شاعرينئون شاعري March 16, 2026 Zahida Abro نظمآتم دراوڙشاهڪار چِتِرُرنگ هاريو ڪيترو،مس ته ڳل چِٽيو هيو،کوڙ نقش رهجي ويا،نينَ تنهنجا دلرباعڪس ٿي رهجي ويا،!تُنهنجا چپ چمڻ بنا،روز رات ٿو ڪٽيان،پنهنجي ٻانهن جي مٿان،تنهنجي ٻانهن ڀانئيون،يُگ ٿيا اڃان ٻڌا،ڪيڏا يگ ڀلا ڪٽيان،؟رنگ هاريو ڪيترو،مس ڳل چِٽِيو هيو،!تنهنجي چيلهه جي لمڪ،ديد کي ڏني سمڪ،پهرين چنڊ جي چمڪ،تنهنجي چيلهه کان ڳَري!شاهڪار هي چِتِرُ،نيٺ اڌ ۾ رهجي ويو،نيٺ اڌ ۾ رهجي ويو…!***غزلساقي ارشاد لورڙخوابن جا شمشان اکين ۾ڪيڏو آ ارمان اکين ۾منزل ماندا خواب جڳن کانتڙپن ڄڻ مهمان اکين ۾هيل نه ايندو ٽٽندو ويندوهوندو پوءِ اپمان اکين ۾ساري ٿڌڙي آهه ڀري ٿيلڙڪن سان سنسان اکين ۾ٽٽندو وڌندو جڙندو رهندودرد کڻي درمان اکين ۾سار سنڀالي سار وساريعجب هيو انسان اکين ۾هاڻ جي ايندين ساڻ ئي هوندين“ساقي” ڏي فرمان اکين ۾. ***غزلممتاز علي ٿرواسيپاند پوتــي ۾ پٽڪـــو لُڇي ٿو جڏهنڏيهه تـي ڏينهن ڏائڻ اچي ٿو جڏھنڪــونه ڇــالا ڇُٽا هانءُ ڀالا سَـٺاروح هي رت ۾ رنگجي رچي ٿو جڏھنقيد ڪيسين رهان ٿو ستم سئو سهانمن ۾ مانڊاڻ ڪـــوئي مچي ٿو جڏهنچيٽ آهــي لٿو پيٽ خالــي اڃــــانڪــا رســـم روز آنڊا وڍي ٿي جڏھندرد جا لاش آهن ڪلهي تـــــي کنياديس جو دانهن ٿي سچ سڏي ٿو جڏهنڪونه ڪاتب ڪڏھن داغ ڌوئي سگهيوورق ڪــــاري ۾ تاريخ لکي ٿو جڏھن.***سنڌي ٻوليوفائي بلوچسنڌي پنهنجي سهڻي ٻوليمٺڙي ۽ من مهڻي ٻوليگيت سمورا هن جا پيارابيت سبق سڀ سهڻا ساراهن جي آ تاريخ پراڻيٻولين جي هي آھي راڻيسنڌي ٻولي کي ٿا چاهيونسنڌي ٻولي کي ساراهيونجيسين دنيا دائم رهنديسنڌي ٻولي قائم رهندي***غزلوفا جانوريمٽي منجھه گلاب ڦٽن ٿاڪيڏا تنهن مان خواب ڦٽن ٿاتنهنجي چھري ڏانهن ڏسان ٿوتنهن مان ڇا ته حجاب ڦٽن ٿاٿوري ڏک مان مايوسيءَ تيڪيڏا درد جناب ڦٽن ٿااندر جا احوال سلڻ ساندل مان ڇا ته رباب ڦٽن ٿااونداهين مان علم جا آخرڪيڏا ڏس ته ڪتاب ڦٽن ٿااوڀر ڏي ڏس نيڻ کڻي تون چنڊ مان ڇا ته شباب ڦٽن ٿا.***نظمرضيه کوکرآ وري موٽي اسان وٽ شاهه تونخالي اوطاقون ويو سارو مزوناھ ھت روحانيت جو ڪو جزوٿا ورھاين مئي کٽي ساقي ھتيڪونه آهي ڪوبه مشتاقي ھتيسوز وارو ناھي ڪو باقي ھتيدرس ڏي اڄ ڪير اخلاقي ھتيڪراچي روشن نئين سر راھ تونآ وري موٽي اسان وٽ شاھ تونياد ڪن تنهنجا سبق سھڻا سٺاٿي پون ھن ديس جا ماڻهوَ مٺاشل ھجي فيض تنهنجو عام ھت۽ نه ڪو ماڻهو رهي بي آرام ھتپنهنجي شيشي مان ڀري ھڪ جام ڏيسچ وفا ۽ پرت جو پيغام ڏي.***غزل فراخ جانوريوري ڪا مرڪ مرجهائي وئي آھي،سڄي فطرت ئي تڙپائي وئي آهي.جھنم جي تياري ٿي رهي آهي،وري ڪا جنگ ڀڙڪائي وئي آهي.وري ڪا خوبصورت زندگي ڪنھن جي،ھٿان وحشين جي مرجهائي وئي آهي.حرامي ظالمن فرعون پارن کان،سڄي ڪائنات ئي گهائي وئي آهي.سھاني سنڌ ڀيلڻ لئه ڪينالن جي،رٿا مظموم جوڙائي وئي آهي.وسيلا سڀ ڦري غربت جي ٽياسن تي،سدائين سنڌ ٽنگرائي وئي آهي.وري ڪنهن جي خوشي ڪومل ڪٺي وئي آ،وري ڪا ڪونج ڪرلائي وئي آهي.اچانڪ جانوري دل جي ڪنول چاھت،وڇوڙن سان وري گهائي وئي آهي.*** Post Views: 67