آباديءَ جي لحاظ کان پنجون نمبر ملڪ آهي، جتي عوام جي اندر آباديءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ، پنهنجي خاندان کي محدود رکڻ ۽ پنهنجي معاشي حالتن کي آباديءَ سان ڳنڍڻ جو شعور نه هجڻ برابر آهي.

اهوئي سبب آهي جو هڪ طبقو جنهن ۾ تعليم جي کوٽ آهي ۽ جيڪو غربت جي سطح کان به هيٺ پنهنجي زندگي گذاري رهيو آهي اهو هڪ وڏو ڪٽنب ٺاهي ٿو، پر ان کي پالي نٿو سگهي. هن وقت پاڪستان ۾ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ روز اضافو ٿئي ٿو، ماڻهن کي رهڻ جي لاءِ گهر دستياب ناهن، اسپتالن تي آبادي وڌڻ جي ڪري تمام گهڻو دٻاءُ آهي، روڊن ۽ رستن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ تمام تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، ماڻهن کي روزگار جا ذريعا مهيا ناهن ۽ لکين ٻار سڄي ملڪ ۾ اسڪولن کان ٻاهر آهن. ان جو مطلب اهو آهي ته جنهن تيزيءَ سان آبادي وڌي رهي آهي، ملڪ وٽ ان آباديءَ کي سهولتون ڏيڻ لاءِ وسيلا موجود ناهن. ان لاءِ هڪدم عملي طور تي اهڙا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي جنهن سان ٻارن جي ڄمڻ جي شرح کي گهٽائي سگهجي، اهوئي واحد رستو آهي جنهن سان اسين پنهنجي معيشت کي بهتر بڻائي سگهون ٿا. ان لاءِ ضروري آهي ته خانداني منصوبابندي جون سهولتون هر در تائين پهچڻ گهرجن، جيڪي مفت يا سستيون هجڻ گهرجن. جنهن ۾ تربيت يافته ليڊي هيلٿ ورڪرن جو آگاهي ۽ صلاحڪاري پروگرام ڀرپور طريقي سان هلائڻ جي ضرورت آهي. هن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت کي مذهبي اڳواڻن کي به پروگرام ۾ شامل ڪرڻو پوندو ته جيئن اهي ننڍي خاندان ۽ ان جي معاشي فائدن جي باري ۾ مذهبي نقطهءِ نگاهه سان عوام کي آگاهي ڏيئي سگهن.

حڪومت کي ان ڳالهه تي به سخت نظر رکڻي پوندي ته نوجوانن جون شاديون قانوني عمر مطابق ٿين، جنهن جي ڪري آبادي جي وڌڻ جي رفتار گهٽجي سگهي ٿي. ان کان علاوه جيڪڏهن نواجوان نسل کي اسڪولن ۽ ڪاليجن تائين رسائي حاصل ٿي وڃي ته اهي ننڍي عمر جي شادين کان به بچي سگهن ٿا ته آبادي جو دٻاءُ جيڪو هن وقت ملڪ جي ڪرنگهي جي هڏيءَ کي ٽوڙي رهيو آهي اهو ختم ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ درسي ڪتابن ۾ به ٻارن جي لاءِ ننڍي خاندان جي افاديت، بهتر تعليم جا ذريعا، بهتر غذائي سهولتن ۽ ننڍي خاندان سان ڳنڍيل خوشحاليءَ بابت سبق شامل ڪري سگهجن ٿا. ان کان علاوه قانون مطابق ننڍي عمر ۾ غير قانوني طريقي سان ٻارن جي شادي بابت به درسي ڪتابن ۾ آگاهي ڏئي نوجوانن کي تيار ڪري سگهجي ٿو. استادن جي تربيت به ان معاملي ۾ انتهائي اهم آهي. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته ان سنجيده مسئلي کي ڪيترائي ادارا ۽ شخصيتون حساسيت جي نگاهه سان ڏسي رهيا آهن. اهوئي سبب آهي جو ڊان ميڊيا گروپ جي اهتمام هيٺ اسلام آباد ۾ “پاڪستان پاپوليشن سمٽ” ٿي رهيو آهي. جيڪو پاڪستان جي تيزيءَ سان وڌندڙ آباديءَ جي مسئلي تي ملڪ جي ترقيءَ تي پوندڙ اثرن بابت هڪ قومي ڊائيلاگ آهي.

جنهن ۾ سياستدان، اقتصاديات جا ماهر، ترقياتي ماهر ۽ خانگي شعبي جا اڳواڻ شامل آهن ته جيئن هڪ پائيدار مستقبل جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي ٺاهي سگهجي. هن سمٽ ۾ گڏيل قومن جا ادارا UNFPA، UNDP، UK Aid، ورلڊ بينڪ، بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن، پاڪستان جي منصوبابندي واري وزارت، صحت جون وفاقي ۽ صوبائي وزارتون، آبادي ويلفيئر کاتو، ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح جا مشهور ڊيمو گرافر ۽ اقتصاديات جا ماهر، صحت ۽ ترقي جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ سرڪاري تنظيمون، ملڪ جا صنعتڪار ۽ ڪاروباري اڳواڻ شرڪت ڪري رهيا آهن. هن سمٽ جو مقصد پاڪستان جي خطرناڪ شرح سان وڌندڙ آباديءَ جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي ايڪشن پلان ٺاهڻ ۽ ان تي عمل ڪرائڻ آهي. اها هڪ تمام سٺي اڳڀرائي آهي، جنهن سان پاڪستان جي وڌندڙ آباديءَ جو موضوع سنجيدگيءَ سان بحث هيٺ ايندو ۽ هر شعبي ۾ ان بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي ۽ اهڙيون پاليسيون ٺاهيون وينديون جنهن سان ان مسئلي جي حل ڏانهن وڌي سگهجي.

منصوبابندي واري وزارت جي سڌي شموليت ان ڳالهه جو اشارو آهي ته هن معاملي کي صرف صحت جي وزارت جي دائري تائين محدود رکڻ بدران ان کي ترقي ۽ اقتصادي منصوبابندي جو حصو بڻايو ويو آهي. اميد ٿي ڪجي ته هن سمٽ کانپوءِ ٿيل ڊائيلاگ جي نتيجي ۾ حڪومت اهڙيون پاليسيون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندي جن تي ڊگهي مدي لاءِ سياسي ارادي سان گهربل مالي وسيلا استعمال ڪري عمل ڪيو وڃي. ڇو ته هي مسئلو پاڪستان جي ترقيءَ ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ بڻجي اڳيان اڀري آيو آهي. ان لاءِ سڀ کان وڏي رڪاوٽ مذهبي ۽ ثقافتي حساسيت به سامهون ايندي رهي آهي. ان کي حل ڪرڻ لاءِ مذهبي اڳواڻن کي شامل ڪرڻ ۽ آگاهي پروگرامن جو حصو بنائڻ جي ضرورت آهي.