شاعرينئون

شاعري

نظم

آتم دراوڙ

شاهڪار چِتِرُ

رنگ هاريو ڪيترو،

مس ته ڳل چِٽيو هيو،

کوڙ نقش رهجي ويا،

نينَ تنهنجا دلربا

عڪس ٿي رهجي ويا،!

تُنهنجا چپ چمڻ بنا،

روز رات ٿو ڪٽيان،

پنهنجي ٻانهن جي مٿان،

تنهنجي ٻانهن ڀانئيون،

يُگ ٿيا اڃان ٻڌا،

ڪيڏا يگ ڀلا ڪٽيان،؟

رنگ هاريو ڪيترو،

مس ڳل چِٽِيو هيو،!

تنهنجي چيلهه جي لمڪ،

ديد کي ڏني سمڪ،

پهرين چنڊ جي چمڪ،

تنهنجي چيلهه کان ڳَري!

شاهڪار هي چِتِرُ،

نيٺ اڌ ۾ رهجي ويو،

نيٺ اڌ ۾ رهجي ويو…!

***

غزل

ساقي ارشاد لورڙ

خوابن جا شمشان اکين ۾

ڪيڏو آ ارمان اکين ۾

منزل ماندا خواب جڳن کان

تڙپن ڄڻ مهمان اکين ۾

هيل نه ايندو ٽٽندو ويندو

هوندو پوءِ اپمان اکين ۾

ساري ٿڌڙي آهه ڀري ٿي

لڙڪن سان سنسان اکين ۾

ٽٽندو وڌندو جڙندو رهندو

درد کڻي درمان اکين ۾

سار سنڀالي سار وساري

عجب هيو انسان اکين ۾

هاڻ جي ايندين ساڻ ئي هوندين

“ساقي” ڏي فرمان اکين ۾.

 ***

غزل

ممتاز علي ٿرواسي

پاند پوتــي ۾ پٽڪـــو لُڇي ٿو جڏهن

ڏيهه تـي ڏينهن ڏائڻ اچي ٿو جڏھن

ڪــونه ڇــالا ڇُٽا هانءُ ڀالا سَـٺا

روح هي رت ۾ رنگجي رچي ٿو جڏھن

قيد ڪيسين رهان ٿو ستم سئو سهان

من ۾ مانڊاڻ ڪـــوئي مچي ٿو جڏهن

چيٽ آهــي لٿو پيٽ خالــي اڃــــان

ڪــا رســـم روز آنڊا وڍي ٿي جڏھن

درد جا لاش آهن ڪلهي تـــــي کنيا

ديس جو دانهن ٿي سچ سڏي ٿو جڏهن

ڪونه ڪاتب ڪڏھن داغ ڌوئي سگهيو

ورق ڪــــاري ۾ تاريخ لکي ٿو جڏھن.

***

سنڌي ٻولي

وفائي بلوچ

سنڌي پنهنجي سهڻي ٻولي

مٺڙي ۽ من مهڻي ٻولي

گيت سمورا هن جا پيارا

بيت سبق سڀ سهڻا سارا

هن جي آ تاريخ پراڻي

ٻولين جي هي آھي راڻي

سنڌي ٻولي کي ٿا چاهيون

سنڌي ٻولي کي ساراهيون

جيسين دنيا دائم رهندي

سنڌي ٻولي قائم رهندي

***

غزل

وفا جانوري

مٽي منجھه گلاب ڦٽن ٿا

ڪيڏا تنهن مان خواب ڦٽن ٿا

تنهنجي چھري ڏانهن ڏسان ٿو

تنهن مان ڇا ته حجاب ڦٽن ٿا

ٿوري ڏک مان مايوسيءَ تي

ڪيڏا درد جناب ڦٽن ٿا

اندر جا احوال سلڻ سان

دل مان ڇا ته رباب ڦٽن ٿا

اونداهين مان علم جا آخر

ڪيڏا ڏس ته ڪتاب ڦٽن ٿا

اوڀر ڏي ڏس نيڻ کڻي تون

 چنڊ مان ڇا ته شباب ڦٽن ٿا.

***

نظم

رضيه کوکر

آ وري موٽي اسان وٽ شاهه تون

خالي اوطاقون ويو سارو مزو

ناھ ھت روحانيت جو ڪو جزو

ٿا ورھاين مئي کٽي ساقي ھتي

ڪونه آهي ڪوبه مشتاقي ھتي

سوز وارو ناھي ڪو باقي ھتي

درس ڏي اڄ ڪير اخلاقي ھتي

ڪراچي روشن نئين سر راھ تون

آ وري موٽي اسان وٽ شاھ تون

ياد ڪن تنهنجا سبق سھڻا سٺا

ٿي پون ھن ديس جا ماڻهوَ مٺا

شل ھجي فيض تنهنجو عام ھت

۽ نه ڪو ماڻهو رهي بي آرام ھت

پنهنجي شيشي مان ڀري ھڪ جام ڏي

سچ وفا ۽ پرت جو پيغام ڏي.

***

غزل

 فراخ جانوري

وري ڪا مرڪ مرجهائي وئي آھي،

سڄي فطرت ئي تڙپائي وئي آهي.

جھنم جي تياري ٿي رهي آهي،

وري ڪا جنگ ڀڙڪائي وئي آهي.

وري ڪا خوبصورت زندگي ڪنھن جي،

ھٿان وحشين جي مرجهائي وئي آهي.

حرامي ظالمن فرعون پارن کان،

سڄي ڪائنات ئي گهائي وئي آهي.

سھاني سنڌ ڀيلڻ لئه ڪينالن جي،

رٿا مظموم جوڙائي وئي آهي.

وسيلا سڀ ڦري غربت جي ٽياسن تي،

سدائين سنڌ ٽنگرائي وئي آهي.

وري ڪنهن جي خوشي ڪومل ڪٺي وئي آ،

وري ڪا ڪونج ڪرلائي وئي آهي.

اچانڪ جانوري دل جي ڪنول چاھت،

وڇوڙن سان وري گهائي وئي آهي.

***