بلاگنئون

پي ٽي آءِ اصولن جي سياست ڇو نٿي ڪري؟

پي ٽي آءِ جي لاءِ سياسي ڌٻڻ وڌي وئي آهي، هڪ ڄنگھ ڇڏائين ٿا ته ٻي ڦاسي ٿي پوين، هڪ ڪيس مان جان ڇڏائين ٿا ته ٻئي ڪيس ۾ ڪورٽ نوٽيس ڪڍيو بيٺي اٿن. توشاخانا مان عمران خان جي جان ڇٽي مس ٿي ته وري بي بي بشريٰ تي اسلام آباد جي عدالت 190 ملين پائونڊ جي ڪيس ۾ غيرحاضري تي نوٽيس جاري ٿي ڪري، پر جي ڏٺو وڃي ته هنن جي پنهنجي ڪئي آهي، جن ڪيسن جا ثبوت هنن پاڻ ڇڏيا ۽ ڪورٽن، عدالتن، ملڪي قانونن، نيب ۽ قانون کي آساني ٿي پئي ته اهي عمران خان جي مٿان ڪيس اٿلائين ۽ مڙني پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جي لاءِ رڻ ٻاري ڏين. اڃان فارين فنڊنگ جا ڪيس اٿليا ئي ناهن جنهن ۾ هن صاحب تي پڪو الزام هو ته هي ٻاهرين ملڪن کان امداد ٿو وٺي. ان ڪري هن سياست هاڻي 25 سالن گذرڻ کانپوءِ به ميچوئرٽي ۾ ناهي آئي، جنهن ۾ اهو سمجهون ته هي سياست ڪري ويندو يا آئنده هن ۾ سياسي مفاهمت جي ڪا ڳالھ ايندي به. ان ڪري جو ماضيءَ ۾ هن ٽي ايل پي کان وٺي، پ پ، نون ليگ ۽ مولانا جي پارٽيءَ کي پير رکڻ نه ڏنو هو، ڪنهن سان ويهي ٽيبل تي ڳالهائڻ پسند نه ڪيائين ته ڪنهن ويهي سياسي واتَ ٽُڪاڻي ڪجي. اها ڳالھ به مشهور هئي ته هي ڪنهن به ڪارڪن سان ملڻ پسند نه ڪندو هو، ايستائين جو اهو جهانگير خان ترين هو جيڪو ڪارڪنن (ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز) سان پاڻ ڳالهيون نبريندو هو، باقي هن کي ڪنهن ڪارڪن جي منهن نه وڻندو هو، پوءِ ٻيا رهيا پري.

هاڻي وري ساڳي پارٽي کي وري بيبي بشريٰ ڪنٽرول ڪريو ويٺي آهي، مجال آهي جو ڪير پارٽي جي فيصلي ۾ ٽنگ اڙائي، ڪارڪنن کي جيڪي به حڪم احڪام ڏيڻا پون ٿا، سي هي پاڻ ٿي ڏئي، ان ڪري هن کي هاڻي پارٽي جي ڪرتا ڌرتا جي خبر پئجي وئي آهي، پر ايجنسين کي عمران خان به وڻيو، هاڻي وري بشريٰ بيبي ڪيئن هضم ٿيندي، ان ڪري ايجنسيون، عسڪري ادارا ۽ اسٽيبلشمينٽ وٽ عمران خان ڪنهن چڱي ريت ياد نٿا ڪن. سعودي عرب جو شهزادو سلمان بن محمد جڏهن هتي آيو هو ته عمران خان ان جو ڊرائيور ٿيڻ به پسند ڪيو هو، پر جڏهن 2019 وري ڪشمير اشو تي عمران خان اهو اعتراض واريو ته مليشيا ۾ سعودي شهزاده جڏهن ڪشمير جي قرارداد جي حامي ڀريندا ته ڪشمير آزاد ٿي سگهي ٿو، پر سعودي عرب ڀارت کي رنجائڻ نٿو چاهي، تڏهن عمران خان کي جنرل باجوه جي چوڻ تي سعودي حڪومت کان پري ڪين ۽ تذليل به ڪيسن، جو هلندڙ جهاز مان لاهي ڇڏيو هئائون.

پي ٽي آءِ جي سياست وري وهمي به هئي، هن کي بشريٰ بيبي اهو به چوندي هئي ته سمنڊ جي ڪناري رات ناهي گذارڻي ته هي همراھ ڪراچي جي جلسن ۾ اچي وري رات پيٽ ۾ واپس اسلام آباد يا گهڻي ڀاڱي بني گالا موٽي ويندو هو. ان ڪري بشريٰ بيبي هن جي لاءِ ڪتاب ڪڍيو هو ته هي عمران خان جيڪڏهن شام جو پنجين وڳي کانپوءِ ڪٿي ٽِڪِي پيو ته هن جي سرڪار کي خطرو ٿي پوندو، ان ڪري هي همراھ شام جو پنجين وڳي ئي بني گالا ڏانهن هيليڪاپٽر ۾ ويهي هليو ويندو هو باقي رياست جا ڪم پون وڃي کڏ ۾. هي هر ڳالھ بشريٰ بيبي کان پڇي ڪندو هو (۽ آهي) خلق اهو به ڏٺو ته هن همراھ اسيمبليءَ ۾ به تسبيح سوريندو نظر ايندو هو جو سينيٽ جي اجلاس ۾ يا ڪڏهن قومي اسيمبليءَ ۾ به اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ پاڻ اڪيلو ڊوڙ ۾ شامل ٿيو ۽ کٽي ويو، پر مارچ 2022 ۾ جڏهن سڀ پارٽيون هن جي خلاف عدم اعتماد جو سندرو ٻَڌي آيون ته هي همراھ وري نه لڌو. ان ڪري جو سياست جي اصولن جي ڪجي ۽ اها ڳالھ ڪجي جنهن ۾ سڀ جو ڀلو هجي ته ڳالھ سمجھ ۾ به اچي ٿي، جيڪا ڳالھ سياست جو مَرڪُ به آهي ته ويهي ٽيبل تي ڳالهيون ڪجن، پوءِ کٽِ کٽائي شاھ.

ڪيپيٽل پوليس اختيارين موجب سڪيورٽي پلان ۾ 6 هزار 325 ڪيپيٽل پوليس اهلڪارن سميت 21 هزار 500 اهلڪارن سميت ٻين فورسز جا 5 هزار رينجرز، 5500 ايف سي، 9 هزار پنجاب پوليس ۽ هتي 2 هزار سنڌ پوليس جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا، مقصد رڳو عوام جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ ۽ شهر ۾ امن برقرار رکڻ هو. ان کان علاوه داخلا پوائنٽس ۽ راڄڌاني ۾ روڊ بلاڪ ڪرڻ لاءِ تقريبن 1,200 ڪنٽينر استعمال ڪيا ويا، اسلام آباد جي 15 اهم نقطن، جن ۾ نڪولسن مونومينٽ، پسوال، فتح جنگ روڊ، مارگله ايونيو، فيض آباد ۽ بارا ڪهو ۽ ڪراچي ۾ ڪٽي پهاڙي علائقا شامل هئا، جن کي ڪنٽينر رکي بند ڪيو ويو. انهن هنڌن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ تقريبن 4500 اهلڪار مقرر ڪيا ويا، رينجرز کي چونگي نمبر 26 تي مقرر ڪيو ويو. اضافي 7500 اهلڪار اسٽينڊ باءِ تي موجود هئا. سيف سٽي اٿارٽي اسلام آباد پاران هلندڙ 3,259 ڪيمرائن سان ڊجيٽل نگراني ڪئي وئي، ڊرون ذريعي فضائي نگراني سان گڏ راولپنڊي انتظاميا 24 نومبر تي پي ٽي آءِ جي رٿيل احتجاج دوران امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ رينجرز جي مدد سان 6000 کان وڌيڪ اينٽي رائٽ پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو، شهر کي 70 پوائنٽن تي ڪنٽينر ۽ رڪاوٽون وجهي سيل ڪيو ويو ۽ 65 پوليس پڪٽس قائم ڪيون ويون. سيڪشن 144 ۽ سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويو. راولپنڊي ضلعي ۾ داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ وارن رستن سميت مري روڊ ۽ اسلام آباد ڏانهن ويندڙ رستن کي مقرر ڪيل پوائنٽن تي ڪنٽينر ۽ رڪاوٽون لڳائي بلاڪ ڪيو ويو ۽ قلم 144 جي تعميل کي يقيني بڻائڻ لاءِ شهر ۾ 65 پوليس چوڪيون قائم ڪيون ويون ۽ حيرت اها به آهي ته اهي سڀ شيون عمران خان پاڻ به ڪندو هو جڏهن پي ڊي ايم لانگ مارچ جو اعلان ڪيو ته عسڪري شخصن ان ڳالھ جي تضحيق به ڪئي هئي ته پي ڊي ايم وارا اچن اسان انهن کي چانھ به پيارينداسين ۽ جڏهن ٽي ايل پي مارچ 2020 ۾ لانگ مارچ ڪيو ته انهن جي مٿان فوج ۽ رينجرس به چاڙهي ڏنائين، پر هاڻي جي شهباز سرڪار ڪيو ته ڪا وڏي ڳالھ ناهي، ان ڪري ته سياست اصولن جي ڪجي ۽ سياست ۾ پلوَ پراڻا ناهن ٿيندا.

پي ٽي آءِ سميت هنن جي سڀني ڪي پي جي ڪارڪنن جي دماغ ۾ اهو به هو ته 24 نومبر تي هي عمران خان کي آزاد ڪرائي ويندا توڙي جو جنوري ۾ ٽرمپ جي حلف کڻڻ سان ممڪن آهي ته شيون ڪجھ بهتر ٿين ۽ خاص ڪري پاڪستاني سياست ۾ ڪجھ نواڻ اچي، پر اهي سڀ شيون هڪ پراسيس تحت ٿي سگهن ٿيون. ٽرمپ جي فون عمران خان کي ڇڏائي نٿي سگهي ۽ ممڪن ئي ناهي ته ڪنهن قانوني چاراگيري کانسواءِ عمران خان اڊيالا جيل مان ٻاهر اچي يا گهر ۾ نظر بند نه ٿئي. اهي سڀ شيون هن سرڪار ۾ به ممڪن ناهن، جيئن نواز شريف جو عمران خان جي سرڪار ۾ لنڊن مان واپس اچڻ ممڪن نه هو تيئن عمران خان هن شهباز سرڪار ۾ جيل مان ٻاهر نڪرڻ ممڪن ناهي ۽ ڪيس رهيا وري پوءِ جي ڪهاڻي. اها به ڳالھ مڃون ٿا ته وڏا جلسا جيئن ان ڳالھ جا ضامن ناهن هوندا ته اميدوار چونڊون کٽي ويندو، تيئن هاڻي به ڪي پي مان ماڻهن جا انبوھ ڪاهي اچڻ مان قطعن اها مراد ناهي ته عمران خان جيل مان ٻاهر نڪرندو ۽ سڀ جا سڀ ڪيس ختم ٿي ويندس. ان ڪري عمران خان به ميچوئر سياست جو مظاهرو ڪري ته هروڀرو پنهنجن ڪارڪنن کي جذبات ۾ اڻي 9 مئي وانگي جنهن جَهول ۾ نه وجهي جو سڀاڻي سڀ ڪارڪن اندر ڪاٺ ۾ پئجي وڃن.

هر حڪمران اها ڳالھ ضرور سمجهندو آهي ته جيڪي به ملڪي سطح جا لاڳاپا آهن، اهي ڪنهن به صورت خراب نه ٿين، ان ڪري ته سعودي ۽ چائنا ٻه اهڙا برادر ملڪ آهن جيڪي هر صورت پاڪستان سان گڏ بيٺا هوندا آهن، سعودي نواز شريف جي دور ۾ پاڪستان کي 28 مئي 1998 تي ايٽمي ڌماڪن جي عيوض مفت تيل فراهم ڪيو. 2019 ۾ سرڪيولرڊيٽس ۽ بجيٽ ڊيفيسٽس جي لاءِ سعودي عرب سرڪار (سلمان بن محمد) پاڪستان کي 2 ارب ڊالر ڪڍي ڏنا ۽ عمران خان جي سرڪار جي وڏي مدد ڪئي، پر هاڻي بشريٰ بيبي کي اها ڳالھ چوڻ نه پئي جڳائي ته هو سعودي سرڪار کي ڪجھ چئي ڏي. اها ڳالھ به عالم آشڪار آهي ته شريعت جي حڪومت گهٽ ۾ گھٽ اسان جهڙي ملڪ ۾ ناهي ۽ ائين چئي سگهجي ٿو ته سعودي جهڙي شريعت رڳو ايران ۽ هاڻي افغانستان ۾ آهي ۽ اسان ته وڻ وڻ جي ڪاٺي آهيون، جو هن مهل تائين 1939 واري ديئت ۽ عدت وارو قانون رائج آهي، جنهن ۾ عورت کي حد ڪرڻ جي ضرورت نٿي پئي ۽ ان قانون ۽ انوکي ڳالھ بشريٰ بيبي جي جان ڇڏائي ۽ هو (عمران خان ۽ بشريٰ بيبي) ڪيس مان آجا ٿي ويا. سياست ۾ ميچوئرٽي ٿي کپي ۽ اها ميچوئرٽي عمران خان جي پوري ٽيم ۾ ناهي ۽ حالانڪه هنن جي ٽيم ۾ نون ليگ، پي ٽي آءِ ۽ قاف ليگ جا گهڻا وزير شامل به ٿي ويا هئا، جيڪي موقعي پرستي تحت پارٽي ۾ آيا ۽ وري واپسي جي ٽڪيٽ به ورتن، پر قيادت جي ٻاراڻي طبيعت جي ڪري اهي ٽِڪي نه سگهيا. هاڻي به ٽائيم آهي ته هي سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪري، ڇو ته عسڪري شخصن مان ڪير به هن جي ٽيبل تي نه ايندو ۽ نه ئي ڪير هاڻي هن کي چور دروازا ئي ڏسيندو.