رائل آبزرويٽري ۾…
ھر ڏِس ساوڪ سان سٿيل لنڊن جي خوبصورت پارڪ گرينوچ مان ھلندي ۽ اُن جا من موھيندڙ نظارا پيسندي، پاڻ چڙھون پيا جبل تي ۽ پاڻ کي پھچڻو آھي مٿي اُن جي چوٽي تي، بلڪل ائين جيئن ڪنھن زماني ۾ ساڌو سنت دنيا کي تياڳي پرم پد پائڻ لاءِ ڪشالا ڪڍي جبل جي چوٽي تي ايڪانت ۾ ويھي تپشيا ڪندا ھئا. پاڻ ته آھيون پاپي ماڻھو ۽ پنھنجو موھه ھِن خوبصورت دنيا مان نڪرڻو ئي ناھي، ڇو جو پاڻ ته بس ھِن دنيا ۾ ئي ٿا جيئڻ ۽ رھڻ چاھيون، سو پنھنجو جبل ڏي پنڌ اُھو ساڌن جي واسنا وارو ناھي. ساڌن ۽ سنتن کي پرم پد جو سک الائجي مليو به آھي يا نه؟ ۽ پنھنجو اِھو موضوع به ناھي، باقي يار! پاڻ کي ته سائنس سڀ سک عطا ڪيا آھن. سائنس پاڻ کي پٿرن، جھنگلن ۽ غفائن جي اونداھي ۽ وحشت ناڪ دور مان ڪڍي سھولتن ۽ سکن سان ڀرپور وسندين واري جديد ۽ روشن دور ۾ وٺي آئي آھي. سو سائين منھنجا! پاڻ جبل جي چوٽي چڙھون پيا سائنس جو سجايل اُھو انوکو آستانو ڏسڻ، جنھن ستارن جي جھان يعني علم فلڪيات بابت ڄاڻ ڏئي، اسان جي ڌرتي تي بدلجندڙ وقت ۽ سمنڊ جي اڄاڻ رستن سان واقفيت ڪرائي. جيتوڻيڪ پاڻ جبل جي چوٽي تائين پھچڻ لاءِ چڙاھيون چڙھون پيا، پر ھي پوءِ به ڪو سسئي جي ڪيچ مڪران واري اڻانگي پنڌ جيان ٿڪائيندڙ ڪونه ٿو باسي. ڪاش! سسئي جي وقت ۾ به سائنس ايتري ترقي ڪئي ھجي ھا ۽ روڊ رستا ۽ ٻيو انفرا اسٽرڪچر ٺھيل ھجي ھا ته ڪر ويچاري سسئي کي سورن سان جبل جھاڳڻا ئي نه پون ھا. پاڻ پنھنجي خوشنصيبي ٿا ڀانيون جو پاڻ سائنس جي عطا ڪيل نعمتن جي دور ۾ جيئون پيا ۽ سائنس جي مھيا ڪيل سھولتن جي طفيل جبل جي چوٽي ڏانھن ويندڙ عاليشان رستي تان فطرتي نظارن ۽ انساني حسن جي جوڀن جلون کي پسندي بنا سورن سھڻ جي، آرام سان پھچي ويا آھيون علم فلڪيات جي ميوزم تي، جنھن جو نالو آھي رائل آبزرويٽري گرينوچ (Royal Observatory Greenwich)
رائل آبزرويٽري گرينِوچ انگلينڊ جو هڪ قديم ۽ انتهائي اهم تاريخي سائنس جو مرڪز آهي. هي آبزرويٽري لنڊن شھر جي گرينِوچ پارڪ (Greenwich Park) جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع آهي. اِن جي زمين کان اوچائي تقريبن 50 ميٽر (165 فوٽ) آهي. ھي اُھو ئي دنيا جو پھريون سائنسي ادارو آھي، جنھن جي تحقيق ۽ کوجنائن جي ڪري اڄ سڄي دنيا ۾ ھڪڙو ئي ٽائم سسٽم يعني گرينوچ مين ٽائم (Greenwich Mean Time) رائج آھي، جنھن کي شارٽ فارم ۾GMT چئبو آھي. ھِن ٽائم سسٽم رائج ٿيڻ کان اڳي ھرڪو ملڪ پنھنجي پنھنجي معيار جي حساب سان ٽائم طئي ڪندو ھو، جنھن سان کوڙ سارا مسئلا پيدا ٿيندا ھئا. ان اداري جي کوجنا جي طفيل اڄ سڄي دنيا جي ملڪن ۾ ٽائم جو ھڪڙو ئي معيار ۽ ماپو آھي جنھن کي گرينوچ مين ٽائم(GMT) ڪوٺيو وڃي ٿو. ان کانسواءِ به رائل آبزرويٽري گرينوچ جون ٻيون به دريافتون آھن، جن جي طفيل نه صرف انساني سفر آسان ٿيو آھي بلڪه سڄي دنيا پاڻ ۾ ڳنڍجي ويئي آھي ۽ انسان ڌرتي جي اُنھن اڄاڻ ڪنڊن ۽ آسمان جي اُنھن سيارن جي معلومات تائين پھتو آھي، جن جو ذڪر اڳي اسان کي فقط لال پرين، راڪاسن ۽ جادوگرن جي قصن ڪھاڻين ۾ ملندو ھو. اچو ته اھو تاريخي سائنسي ادارو گھمڻ کان اڳ ۾ ان جي تفصيلي تاريخ، مقصد، اهم سائنسي کوجنائن ۽ موجوده ڪردار تي روشني وجھون.
رائل آبزرويٽري گرينِوچ 1675ع ۾ انگلينڊ جي بادشاهه چارلسII جي دور ۾ ستارن جي مشاھدي (علم فلڪيات) ۽ بحري نيويگيشن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ جوڙيو ويو. اِن جي تعمير 10 آگسٽ 1675ع کان شروع ٿي ۽ 1676ع ۾ مڪمل ٿي. رائل آبزرويٽري گرينوچ جي تعمير تي 520 پائونڊ خرچ آيو، جيڪا اُن زماني جي لحاظ کان تمام وڏي رقم ھئي. جان فلمسٽيڊ (John Flamsteed) کي ان اداري ۾ پھرئين ماھر فلڪيات (astronomer) طور مقرر ڪيو ويو، جنهن جي ذمي ستارن جي مڪمل نقشابندي/درجابندي (star catalog) ڪرڻ هو ته جيئن سمنڊ ۾ جھاز راني(navigation) ۾ مدد ملي سگهي. وقت گذرڻ سان گڏ ھن اداري جو تحقيق جو دائرو وڌندو ويو ۽ اُن ۾ ٻيون به ذميواريون شامل ڪيون ويون، جهڙوڪ وقت جو حساب ڪتاب، برقي سگنلن ذريعي وقت پهچائڻ، موسمي (meteorological) ۽ مقناطيسي(magnetic) مشاهدا ڪرڻ وغيره وغيره. 19 هين صدي ۾ 1851ع ڌاري ھِتيAiry Transit Circle ٽيلسڪوپ لڳائي وئي، جيڪا ڌرتي جي ڊگھائي ماپڻ لاءِ “0 ڊگھائي ڦاڪ(Longitude) واري بنيادي ليڪ (Prime Meridian) ماپڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿي. 1833ع ۾ ھتي ٽائيم بال(Time Ball) لڳايو ويو، جيڪو روزانو ٻنپھرن جو ھڪ وڳي تي ڊراپ ٿئي ٿو ۽ هي سگنل سمنڊ ۾ ماھيگيرن جي رھنمائي لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي. 1957 ۾ رائل آبزرويٽري جا وڏا ٽيلي اسڪوپ ۽ ريسرچ اوزار گرينوچ کان هيرسٽمونسيوڪس قلعي(Herstmonceux Castle) ڏانهن منتقل ڪيا ويا. انھيءَ ڪري جو گرينوچ ۾ لنڊن شهر جي ويجھي ھئڻ سبب روشني ۽ آلودگي وڌي وئي هئي، جنهن سبب ستارن جو صاف ۽ صحيح مشاھدو ڪرڻ ۾ تڪليف محسوس ٿي رھي هئي، جڏھن ته Herstmonceux ڳوٺ تمام اونداهو ۽ سڪون وارو علائقو ھئڻ ڪري فلڪيات جي تحقيق لاءِ بھتر سمجھيو ويو. ھِن وقت Herstmonceux جو علائقو فلڪياتي تحقيق جي مرڪز طور مشهور آهي جتي پراڻي رائل آبزرويٽري جا ڪيترائي سائنسي اوزار/سامان نمائش ۾ موجود آهن. گرينِوچ واري ھِن پراڻي سائيٽ (عمارت) کي هاڻي رائل ميوزيم گرينوچ(Royal Museums Greenwich) قرار ڏئي عام عوام لاءِ کوليو آهي. 2025ع جي آخر ۾ ان جي 350 هين سالگره جو جشن به ملھايو پيو وڃي. آئون حيران آھيان ته 17 صدي ۾ انگريز ايترا باشعور ھئا جو اُھي جھاز راني لاءِ نيويگيشن تي ڪم ڪندي سمنڊ جي درجابندي ڪري رھيا ھئا ۽ آسمان ۾ ستارن جو اڄاتل جھان کوجي رھيا ھئا، جڏھن ته اُن دور کان وٺي ھاڻوڪي دور تائين وري جي اسانجن جوتشين کي ڏسجي ته اُنھن ستارن جي کوج ته خير ڪو ڪئي، بس رڳو پنھنجو علم ماڻھن کي ڊيڄارڻ ۽ وھمن وسوسن ۾ مبتلا ڪرڻ لاءِ ئي صَرف (خرچ) ڪيو. ھِن ڏينھن تي شادي ڪرڻ يا نئون ڪاروبار کولڻ سان نقصان ٿيندو ڇو جو منگل گرھه وسپت گرھه جي آڏو اچي وڃي ٿو… هن سال تارو ٻڏي ٿو انھيءَ ڪري ڪوبه ڪاڄ ڪرڻ اشگن (بد سوڻ) ٿيندو ۽ ڪوبه شادي جو مھورت نه نڪرندو… فلاڻو ٻار فلاڻي ويلا (ثاڻو) ۾ ڄائو آھي انھيءَ ڪري اُن جو پير ڀاري آھي وغيره وغيره. مطلب ته عجيب مسخري آھي جيڪا اسان سان علم ۽ سائنس جي نالي ۾ ڪئي وئي آھي، پر پوءِ به اسان يورپ وارن تي لت اھڙي رکنداسين ته ڄڻ دنيا جھان کي سڀ کان پھرين سائنسي شعور اسان ئي ڏنو ھجي. بس يار! پنھنجا ويھي ڪھڙا پول پڌرا ڪجن، سو پاڻ ڇڏيون ٿا انھيءَ ڳالھه کي اِتي ۽ ھلون ٿا رائل آبزرويٽري گرينوچ ميوزم جي اندر اُتي جو سائنسي جھان ڏسڻ. ھِن ميوزيم ۾ ھيٺيان سيڪشن ڏنا ويا آھن. (1) فليمسٽيڊ ھائوس(Flamsteed House) : هي اصل عمارت آهي جيڪا 1676ع ۾ مشھور آرڪيٽيڪٽ انجنيئر ڪرسٽوفر رين تعمير ڪئي ھئي. هي عمارت ٽِن منزلن تي مشتمل آهي جنھن جي مٿان گنبذ ٺھيل آھي. (1) حصو (i) گرائونڊ فلور (Ground Floor) : هن فلور جو ھڪ حصو Astronomer Royal سڏجي ٿو. ھن حصي ۾ ماھر فلڪيات جي آفيس، اسٽڊي روم، دستاويز، ڪتاب، فلڪياتي ڊيٽا ۽ منصوبن جا نوٽس پيل آھن. Timekeeping Room ۾ وقت ماپڻ جا شروعاتي دور جا اوزار (instruments) رکيل آھن.Marine Chronometers جا ماڊل، سمنڊ ۾Longitude ماپڻ لاءِ فلڪياتي نقشا، چارٽس ۽ ستارن جا ابتدائي نقشا ھِتي ڏسي سگھجن ٿا. پراڻي وقت ۾ هِن منزل تي وقت ۽ نيويگيشن جو مرڪزي ڪم ٿيندو هو. (ii) پهرين منزل(First Floor) : هي حصو اصل ۾ Astronomer Royal ۽ سندس فيملي جي رهائش لاءِ وقف ھو. ھِن حصي ۾ موجود ڊرائنگ روم گڏجاڻين لاءِ استعمال ٿيندو ھو. ھِن حصي ۾ Living Quarters/Bedroom به آھن جتي مشھور ماھر فلڪيات Flamsteed ۽ پوءِHalley رهي چڪا آھن. ھِن حصي ۾ لائبريري ۾ اهم فلڪياتي ڪتاب، جرنل ۽ Catalogues موجود آھن. ان کانسواءِ ھن حصي ۾ گهرو ۽ رسمي کاڌن لاءِ ڊائننگ روم به ٺھيل آھي. ھِن سڄي فلور جي اھميت ان جي ڪري به آھي ته سائنسدان هتي اچي رهندا هئا ۽ هتي ئي گهڻا تحقيقاتي ڪم، لکپڙهه، روزانو نوٽس ۽ اسٽار لاگز تيار ٿيندا هئا. (iii) مٿيون حصو/ Octagon Room (Telescope Hall): هي سڀ کان مشهور ڪمرو آهي جنهن کي ڪرسٽوفر رين خاص طور ننڍي گنبذ جهڙي شڪل ۾ ٺاهيو. ھِن حصي ۾ هر پاسي وڏيون دريون آھن، جيئن آساني سان ستارن جو مشاهدو ڪري سگهجي. ھِن حصي ۾ اوائلي دور جون دوربينيون، ماپڻ جون وڏيون ڪمپاسون Quadrants،Sextants ۽ Transits جا پراڻا ماڊل شامل آھن. هي فليمسٽيڊ جو مکيه مشاهدي وارو ڪمرو هو جتي هو روزانو آسمان جو مشاھدو ڪندو هو. ھِن وقت جڏھن آئون دري مان ٻاھر نھاريان ٿو ته جھڙالي آسمان ۾ بادل ته نظر اچن ٿا، پر تارا ڪونھن. ظاھر آھي روشن ڏينھن ۾ تارا ڪٿي نظر ايندا؟ ڏينھن جا تارا ڏيکارڻ ته محاورتن داداگيري لاءِ استعمال ٿيندو آھي ۽ سائنس جو ڇا وڃي دادا گيري ۾، اُھا ته صرف انسان ذات جي ڀلائي لاءِ آھي. اِھا ٻي ڳالھه آھي ته مختلف دورن ۾ سياستدانن/حڪمرانن مظلوم ماڻھن کي ڏينھن جا تارا ڏيکارڻ لاءِ سائنس جو غلط استعمال پي ڪيو آھي. (2) ميريڊيئن بلڊنگ(Meridian Building) : هي بلڊنگ اصل ۾Airy Meridian 0° Longitude جي ماپ لاءِ ٺھيل آھي. ھِن ۾ Airy Transit Circle Telescope رکيل آهي جيڪا 1851 ۾ اُتي لڳائي ويئي ھئي. ھن حصي ۾ اوزارن/سامان مان ڪجھه ھي آھن. ٽرانزٽ ٽيليسڪوپ (Transit Telescope): هن دوربيني جي ذريعي ستارن جي عروج ۽ زوال (ڄمار) جو پتو لڳايو ويندو ھو.Timekeeping Instruments انھن اوزارن سانGMT جو تعين ڪيو ويندو هو. اڄوڪي GPS سسٽم تائين دنيا جي هرLongitude جي ماپ جو معيار هتان ئي طئي ٿيو. ھِن بلڊنگ کان ٻاھر Shepherd Gate Clock لڳل آھي. ھي دنيا جو پهريون گھڙيال آھي جيڪوGMT مطابق وقت ڏيکاري ٿو.Time Ball 1833: هي عمارت جي ڇت تي نصب ٿيل آھي جنھن سان ٽائم ڀيٽي بحري جھاز ٽائم جي درستگي ڪندا ھئا. (3) Great Equatorial Building: دنيا جي سڀني کان وڏي ۽ جديد 28 انچRefractor Telescope مان هڪAnnie Maunder Astrographic Telescope هن حصي ۾ رکيل آهي، جنھن سان سج، چنڊ ۽ نيبولا جو مشاهدو ڪيو ويندو آھي. ھِن آبزرويٽري ۾ مختلف وقتن جي مشھور ماھر فلڪيات/سائنسدانن ڪم ڪيو آھي جن ۾ فلمسٽيڊ ۽ ھيلي کان علاوه براڊلي، ائيري، ماسڪيلن، جيمس ڪارپينٽر ۽ سيموئيل سمائيلس شامل آھن. وقت سان گڏ جيئن جيئن سائنس ترقي ڪندي رھي ته ان حساب سان ھِن آبزرويٽري ۾ به تبديليون اينديون ويون. 18 هين صدي ۾ نيون دوربينيون(telescopes) نصب ڪيون ويون. آبزرويٽري جي رهائشي حصن جي مرمت ڪئي وئي. 19 هين صدي ۾Airy Transit Circle ٽيليسڪوپ ۽ ٽائم بال لڳايو ويو. 20 هين صدي ۾ روشني ۽ ٻي آلودگي وڌڻ جي ڪري ھتان دوربينيونHerstmonceux منتقل ڪيون ويون ۽ رائل آبزرويٽري گرينوچ کي ميوزيم ۾ تبديل ڪيو ويو. 21 هين صدي ۾ ھِن آبزرويٽري ۾ اضافي سيڪشن/گئلريون قائم ڪيون ويون، جن ۾Peter Harrison Planetarium شامل آھي. اُن کانسواءِ ايندڙ ڏھن پندرھن سالن ۾ ٻارن جي لاءِ اسپيس لئب (space lab)، جديد تعليمي سينٽر، ھولوگرافڪ اسٽار سسٽم ۽ ميريڊيئن لائن جو ڊجيٽل نقشو ترتيب ڏيڻ پڻ رائل آبزرويٽري جي منصوبا بندي ۾ شامل آھي. رائل آبزرويٽري گرينوچ جا مشهور سائنسدان جن ھتي ڪم ڪيو ۽ نيون ايجادون ڪيون اُنھن جو مختصر تفصيل ھن ريت آھي. (1) John Flamsteed پهريون Astronomer Royal جنهن ستارن جي زمين کان دوري جو Catalogue تيار ڪيو. (2) Edmond Halley جنھن ستارن جي مدارن جو پتو لڳايو ۽ مقناطيسي فيلڊ تي ڪم ڪيو. (3) James Bradley جنهن ڌرتي جي محور (earth’s axis) ۾ چنڊ ۽ سج جي ڪشش ڪري پيدا ٿيندڙ لوڏن (Nutation) ۽ ڌرتي جي حرڪت سبب روشني جو رخ ترڇو نظر اچڻ (aberration of light) جو سبب دريافت ڪيو. (4) George Biddell Airy جنھنPrime Meridian جو معيار مقرر ڪيو. (5)Nevil Maskelyne جنهن نيويگشن لاءِ سالياني فلڪياتي ٽيبل(Nautical Almanac) ٺاهي جنھن ۾ سج، چنڊ، سيارن ۽ ستارن جي روزاني صحيح مقام(position or spot) جو پتو پوي ٿو، جنھن جي آڌار تي جهازراني(navigation) جو سارو نظام ھلي ٿو. (6) Caroline Herschel ۽William Herschel انھن ٻنھي سائنسدانن جو آبزرويٽري سان سڌو تعلق ته نه ھو، پر سندن اوزار ۽ فلڪياتي مشاھدا گرينوچ سان ڳنڍيل تحقيق ۾ شامل ھئا. نيون ايجادون يا وڏيون ڪارگذاريون (Contributions) جيڪي رائل آبزرويٽري گرينوچ سان جڙيل آهن، اُنھن جي مختصر ڄاڻ ھِن ريت آھي. (1) Greenwich Mean Time GMT: سڄي دنيا لاءِ معياري ٽائم (GMT) جو تعين ھتان ٿيو ۽ سال 1884 ۾ ان کي عالمي طور اختيار (لاڳو) ڪيو ويو.GMT کان اڳ هر ملڪ، هر شهر ۽ ڪڏهن ڪڏهن هر ڳوٺ جو پنهنجو “مقامي سج وارو وقت” (Local Solar Time هوندو هو. مثلن لنڊن جو وقت الڳ، پئرس الڳ، نيو يارڪ الڳ ۽ ان ٽائم جي مطابق ئي گھڙيون سيٽ ڪيون وينديون هيون. ريلوي ۽ سامونڊي سفر وڌڻ کانپوءِ ھِن نظام کي جاري رکڻ تمام مشڪل ٿي پيو. سڄي دنيا ۾ معياري ٽائم مقرر ڪرڻ لاءِ گرينوچ آبزرويٽري جي چونڊ ڪئي وئي، انھي ڪري جو اُن دور ۾ گرينوچ آبزرويٽري دنيا جي سڀني کان معتبر تحقيقي رسدگاهه مڃي ويندي ھئي. هِتي سج، ستارن، ۽ نيويگيشن لاءِ وقت جي ماپ سڀني رسدگاھن کان بھتر انداز ۾ ۽ صحيح ٿيندي هئي. انھي آزرويٽري جي نالي پٺيان ئي معياري ٽائم تي نالو گرينوچ مين ٽائم پيو. (2) Prime Meridian 0°Longitude: گرينوچ مان گذري ٿي ۽ سڄي دنيا جي ڊگھائي ڦاڪن (Longitude) کي گرينوچ کي معيار بنائي ماپيو وڃي ٿو.(3) Time Ball 1833: دنيا جو پهريون عوامي وقت جو سگنل به ھِن آبزرويٽري جي دريافت آھي. (4) Nautical Almanac : بحري نيويگشن جو عالمي بنياد رکڻ جو ڪريڊٽ به رائل آبزرويٽري گرينوچ ڏي وڃي ٿو. (5)Airy Transit Circle : جاگرافيائي سسٽم جي حد بندي جي معيار ۽ ستارن بابت اوائلي ۽ تفصيلي ڄاڻ مھيا ڪرڻ ۾ به رائل آبزرويٽري گرينوچ جي تحقيقي ڪم جو وڏو ڪردار آھي. رائل آبزرويٽري گرينوچ پھرين ۽ ٻين عالمي جنگ ۾ جنگي آپريشن لاءِ سڌي طرح استعمال ته نه ٿي، پر وقت جا سگنل، نيويگيشن ٽيبل ۽ فلڪياتي ڊيٽا جنگي جهازن ۽ هوائي جهازن لاءِ تمام گھڻي ڪارائتي ثابت ٿي. ٻي عظيم جنگ دوران ھن آبزرويٽري جي عمارت لائٽ جي روشني کي گهٽايو ۽ ڍڪيو ويو ته جيئن دشمنن جا جھاز حملن ۾ ان کي ٽارگيٽ نه بنائڻ.
رائل آبزرويٽري گرينوچ جي داخلا ٽڪيٽ بالغن لاءِ 24 (تقريبن 9000 رپيا) ۽ ٻارن لاءِ 12 آھي. عام طور تي ھِن ٽوئرسٽ اسپاٽ تي تحقيق جي حوالي کان دنيا جي منفرد اسپاٽ ھئڻ سبب ڪافي رش ٿيڻ جي ڪري ٽڪيٽ مشڪل سان ملي ٿي، ان ڪري ٽڪيٽ آن لائن ۽ اڳ ۾ بُڪ ڪرڻ ئي بھتر آھي ۽ اُھا ٽڪيٽ ڪائونٽر تان وٺڻ جي ڀيٽ ۾ سستي به پوي ٿي. پھاڙي تي واقع رائل آبزرويٽري گرينوچ جي عمارت کان ٻاھر وسيع کليل ايراضي آھي اتي ھڪ خوبصورت گرينوچ پارڪ (Greenwich Park) آهي جتان لندن جو خوبصورت نظارو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مرڊين لائن(Prime Meridian) جو نشان اندر ۽ ٻاهر ٻنهي طرفن تي موجود آهي ۽ اھا سياحن لاءِ هڪ مقبول فوٽو پوائنٽ آهي. وقت جي اشارن (سگنلس) لاءِ ٽائيم بال (Time Ball) پوائنٽ آهي، جتي اھو بال روزانو خاص وقت تي هيٺ ڪري ٿو ۽ اهو هڪ تاريخي منظر آهي جيڪو ڏسڻ وٽان آھي. رائل آبزرويٽري گرينوچ جي گيٽ جي ڀت تي Shepherd Gate Clock لڳل آهي، جيڪو معياري وقت ڏيکاري ٿو.
ھاڻي آئون پھاڙي جي چوٽي تان لنڊن شھر ۽ ھيٺ نظر ايندڙ وشال پارڪ جو نظارو ڪري واپس موٽڻ لڳو آھيان. ھاڻي لاھي وارو پنڌ آھي، بُت کي ڍلو ڇڏيو ته ڌرتي جي ڪشش پاڻھي ئي ھيٺ ڌڪيندي لاھيندي پنڌ کٽائيندي ٿي وڃي. رستي ھلندي سوچيان ٿو ته “ستارن جي علم لاءِ ھي تحقيقي ليبارٽري 1676 ۾ ٺھي. انگريزن جو ان زماني ۾ به ڪيڏو نه شعور ۽ ويئن(vision) هو، جڏھن اسان وٽ ان 17 صدي کي ته ڇڏيو 19 صدي تائين به ڀڀڙ ڀينگ لڳي پئي ھئي. وري جي ھِن دور کي وٺون ٿا ته ڊجيٽل ٽيڪنالاجي آرٽيفيشل انٽيليجينس ۽ الائجي ڪھڙيون ڪھڙيون سائنسي ايجادون دنيا کي بدلائي رھيون آھن ۽ اسين اڃان تائين نه ته پنھنجين ثقافتي ۽ قومي عظمتن جي سحر مان نڪرون ٿا جو ڪجھه نئون ڪريون، جيڪو دنيا کي ڏيکاري سگھون ۽ نه ئي وري جديد فڪري لاڙن جو گس وٺون ٿا جيڪي منزل تي پھچائين. دنيا ڄاڻي، دنيا جو ڪم ڄاڻي. بس اسين اڃان به انھن قديم فڪرن ڦرھين ۾ ئي خوش آھيون ته، “اسين آدم ڪنون اڳي ھياسين آدم ساڏا ڄايا.” ٻئي ڪنھن کي نڪو ٻڏڻو آھي ۽ نڪو ئي ٻئي ڪنھن کان سکڻو آھي.