ٽيڪنالاجي

 ٻڏڻ کان محفوظ ٻيڙي تيار

آئرلينڊ جي هڪ ڪمپني سيف هيون پاران اهڙي ٻيڙي تيار ڪئي وئي آهي جيڪا ٻڏڻ کان محفوظ رهي سگهي ٿي. هن ٻيڙي جو نالو ٿنڊر چائيلڊ رکيو ويو آهي. هيءَ ٻيڙي ملڪي فوج جي لاءِ تيار ڪئي وئي آهي، جنهن جو مقصد پاڻي اندر مشڪل حالات ۾ ماڻهن جي تلاش ڪرڻ هوندو. هي ٻيڙي 54 ناٽ يا 100 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي سگهندي ۽ سمنڊ جي لهرن جو مقابلو به ڪري سگهي ٿي. هن ٻيڙي جي خاص ڳالهه اها آهي ته هيءَ پاسيري ٿيڻ تي به ٻڏندي ۽ واپس سڌي ٿي ويندي. سيف هيون مرين ڪمپني جو چوڻ آهي ته هن ٻيڙي ۾ ٻه خاص ڳالهيون آهن پهرين ته هن جو سينٽر فار گريوٽي ننڍو آهي، ٻيو ته ان جو ڪيبن پاڻي کي اندر نه رکندو آهي. هنن خوبين سبب هيءَ ٻيڙي ٻڏڻ کان محفوظ رهي سگهي ٿي. ڪا طاقتور لهر هن کي ابتو به ڪري ڇڏي تڏهن به اها پاڻ کي سڌو ڪري ويندي. يو ٽيوب تي موجود هڪ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته تجربي دوران هن ٻيڙي کي ڪرين ذريعي ابتو به ڪيو ويو پر بعد ۾ اها سڌي ٿي وئي. جنهن بعد ماڻهن سميت ان کي ابتو ڪيو ويو ته به اها سڌي ٿيڻ ۾ ڪامياب رهي.