تاريخ 14 مارچ 2026 تي مٺي شهر اندر هڪ 19 گريڊ جي ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. خودڪشي کان اڳ هن پنهنجي هڪ خط ۽ وڊيو مئسيج ۾ ان خودڪشي جا ڪارڻ ۽ سبب ٻڌايا آهن. هن چٽا نالا کڻي انهن ڪردارن کي پڻ وائکو ڪيو آهي. جنهن ۾ اسپتال جو ايم ايس ڊاڪٽر جڳاڻي ۽ ميل نرس منٺار ڀيل ۽ ٻيا شامل آهن. هي سڄو قصو سوشل ميڊيا تي ڀريو پيو آهي. ڊاڪٽر جو لاش وارث کڻائي ويا آهن، پر سرڪاري طور نه ڪا ايف آئي آر داخل ٿي آهي نه ئي سنڌ حڪومت پاران هن واقعي جو ڪو نوٽيس ورتو ويو آهي. هي اسان جي سماج جي اجتماعي بي حسي، خود غرضي ۽ نااهلي جو واضح مثال آهي.خودڪشيون ته ٿر ۾ ايئن عام بڻجي ويون آهن، جو هاڻي اها ڪا اخبار جي سنگل ڪالم خبر به نه رهي آهي. ڄارين ۾ چونئرن ۾ لٽڪيل لاش هاڻ رڳو تر جي ايس ايڇ او جي ڏهاڙي ئي بڻجي چڪا آهن. ڪڏهن ڪنهن به ڌر سرڪار توڙي ڪنهن فلاحي ڌر ان کي سيريس ورتو ئي ڪونهي ته آخر خودڪشي جا سبب ڪهڙا آهن؟ جڏھن رياستون ڏائڻ بڻجي وينديون آهن. ڪورٽون ۽ ڪچهريون ڪوٺا بڻجي ويندا آهن، تڏهن ئي محروميون موت ڏانهن وک وڌائينديون آهن، کن پن ۾ زندگي لاش بڻجي ويندي آهي. انسان جڏھن مايوسين جي پاتالن ۾ گهيرجي ويندو آهي ته وٽس سواءِ پنهنجي زندگي وٺڻ جي ڪو چارو نٿو رهي. اها ڊپريش جي انتها هجي ٿي ۽ کن پن ۾ زندگي جو ڏيئو اجھاميو وڃي. بنيادي طور تي رياست ان جي ذميوار هجي ٿي. حضرت عمر فاروق رضه جو قول آهي ته، جيڪڏهن “فرات جي ڪپ تي ڪو ڪتو به بک وگهي مري ٿو ته ان جو ذميوار آئون عمر آهيان.” سو جيڪڏهن ڪا رياست پنهنجي شهري کي جيئڻ جو حق به نٿي بخشي سگهي ته ان رياست جي حڪمرانن کي ڪوبه حق ڪونهي ته اتي حڪمراني ڪن. ڊاڪٽر شيخ جي خودڪشي ته ادارن جي ساک جا بکيا ئي اڊوڙي ڇڏيا آهن، جيڪي نااهلي، ڪرپشن جا ڪوٺا بڻجي چڪا آهن.