هراسمينٽ جي ڪوڙي الزامن مان مراد ته ھڪ ماڻھو تي بيگناھ الزام مڙھيا وڃن ته ھي اسان کي هراسمينٽ جو نشانو بڻائي رھيو آھي. جڏھن ته حقيقت ان جي ابتڙ ھوندي آھي. اڄڪلهه ماڻهو پنهنجون ذاتي دشمنيون ڪڍڻ، ڪنھن کي پنهنجي اڳيان جھڪائڻ، ڪنھن مان غير قانوني ڪم وٺڻ، ڪنھن عزتدار معاشري جي فرد کي اجايو پريشان ڪرڻ لاءِ زنا جا ڪوڙا الزام ھڻڻ، ھٿرادو ذھانت ذريعي جعلي فحش وڊيوز ٺاھي يا تصويرن کي غلط رنگ ڏئي کيس معاشري ۾ بدنام ڪرڻ کي ڪوڙي يا جعلي هراسمينٽ چئبو آھي. ھن سوشل ميڊيا جي دور ۾ هراسمينٽ جا ڪوڙا الزام مڙھي ڪنهن به اداري جي اعليٰ عھديدار شخص کي آساني سان بدنام ڪيو وڃي ٿو. ھنن ڪوڙن الزامن جا ڪيس سڀ کان وڌيڪ خانگي توڙي سرڪاري ادارن ۾ رپورٽ ٿين ٿا. ھنن ادارن ۾ اڪثر اعليٰ عھديدار ئي ڪوڙن الزامن جو شڪار ٿين ٿا. مون ڪجهه ادارن جي اعليٰ عھديدارن کان سوال ڪيا ته ادارا پنهنجو ڪم چڱي ريت ڇو نٿا ڪن. ھنن مختلف مسئلا بيان ڪيا، پر ھنن ھڪ ڳالھه مشترڪه ڪئي ته عملي کي ڪم جو پابند ڪرڻ ۽ پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جو پابند ڪجي ٿو ته ھي ڪوڙا الزام مڙھي سوشل ميڊيا ذريعي اسان ادارن جي آفيسرن کي اجايو بدنام ڪن ٿا خاص ڪري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي ته ڪوبه ڪجهه نٿو چئي سگهي. عورتون جنسي ھراسمينٽ کي ھڪ خاص ھٿيار طور استعمال ڪن ٿيون. ائين نه آھي ته سڀ عورتون غلط الزام لڳائين ٿيون، ڪجهه عورتن کي واقعي ھراس ڪيو وڃي ٿو، پر اڪثريت عورتن جي جسماني ھراسمينٽ کي ھٿيار طور ئي استعمال ڪن ٿيون. اھوئي سبب آھي جو ادارا پنهنجي ڪارڪردگي بهتر نٿا بڻائي سگهن. ھنن ادارن جي سربراهن تي ھيٺين عملي طرفان لڳايل الزامن جي جڏھن شفاف جاچ ڪرائي وڃي ٿي ته انهن مان اڪثر الزام ڪوڙا ثابت ٿين ٿا.