بلاگنئون

هڪ ڊاڪٽر جي خودڪشي

تاريخ 14 مارچ 2026 تي مٺي شهر اندر هڪ 19 گريڊ جي ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. خودڪشي کان اڳ هن پنهنجي هڪ خط ۽ وڊيو مئسيج ۾ ان خودڪشي جا ڪارڻ ۽ سبب ٻڌايا آهن. هن چٽا نالا کڻي انهن ڪردارن کي پڻ وائکو ڪيو آهي. جنهن ۾ اسپتال جو ايم ايس ڊاڪٽر جڳاڻي ۽ ميل نرس منٺار ڀيل ۽ ٻيا شامل آهن. هي سڄو قصو سوشل ميڊيا تي ڀريو پيو آهي. ڊاڪٽر جو لاش وارث کڻائي ويا آهن، پر سرڪاري طور نه ڪا ايف آئي آر داخل ٿي آهي نه ئي سنڌ حڪومت پاران هن واقعي جو ڪو نوٽيس ورتو ويو آهي. هي اسان جي سماج جي اجتماعي بي حسي، خود غرضي ۽ نااهلي جو واضح مثال آهي.خودڪشيون ته  ٿر ۾ ايئن عام بڻجي ويون آهن، جو هاڻي اها ڪا اخبار جي سنگل ڪالم خبر به نه رهي آهي. ڄارين ۾ چونئرن ۾ لٽڪيل لاش هاڻ رڳو تر جي ايس ايڇ او جي ڏهاڙي ئي بڻجي چڪا آهن. ڪڏهن ڪنهن به ڌر سرڪار توڙي ڪنهن فلاحي ڌر ان کي سيريس ورتو ئي ڪونهي ته آخر خودڪشي جا سبب ڪهڙا آهن؟ جڏھن رياستون ڏائڻ بڻجي وينديون آهن. ڪورٽون ۽ ڪچهريون ڪوٺا بڻجي ويندا آهن، تڏهن ئي محروميون موت ڏانهن وک وڌائينديون آهن، کن پن ۾ زندگي لاش بڻجي ويندي آهي. انسان جڏھن مايوسين جي پاتالن ۾ گهيرجي ويندو آهي ته وٽس سواءِ پنهنجي زندگي وٺڻ جي ڪو چارو نٿو رهي. اها ڊپريش جي انتها هجي ٿي ۽ کن پن ۾ زندگي جو ڏيئو اجھاميو وڃي. بنيادي طور تي رياست ان جي ذميوار هجي ٿي. حضرت عمر فاروق  رضه جو قول آهي ته، جيڪڏهن “فرات جي ڪپ تي ڪو ڪتو به بک وگهي مري ٿو ته ان جو ذميوار آئون عمر آهيان.” سو جيڪڏهن ڪا رياست پنهنجي شهري کي جيئڻ جو حق به نٿي بخشي سگهي ته ان رياست جي حڪمرانن کي ڪوبه حق ڪونهي ته اتي حڪمراني ڪن. ڊاڪٽر شيخ جي خودڪشي ته ادارن جي ساک جا بکيا ئي اڊوڙي ڇڏيا آهن، جيڪي نااهلي، ڪرپشن جا ڪوٺا بڻجي چڪا آهن.

پهرين مارچ ڌاري ڊاڪٽر شيخ مٿان هڪ ميل نرس ريپ جو الزام ٿو هڻي. ڊاڪٽر ايم ايس کي شڪايت ٿو ڪري. انڪوائري ٿي ٿئي جنهن ۾ ميل نرس ڏوهاري ثابت ٿو ٿئي، پر سواءِ سندس ڊيوٽي شفٽ تبديل ٿي ٿئي ڪابه سزا نٿي ملي!!! اهو ميل نرس وري ڪچيون گاريون ٿو ڏئي ڊاڪٽر کي. هي سڀ آڊيو /وڊيو وائرل ٿيل آهن. هڪڙو حساس ماڻهون جنهن جون ٻه ڌيئون پڻ آهن پٽن کي نصيحت ڪندي چوي ٿو ته نياڻيڻ جو شاديون ڪرائجو. رهيل قرض ادا ڪجو. مون کي ڪنهن گمنام قبر ۾ دفن ڪجو. منهنجو منهن به ڪنهن کي نه ڏيکارجو!!!! اهڙي حساس انسان لاءِ اھڙو ڪوڙو الزام موت جو ڪارڻ بڻجي ٿو. ان کان اڳ اهڙا لاش يونيورسٽين جي هاسٽلن مان نڪرندي ڏٺاسون.هر اداري ۾ هڪ سيسيلين مافيا جڙيل آهي. جنھن جو گاڊ فادر پڻ آهي. سوشل ميڊيا تي ٻه ڏينهن پِٽڪو هلندو وري ڪو ٻيو مدو ڪر کڻندو. اسان ڪنهن ردالين وانگر وري ان تي پار ڪڍي پٽڻ شروع ڪنداسين. آخر ڪيستائين هلي هي راڳ هلندو!؟ ڊاڪٽر شيخ لاءِ ته ڪو ڌرڻو به ڪونه لڳندو نه ڪا ڪا هڙتال ٿيندي، سو نه ڪو ڪا ايف آءِ آر داخل ٿيندي. هاڻ ته قتل ٿيڻ کانپوءِ ايف آءِ آر جي داخل ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته روڊ بند ٿئي، ڌرڻو لڳي يا ڪا ھڙتال ٿئي. پوليس جي وردي پاتل سي ايس آفيسرن کي ڪجهه حيا ڪرڻ گهرجي. پوليس جو جيڪو ڪم آهي، سو ڪرڻ گهرجي. گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن قتل ڪنهن آپگھات تي ايف آءِ آر ڪري ان جي جاچ ڪرڻ گهرجي.