نئون

مشال خان جي قتل جو اهم مجرم گرفتار

مشال خان جي قتل ۾ ملوث اهم ۽ مرڪزي مجرم عارف خان گرفتار ٿي ويو. مردان جي پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ملزم عارف خان کي رنگ روڊ ويجهو چمتر جي مقام تي گرفتار ڪيو ويو آهي. مشال خان جي قتل ۾ 5 اهم ملزمن مان عارف خان هڪ آهي. هي ان وقت پي ٽي آءِ جو تعلقه ڪائونسلر هو، هن مشال خان کي مڇريل ماڻهن هٿان مارايو ۽ آخر ۾ گولي هڻي قتل ڪيو. ياد رهي ته هن ڪيس ۾ ملوث باقي ملزمن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران 7 فيبروري تي سزا ٻڌائي وئي. جنهن فيصلي ۾ هڪ ملزم کي موت جي سزا جڏهن ته 5 ملزمن کي عمر قيد، 25 ڄڻن کي چار چار سالن جي سزا ۽ 26 ڄڻن کي شاهدن جي عدم دستيابي سبب آزاد ڪيو ويو هو ۽ انهن 26 ڄڻن کي انهن جي علائقن سوابي ۽ مردان ۾ هيرو جهڙو مان ڏنو ويو هو. جنهن بعد مشال جي خاندان پاران ان تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو هو ۽ مشال جي ڀاءُ ايمل خان چيو ته انهن ملزمن کي وڊيو ۾ مشال کي ماريندي ڏسي سگهجي ٿو. جنهن کانپوءِ 27 فيبروري تي عدالت پاران هن ڪيس ۾ سزا آيل 25 ڄڻن کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو.