پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

ملڪ ۾ مهانگائي اڃان وڌندي: اسد عمر

خزاني واري قائما ڪميٽي جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي خزاني واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ن ليگ جي حڪومت بجلي جي قيمت کي چونڊ مهم جي لاءِ استعمال ڪيو هو. جنهن هڪ سال جي عرصي ۾ توانائي جي شعبي ۾ 450 ارب رپين جو خسارو ۽ گئس جي قيمتن ۾ 150 ارب رپين جو نقصان ڪيو آهي. اسد عمر وڌيڪ چيو ته ملڪ اندر معيشيت مستحڪم نظر اچي رهي آهي. جڏهن ته مهانگائي اڃان وڌندي ڇاڪاڻ ته بجلي ۽ گئس جي قيمت وڌي رهي آهي. ان تي ماڻهن جون رڙيون نڪرنديون جڏهن معيشيت بحال ٿي رهي هجي ته مهانگائي وڌندي آهي.  هن وقت آءِ ايم ايف سان اختلاف گهٽجي چڪا آهن ۽ قرض جي لاءِ ڳالهه ٻولهه به جاري آهن. آءِ ايم ايف وڌيڪ قدم کڻڻ لاءِ چيو هو، جڏهن ته هن سلسلي ۾ اسٽيٽ بينڪ ۽ خزاني واري وزارت جيڪي قدم کنيا آهن اهي مناسب آهن.